بيربل ۽ پهلوان

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هڪ ڏينهن اڪبر بادشاھ جي نوَ رتنن مان هڪ رتن بيربل بادشاھ کي چيو :
    ”جيستائين منهنجي علم جو تعلق آهي سڀ مرد عورتن کان مغلوب آهن، ڀل پوءِ هو اداڪاري ڪندي ظاهر ڪُجھ به نه ڪن“
    اڪبر ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين : ”توکي اها ڳالھ ثابت ڪرڻي پوندي، زماني ۾ ضرور ڪجھه اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي عورتن کان ڊنل نه هوندا. تنهنجو بيان سڀني مردن تي عام طرح لاڳو ٿئي ٿو. ان لاءِ مان توکي پنهنجا خوبصورت گھوڙا ڏيان ٿو تون سموري گاديءَ جي شهر جو چڪر هڻ. پاڻ سان گڏ ٻه ڪڪڙيون به کڻي وڃجان، جيڪڏهن توکي ڪو اهڙو مرد ملي جيڪو زن مريد هُجي ته ان کي ڪڪڙ ڏجانءِ ۽ جي توکي ڪو مرد ملي ته ان کي ٻنهي گھوڙن اڇي يا ڪاري مان هڪ گھوڙو چونڊ ڪري کڻڻ جي اجازت ڏجانءِ. اهي ٻئي گھوڙا مون وٽ موجود سڀني گھوڙن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتي آهن...“

    انهيءَ زماني ۾ گھوڙا ڏاڍا قيمتي هوندا هُئا.

    بيربل دهليءَ جي شهر جو چڪر هنيو ۽ جتي به ويو ته هن کي سوکڙيءَ ۾ سامهون واري کي ڪڪڙ ئي ڏيڻي پئي رڳو هڪ جاءِ تي هن ٿورو مشڪل پيش آئي... هڪ نهايت ئي صحتمند مرد مليو. بيربل ان کان اڳ اهڙو صحتمند مرد ڏٺو ئي ڪونه هو.. هو اس ۾ ويٺو هو ۽ پنهنجي جسم تي مالش ڪري رهيو هو.. بيربل هن کان پڇيو :
    ”ڇا تون زن مريد آهين؟“
    هن بيربل کي پنهنجو جسم ڏيکاريندي چيو ”ٿورو منهنجو هٿ ته پڪڙي ڏِس، مان توکي جواب ڏيان ٿو.“
    هن بيربل جو هٿ ايترو ته زور سان دٻايو جو هن کان رڙ نڪري وئي. پهلوان چيو : ”مون کان وري اهڙو سوال پڇندين!؟“
    بيربل توبهه ڪئي، بيربل ڏٺو ته گھر ۾ اندر هڪ نازڪ نفيس عورت ماني پچائي رهي هئي. بيربل سوال ڪيو ته : ”تنهنجي زال ڪٿي آهي؟“
    پهلوان چيو ، ”اندر ماني پئي پچائي، منهنجي زال کي ڏسي تون پاڻ فيصلو ڪر ته ڪير غالب هوندو.“

    ظاهر ۾ مدرد ۽ عورت جو بدن ڏسي بيربل چيو هوندو ته تون بيشڪ زن مريد ناهين ۽ پهلوان کي چيائين هيءُ ٻه گھوڙا آهن، انهن هڪ گھوڙو اڪبر بادشاھ طرفان تحفي ۾ قبول ڪر.. توکي ڪهڙو گھُڙو کپي اڇو يا ڪارو؟
    پهلوان همراه اندر ماني پچائيندڙ زال ڏانهن ڏٺو ۽ ان کان پڇيائين ”ڪهڙو گھوڙو کڻون اڇو يا ڪارو؟“ عورت چيو: ”اڇو“
    ان تي بيربل چيو، ”هاڻ توهان گھوڙو نه پر توکي ڪڪڙ تحفي ۾ ڏئي سگھجي ٿي. ٿي سگھي ٿو تن جسماني طاقت جو مالڪ هجين پر ان مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته تون زن مريد ناهين.“ ;):D
    __
     
    عرس پريو ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  2. Abdul Rafiu

    Abdul Rafiu
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2018
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ماشاالله هڪ تمام بهترين ڪهاڻي الله ڪندو ت توهان اهڙيون معلوماتي ڪهاڻيون هن ويب تي رکندا رهندا ته جيئن هت موجود ماڻهو ايهي پڙهي معلومات حاصل ڪن.
     
    عبيد ٿھيم ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    :p:p:p:p
    :D:D:D:D
    :):):):)
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    :D:p
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو