ضراب حيدر سڄاڻ سنگت ڪي اين شاھ جون ڪاوشون ۽ ڪردار

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2018۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    هن دجالي دور, نفساسي نفسي ۽ گھٽُ ٻوسٽ جي عالم ۾ عتاب واري زندگي گهاريندڙ ماڻھن طرفان
    شعور کي اُجاگر ڪري پاڻ ملهائي اڳڀرا رهن ٿا
    جيڪي هميشه محبت جو پيغام عام ڪري شعوري عملن سان فلاحي ۽ بهبود لاء ڪوششون ڪري اونداهين ۾ ڌڪيل سماج کي روشنين جي طرف ڪڍي اچڻ لاء جنگ جوٽن ٿا اگر غور فڪر سان سوچي ڏسجي ته اهو عمل روشن خيال ماڻھن لاء اُتساهيندڙ ۽ ساراھ جوڳو آھي اهو شعور تعليم کان وٺي عالم انسانيت خلق خدا جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ محبت جون محفلون رچائي دنيا تائين انسانيت, ڀائيچاري , ايڪي , امن ۽ محبت جو پيغام عام ڪري پنهنجي رهڻي ڪهڻي رنگ ڍنگ جو معيار بهتر بڻايو وڃي پيو, ها ايئن ئي ٿوري ٽائيم ۾ اڀري ايندڙ تنظيم ,,سڄاڻ سنگت,, ڪي اين شاھ سٿ طرفان,عالم انسان,تعليم جي واڌاري سڌاري,بيسهارا ماڻھن جي سار سنڀال لهڻ, جيجل ماءُ سنڌ جي ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ , جاکوڙي ۽ کاهوڙي ڪردارن کي هڙان وڙان ڪري مڃتا ايوارڊ سان نوازڻ سان گڏوگڏ خلق خدمت ڪرڻ لاء پروقار طريقي سان ڪوششون ڪري پنهنجو انساني توڙي قومي فرض نڀائي رهيو آھي, جهڙي ريت ڊسمبر جي مهيني ۾ مختلف تنظيمن سياسي, سماجي , سنڌي پرنٽ ميڊيا يا سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا طرفان اعلانيل ثقافتي ڏھاڙي جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو ته هر شھر واهڻ وستي ڳوٺ ۽ گهٽين ۾ اهو ڏھاڙو زوق ۽ شوڪ سان ملهايو ويو ته اهڙي ريت سڄاڻ سنگت طرفان به منفرد طريقي سان (سڄاڻ سنگت مچ ڪچهري)جي عنوان سان ثقافتي ڏينهن ملهائڻ لاء شاعرن , اديبن , فنڪارن , جڳ مشھور سگهڙن ,ليکڪن , پروفيسرن ,استادن صحافين , وڪيلن ۽ معزز شھرين توڙي نوجوانن کي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جو ڪٺ ڏنو ويو هو جيڪي شامل ٿي مچ محفل جي ڪچهري کي ويتر بهترين رنگن سان رنگي ڇڏيو سڀني معتبر انسان دوستن پنهنجا گُر ۽ جوهر ڏسيا جنهن سبب عام ماڻھن جا زندگي ڀر وارا ٿڪ ڄڻ لهزي ۾ لهي ويا هجن سياري جي رات ٿڌ ۾ واڌ ۽ مچ به مچندو رهيو ٽوپي اجرڪ پٽڪي سان محفل ۾ ويٺل ساڃاھ وند ماڻھن کي ويتر مزو ايندو رهيو پرھ ڦٽڻ ۽ آفتاب جي لهڻ تائين پنڊال ۾ ويٺل دوست ,,هو جمالو وهوا جمالو,, جي ثقافتي گيت ٻڌڻ سان مست مدهوش ٿي فقراهي لڏي وانگر جهومندا رهيا, انکانپوء ستت وري ساڳي تنظيم جي نوجوان سٿ جي ساٿين پنهنجي شھيدن جي شھر جو مهان شاعر دادو ضلعي ۽ خيرپور ناٿن شاھ تعلقي سان تعلق رکندڙ بهترين مزاحمتي , انقلابي ۽ غزلن جي بادشاھ نامياري شاعر وفا ناٿن شاھي جي ٻارهين ورسي جي حوالي تمام زبردست محفل ڪوٺائي عام او خاص دوست معززين کي وفا جي ورسي گڏجي ملهائيڻ لاء محفل کي رونق بخشڻ ۽ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء محبتي ميڙي معتبر شاعر غزل جي بادشاھ ليکڪ جي تصويرن مٿان گلن جا هار چاڙھي گلابن جي پتين سان نڇارو ڪرڻ کانپوء ڏيئا روشن ڪري سندس جي شاعري ۽ غزل پڙھي ڀيٽا پيش ڪيو ويو ان کانپوء ھرهڪ وفاناٿن شاهي طرفان گذاريل پل ۽ زندگي بابت ڳالهايو, سڄڻ ۽ ساڻيھ اڻاسي وسرن , هيف تنئي کي هوء جني وطن وساريو, سڄاڻ سنگت جي ڳالھ هلي ۽ (جهڙي سنڌ تهڙي سيتا )ڪتاب جي تخليقار نوجوان شاعرمحترم سائين منظور سيتائي کي وسارجي ته ساڻس شخصيت ۽ تنظيم سان سخت بيواجبي هوندي سو تازو ئي محترم سائين منظور سيتائي جي تخليق ٿيل ڪتاب جو سموري سنڌ ۾ مهورتي محفلون مچنديون رهيون پر هن تعلقي جا علم , ادب ليکڪ توڙي جو تعليمي ادارن جا دوست تڏھن به اگھور ننڊ ستل هيا ته تنهن ۾ به ٻي تنظيم سميت سڄاڻ سنگت ڪي اين شاھ طرفان شھر جي سلجهيل, سوڀر۽پنهنجي تعلقي جي محبوب شاعر کي سندس ئي لکيل جهڙي سنڌ تهڙي سيتا ڪتاب جي مهورتي محفل لاء ماڻھن کي ميڙي تاريخ ۾ پنهنجو نالو سربلند ڪيو, انکان علاوه تعليم جي حوالي سان پٺ تي پيل ڪيترن ئي علائقن ۾ تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاء سرگرميون سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ غريب مسڪين ۽ بيپهچ ماڻھون جيڪي مفلسي واري زندگي گهاري رهيا آھن ته انهن سان مدد جي سهڪارڪرڻ ۽ تعلقي جي محنتي ڪردارن ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ وارن لاء مڃتا ايوارڊجون تقريبون ڪوٺائي سندس همت افزائي ڪرڻ لاءڪوشان ۽ گامزن آھي,,,,

    حميدشڪيل
     
    منظور ڪلهوڙو، نثارابڙو ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو