امير پير شهر کي تفريح پارڪ ڏيو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    امير پير شهر کي تفريح پارڪ ۽ صاف پاڻي ڏنو وڃي

    امير پير شهر امير پير راجل وير درگاه جي نالي سان مشهور آهي هي شهر سيدن جو شهر به سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو ڇو ته هتي سيد سڳوران جا گهر تمام گهڻي تعداد ۾ آهن ۽ انهن جو اثر و اصول هنن علائقي واسين تي تمام گهڻو پوري پاڪستان ۾ ڃاتل سڃاتل شخصيت تمام گهڻي مشهور عالم دين سيد امير محمد شاه جو اسم به مبارڪ به آهي امير پير شهر ڪم و پيشت هڪ لک جي آبادي تي مشتمل هي دادو شهر کان اٽڪل 20 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي هي درگاه نهايتي مشهور و مقبول آهي هن درگاه تي علائقي واسين مسلمان عقيدت مندن جي تعداد سان گڏو گڏ هندو ,ديوان يعني ته هر مذهب هر فرقي هر مرتبي فڪر جي ماڻهون جو تمام گهڻي تعداد نظر ايندو آهي هن درگاه تي روڳو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نه پر انڊيا هندوستان مان وڏي تعداد و ڪسير ۾ عوام جي اچ وڃن هوندي آهي هن درگاه تي هر اسلامي مهيني جيء پهرين آچر تي سهايو آچر ملهايو ويندو ۽ اهو تمام گهڻو مشهور آهي جتي دوڪانداري کان علاوا محفلن جا مختلف رنگ سجايا ويندا آهن, ۽ هر سال جي جنوري ۽ فيبروري جي وچ ۾ درگاه امير پير راجل وير جو عرس ملاهيو ويندو آهي جيڪو ٽين ڏينهن تائين هلندو آهي هن امير پير شهر ڏي تمام گهڻي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي هتي وڏو سئلو پاڻي جي صفائي جو آهي جيڪي ٻاهران عوام اچي ٿي انهن کي تڪليف ٿئي ٿي , ۽ خاص ڪري ضرورت تفريح پارڪ جي آهي ڇو ته هتي ڪيتريون ئي روزانو فيمليون خاندان پري پري کان ڪهي اچن ٿا زيارت لاء جن سان معصوم ٻارڙا وڏي تعداد ۾ هوندا آهن انهن لاء هڪ پارڪ جي سخت ضرورت آهي ان لاء اسان اوقاف کاتي جي وزير ۽ وزيري اعلا سنڌ سيد مراد علي شاه صاحب کي پر زور اپيل ٿا ڪيون سائين هي سيدن جو شهر آهي ۽ هتي الله جي ڪامل ولين جون درگاهون آهن هتي هڪ تفريح پارڪ ڏنو وڃي ۽ مسافرن لاء صاف جو بندوبست ڪيو وڃي,
    ---------------------------------------------------------------------------------- اصغر علي جمالي / دادو سنڌ
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو