ايماندار

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    لکندڙ مير سردار چنڙ
    جمن هڪ غريب هاري جو پٽۡ هو جنهن جو نالو گلڻ هو جنهن کي ڳوٺ ۾ گلو نالي سان سڃاتو ويندو هو .
    گلو سڄو ڏينهن ڪمائيندو هو جنهن مان سندس گهر جو گاڏو مس هلي سگهندو هو.
    گلو جي هميشه اها خواهش هوندي هئي ته هو ڪوشش ڪري جمن کي پڙهائي ۽ جمن ڪو آفيسر ٿئي جمن بهبمون وانگر ڏکيا ڏينهن نه ڏسي ۔
    هن جمن کي ڳوٺ جي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرائي آيو جمن تمام گهڻو هوشيار هو روز اسڪول به ويندو هو پر غربت سبب هن پنهنجي تعليم اڳتي وڌائي نه پيو سگهي هن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ گهر ويهي رهيو
    ڪجه ڏينهن کانپوء گلو جمن کي وٺي وڃي هڪ دڪان تي بيهاريو جتي جمن ڪمائي پنهنجي تعليم اڳتي وڌائي سگهي
    جمن هڪ ايماندار ڇوڪرو هه هي ايمانداري سان ان دڪان تي ڪم ڪرڻ لڳو ۔
    هن کي جيڪا مزدوري ملندي هئي ان مان هي پئسا گهر ڏيندو هو ۽ ڪجهه پئسن مان پنهنجو گذرسفر ڪندو هو ۔
    هاڻي جمن سيٺ واري ڪرسي تي ويندو هو لکن جا حساب جمن پيوڪندو هو دڪان جي چاٻي به جمن وٽ هئي .
    هڪ ڏينهن شام جو سيٺ دڪان تان حساب ڪتاب ڪري گهر ويو اچانڪ سيٺ کان ڪجهہ پئسا ڪري پيا انهن پئسن تي جمن جي نظر پئي هن اهي پئسا کنيا ۽ هن کيسي ۾ رکيا
    جمن جي دل ۾ خيال آيو ته اۡ هي پئسا کڻي گهر وڃان سوري زندگي خوشي سان گذاريندس ڪمائڻ جي ضروت ئي ڪانه پوندي ايئن ڪيترا ئي سوال هن جي دل ۾ جنم وٺڻ لڳا۔
    پر هن ايئين مناسب نه سمجهو هن چيو پئسو هٿ جي مرۡ آهي اڄ آهي سڀاڻي نه هوندو ان ۽ سيٺ کي واپس ڪجن ايئين سوچي هي سيٺ جي گهر طرف روانو ٿي ويو.
    هن سيٺ جو دروازو کڙڪايو سيٺ ٻاهر نڪتو هن چيو ڪيو السلام عليڪم
    سيٺ ورندي ڏيندي وعليڪم السلام
    جمن سائين دڪان بند ڪندي اوهان جا هي پئسا دڪان کان ٻاهران ڪري پيا هئا جيڪي مان هي کڻي آيو آهيان
    سيٺ هن کان پئسا ورتا سيٺ تمام گهڻو خوش ٿيو هن جي ايمانداري ڏسندي هن کان هڪ واعدو ڪيو ته مان هاڻي تنهنجي پڙهائي جو خرچ مان پاڻ ڪندس
    هاڻي جمن جي پڙهائي جو سمورو خرچ سيٺ ڪندو هو ۽ جمن به روز اسڪول وڃڻ شروع ڪيو ۔
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو