هٽلر صفت محبوبا

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    تاريخ جا ڪارندا هٽلر کي انتهائي ڌڪارت واري نظر سان ڏسن ٿا ڇو تہ هٽلر انساني ناروا سلوڪ ۽ سوز اختيار ڪري الاءِ تہ ڪيترا بي گناه فرد ماريا هيا، جنهن سبب تاريخ کيس اڄ بہ گنگهار تصور ڪري ٿي ۽ سندس شخصيت کي منفي طور ٻين آڏو پيش ڪري ٿي، پر اگر جي ٿڌي دماغ سان غور ڪجي تہ هٽلر جي مچايل تباهي کان پو۽ هلٽر واري ان ساڳي مچيل مانڌاڻ کي تسلسل يا رواني جنهن عنصر بخشي آهي سي آهن هٽلر جهڙيون اسان توهان جون محبوبائون

    ڪڏهن سندس بي رخين توڙي تلخ بازين تي غور ڪيو اٿئو ؟
    يقينن جواب هوندو نہ
    آخر غور بہ توهان ڇو ڪندا، عاشق جو سڏايو ٿا
    عاشق تہ اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهن، اچو تہ اڄ انهن ٻوٽل اکين سان سندن اڀياس ڪريون

    اسان توهان جون محبوبائون جن کي ڪنهن بہ قدر توڙي قيمت تي اسان جون مجبوريون توڙي آزيون نيازيون قبول ناهن، جن جي ازلي انا برف وانگر ڪنهن هڪ خواهش تي ڄمي بيهي رهڻ واري ضد اسان جهڙن مسڪينن ۽ ڪمزور دل عاشقن کي لوڙهي ٿيون وجهن، جن جي خواهشن جي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندڙ فهرست اسان جي خواهشن جو ٻيڙو ٻوڙي ٿيون ڇڏين، جن جي بي رخي اسان نفيس طبعيت عاشق مزاج رکندڙ فردن کي خزان جي موسم ۾ اڻ مڌائتو پهچائي ٿيون ڇڏين، ڀلا اهڙن کي اڃا بہ هلٽر سان نہ ڀيٽيون

    پنهنجي من اندر جهاتي پائي ڏسجي ٿو هر هنڌان سندن ڪلورن جا ڪريل ڪوٽ نظر اچن ٿا، اسان طرفان کين آڇيل گلاب جا گل ڪاري ڪوئلي وانگر سڙيل ڪنهن ڪنڊ ۾ لڀن ٿا، سندن روايتون ۽ ريتون بي بها ۽ مهانگا محسوس ٿين ٿا انهن جي برعڪس اسان جون وفائون سندس ڪتابن ۾ جفاعن جي عنوانن سان تحرير ٿيندي پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، ڪنهن در وڃجي ؟ ڪنهن در دانهن ڏجي؟

    اسان ڪي ئي ساعتون سندن رستن تي نماڻا نيڻ کڻي کين هڪ پل لاءِ پسڻ لاءِ اُس جهٽيو ٿا ۽ وري محبوب ايڏا مغرور جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هار سينگار ۾ لاهيو ڇڏين، هيڏان اُس ۽ تتل زمين جي واري اسان جا ترا ڪڍيو ڇڏي، وري مٿان ستم ظرفي اِها ” پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي“ جهڙا ٺٺول ڪري اسان جي ششي جي ٺهيل دل جا پرزا پرزا ڪريو ڇڏين، اڃا ڏوھ اسان عاشقن ڏي

    اسين عاشق زهر پياڪ مڙئي پيا سندس ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ دل خوش ڪريون ۽ وري مٿان هٽلر صفت محبوبائون بہ پنهنجي وسان ڪين ٿيون گهٽائين هر روز نئو غم توڙي ستم پارسل ڪري موڪلين پيون.
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سڙيل ٿو لڳي همراه

    هههههههههههه
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه

    هههههههههههه
    اهڙي تہ ڪا ڳالھ ناهي مٺا
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    توهانجي ستم ظريفي تي اسانکي ڏک ضرور ٿئي ٿو ادا
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    باقي محبوبن جو ته ڪم ئي ماڻا ڪرڻ آهي ، ڀلا ناز نخرا هار سينگار ڪجل مساڳ محبوب نه ڪن ته ٻيو ڪير ڪري؟
     
    عرس پريو ۽ يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    شل نه ڀُتي ڀاڻ کي باھ لڳي
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  7. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    منهنجي ستم ظرفي وري ڪهڙي ادا ؟
     
  8. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    محبوب پاڪ ماڻا ڀلي ڪن پر عاشقن کي ٽانڊا تہ نہ ڏين ني
     
  9. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    بيشڪ سائين
     
  10. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هٽلر صفت محبوبن اڳيان اوهانجي بي وسي
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سسئي هڪ عورت هئي ۽ سسئي جيان اگر هر عاشق هجي ته هوند اهي ڏينهن نه ڏسڻا پون
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  12. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ههه
    ههههههههه
     
  13. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    بلڪل سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو