هڪ خط ڊاڪٽر بلوچ جي پوٽي ڏانهن ڊاڪٽر بلوچ جي سو سالا سالگره جي موقعي جي مناسبت سان

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2018۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    [​IMG]


    اسلام عليڪم منهنجا پيارا ڀاء محترم محمد ارشد بلوچ صاحب

    ڀاء منهنجا اميد ته خير خيريت سان هوندا،

    احوال هن ريت آهي ته توهان جو موڪليل ڪتاب سڄڻن کي ساريوم، ڪالهه تاريخ 11.01.2018 تي مون کي پنهنجي گهر جي ائڊريس تي مليو، ۽ زندگي جو اهيو پهريون ڪتاب آهي جيڪو ڪراچي ۾ مون کي ڊاڪ رستي پنهنجي گهر ( فليٽ ) جي ائڊريس تي وصول ٿيو، جنهن ڳالهه جي پڻ الڳ هڪ خوشي آهي،

    ڇاڪاڻ ته هي گهر مون کي 2016 ۾ مليو آهي، باقي مون ڪراچي ۾ ڪرائي جي گهرن ۾ ايترا سال گذاريو آهي، جيڪو پڻ رب جو ڪرم احسان ۽ نوازشون آهن.

    جنهن جو مان جيترو شڪر ڪريان اهو گهٽ آهي، پنهنجو گهر هڪ وڏي نعمت آهي، خاص ڪري ڪراچي جهڙي شهر ۾

    ادا ڪتاب ماشاءالله سان تمام وڏي ۽ سٺي سائز جو ڪتاب آهي، ۽ جنهن ۾ 155 ماڻهن ڏانهن تقريبن 600 خط لکيل شامل آهن،جنهن ۾

    سنڌ جي عالمن، اديبن، محققن شاعرن حڪيمن سگهڙن ۽ علم دوستن ڏانهن لکيل خط تمام سهڻي انداز ۾ ۽ ترتيب سان شامل ڪيا ويا آهن ڪتاب ۾ منو صدي پراڻو (1933 جو ) ڊاڪٽر صاحب جو هڪ خط جيڪو پنهنجي چاچي ولي محمد صاحب ڏانهن شاگردن واري زماني ۾ لکيل آهي اهو پڻ شامل ڪيو ويو آهي، ۽ ان ڳالهه مان شيون سنڀالي رکڻ جو هنر سکڻ گهرجي.

    ۽ هڪ هڪ خط ۾ تمام سهڻو انداز بيان ڪيو ويو آهي،

    ادا محمد ارشد بلوچ صاحب توهان واقعي جس جي لائق آهيو جو هيڏو وڏو ڪم پنهنجي هٿن ۾ کڻي ۽ مڪمل ڪيو آهي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رح صاحب جا لکيل خط گهرائي گڏ ڪيا آهن ۽ انهن کي ڪتابي صورت ۾ هميشه هميشه لاء محفوظ ڪيو آهي، ۽ اهيو هڪ وڏو سرمايو هو، جيڪو صدين تائين پيو اسان جي سنڌ جي علم دوستن کي ڪم ايندو،ڪاش ائين سنڌ جي هر عالم اديب مهقق شاعر جا خط محفوظ ڪيا وڃن.

    ادا ڊاڪٽر صاحب جي سو ساله سالگره جي موقعي تي هن ڪتاب سڄڻن کي ساريوم کي سامهون آڻي توهان سنڌ مٿان تمام وڏو احسان ڪيو آهي،اهڙا سرمايه وڏي محنت سان محفوظ ٿئي سگهندا آهن.

    جنهن لاء همت طاقت، شوق، محبت، ۽ ولولو هجڻ ضروري آهي، جيڪا ڳالهه توهان ۾ واضع نموني نظر اچي ٿي، اميد ته توهان ڊاڪٽر صاحب جي ٻين رهيل تحريرن کي به ڪتابي شڪل ڏئي ڪري هميشه هميشه لاء محفوظ ڪري ڇڏيندا انشاءالله.

    ڀاء منهنجا اسان جي آفيس جي سالانه ڪولزنگ جي مجبورين جي ڪري ۽ زندگي جي ٻين مجبورين جي ڪري مان سو ساله سالگره واري پروگرام لاء حيدرآباد اچي نه سگهيس، باوجود توهان جي دعوت جي، سو ان لاء مون کي افسوس آهي، ۽ جنهن لاء مان توهان کي پڻ معذرت به ڪريان ٿو،

    ادا ڪتاب جو مون دل جي گهرائي سان مطالعو ڪيو آهي، شايد ان جو ڪارڻ منهنجي موڪل هجڻ آهي، ادا مان ڪجهه ڏينهن آفيس مان موڪل تي آهيان، جڏهن ته هنن ڏينهن ۾ منهنجي پٽ جي طبيعت پڻ تمام خراب هئي، جنهن جي ڪري پڻ مان پريشان هئس، ۽ سندس جي ڪري اسپتالنن ۾ ڀڄ ڊڪ به ڪرڻي پوي پئي، مگر ان جي باوجود مون هن ڪتاب کي تمام وڏي شوق سان پڙهيو آهي، ۽ هڪ هڪ خط جو مطالعو ڪيو اٿم

    ادا مون هميشه ڏٺو آهي ته ڊاڪٽر صاحب ڪنهن جي خلاف ناهن لکندا، مگر خطن ۾ ڪجهه ماڻهن جو ڏک ڪڍيو اٿن ته انهن سندس ڪم ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون وڌيون ۽ کيس مختلف الفاظن سان سڏيندا رهيا، مگر ڊاڪٽر صاحب پنهنجو ڪم ڪندا رهيا، ۽ الحمدالله پاڻ زندگي جي هر شعبي ۾ ڪامياب رهيا، ۽ سندن ڪم صديون ياد رکيو ويندو،

    ادا ڊاڪٽر صاحب کي ته سنڌ جو ٻچو ٻچو بلڪه دنيا ۾ رهندڙ هر هڪ سنڌي سڃاڻي، مگر پوء به ڪتاب جي سونهن وڌائڻ لاء ڊاڪٽر صاحب جو شروع ۾ ڪجهه تعارف ڏنو وڃي هان ته بهتر ٿئي هان، اهيا منهنجي خواهش سمجهو يا صلاح


    ادا ڪتاب ۾ منهنجا ته صرف چار خط آهن، مگر مون لاء اهيا هڪ وڏي خوشي آهي جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا مون ڏانهن لکيل خط آهن، ۽ ڪتاب ۾ سڀ کان وڌيڪ خط جناب حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو صاحب جا آهن، جنهن کانپوء ڊاڪٽر عبدالحي ابڙو صاحب جا آهن،

    ادا بڙو صاحب سان ڊاڪٽر صاحب جا ماهوار السنڌ رسالي جي حوالي سان پڻ خط لکيل آهن، ۽ تمام سٺا علمي ادبي خط آهن، خطن ۾ علمي ادبي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون آهن. ادا ابڙي صاحب سان منهنجي به پراڻي سلام دعا آهي، منهنجي خيال ۾ 1997.98 کان به اڳ جي، جڏهن مان سندس رسالي السنڌ اسلام آباد جو ميمبر ٿيو هئس، ۽ کيس سان ان وقت کان خط و ڪتابت پڻ هلندڙ هئي، ۽ سندس جا ڪيترائي خط مون وٽ پڻ محفوظ آهن،

    ڪافي سال ٿيا آهن جو ابڙي صاحب سان ڪو رابطو ناهي رهيو، نه خطن جي رستي، نه ڳالهه ٻولهه رستي، نه وري رسالي جي رستي ............منهنجي خيال ۾ ابڙي صاحب اهو ماهوار سالو السنڌ( جيڪو هوندو ته ماهوار هو مگر ڪڏهن به مقرر ٽائيم تي نڪري نه سگهندو هو ) ڪڍڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، باقي جيسيتائين رسالو نڪرندو رهيو تيسيتائين جا مون وٽ رسالا موجود آهن ۽ محفوظ آهن ۽ انهن رسالن ۾ به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ڪجهه خط شايع ٿيل آهن.

    ڊاڪٽر ابڙي صاحب سان منهنجي 2001 ۾ سندس گهر جي دروازي وٽ اسلام آباد ۾ پڻ ملاقات ٿيل آهي، انهن ڏينهن ۾ پاڻ ڪجهه دوستن سان گاڏي ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا، انهن ڏينهن ۾ موبائل فون عام نه هئي جو ان جو فائدو وٺي سگهجي هان.ابڙو صاحب ذاتي زندگي ۾ مون کي خشڪ مذاج جو ماڻهون لڳو،.جيئن ڪجهه مولوي هوندا آهن. شايد مان غلط به هجان

    ادا منهنجا خط هن ڪتاب ۾ 434 صفعي تي شروع ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ منهنجو تمام مختصر تعارف پڻ ڏنل آهي، ۽ هن ڪتاب جي صفعي نمبر 435 تي ڊاڪٽر صاحب هڪ خط ۾ هڪ جملو لکيو آهي ته ... اميد ته اوهان پنهنجي حياتي ۾ مليل خط سڀ سنڀالي رکندو.. ۽ هي جملو انڊر لائين ڪيو ويو آهي،، سو ادا الله جا ڪرم آهن ته مون وٽ تمام عالمن اديبن شاعرن ليکڪن، ۽ ذاتي دوستن جا تمام خط مون وٽ محفوظ آهن، ۽ اگر مون به خط لکيا آهن ته انهن جي به ڪاپي مون وٽ محفوظ آهي،زندگي موقعو ڏنو ته انهن تمام خطن کي پڻ ڪتابي شڪل ڏني ويندي، ۽ انهن خط کي محفوظ ڪيو ويندو،

    ڊاڪٽر نبي بخش خان پهريون عالم آهي، جنهن سنڌ کي اهي سڀ شيون ڏنيون، جن جي سنڌي قوم کي ضرورت هئي.

    ڀاءُ منهنجا هڪ ٻيو عرض ته مون اهيو ڪڏهن به ناهي ٻڌو ته ڊاڪٽر صاحب ڪا پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي هجي، ڇا واقعي ائين آهي، يا ڊاڪٽر صاحب جي ڪا آتم ڪهاڻي آهي، مگر منهنجي علم ۾ اڃان نه اچي سگهي آهي،

    جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب جو مڪمل ڪتاب ڄاڻ هيرن کاڻ پڻ مون وٽ موجود آهي، مگر ان ۾ سندن ڪا آتم ڪهاڻي ڪانهي، بس سندس جون روح رهاڻيون، ڪچهريون، يادگيريون وغيره آهن

    ادا مطلب ته ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي، ۽ ڪتاب پڙهڻ سان ان وقت جي ڪافي علمي ادبي ڳالهين جي پڻ سڌ پوي ٿي،سندن جي هڪ هڪ خط مان اسان جي علم ۾ اضافو پيو ٿئي، ۽ سندس جي خطن مان سنڌي ڪافي الفاظن جي معني ۽ مطلب پڻ معلوم ٿيو،


    ادا توهان جا لک قرب، لائق جو توهان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري هي ڪتاب ڊاڪ رستي موڪلي ڏنو آهي، جنهن لاء مان توهان جو ٿورائتو آهيان، دعا آهي ته الله توهان کي هميشه خوش رکي ۽ اسان جو هي قرب محبت جو علمي ادبي واسطو ۽ تعلق عمر ڀر قائم رهي آمين.

    ادا ٻيو هڪ نمائڻو عرض ته توهان هڪ هي به وائدو ڪيو هو ته توهان ڏانهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اداري جا ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ توهان ڏانهن موڪليا ويندا، سو اگر توهان موڪلي سگهو ٿا ته مهرباني، ۽ اگر توهان موڪلي نه ٿا سگهو تڏهن به توهان جي مهرباني، ڪا ڳالهه نه آهي، بس توهان جا قرب گهرجن

    اوهان جي دعائن جو طالب ۽ دعاگو

    ممتاز علي وگهيو ولد غلام مصطفه وگهيو​
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مان شيون سنڀالي رکڻ جو هنر سکڻ گهرجي.

    اسانکي شيون سنڀالي رکڻ جو هنر لازمي سکڻ کپندو آهي ۽ ان لاءِ اُتساھ به پيدا ڪرڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو