ايم ڪيو ايم ؛ مسخريون ۽ مونجھارا.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اڄ ڪلهه ماشاءالله ملڪ جي جنهن به سياسي منظر تي نظر موڙجي ٿي ته مزا ئي مزا لڳا پيا آهن. اهڙيون خيرن ڀريون خبرون ڪنهن ڀاڳ ڀرئي عوام جي حصي ۾ ئي اچن ٿيون.اهڙو ئي هڪڙو سياسي تماشو بڻيل ايم ڪيو ايم سڳوري به آهي. پهرين ته اها پروڙ ئي نٿي پوي ته اصل ايم ڪيو ايم آهي ڪهڙي؟ هڪڙا خليفا پنهنجي سياسي پير سان لنڊن واري اوطاق ۾ ويهي مکيون ماري رهيا آهن.پير سائين هن وقت ڪهڙي ڪيفيت ۾ آهي،اهو پتو پوريء طرح شايد سندس خاص خليفن کي به نه هجي .ڇوته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پير سائين جلوتن ۾ جيڪي جلال جا جوهر ڏيکاريندو رهيو، اهي اڪثرجوهري بم بڻجي سندس جماعت مٿان اهڙا ڪريا جو“ نه رهي گا بانس نه بجي گي بانسري” وارو فارمولا الائي پورو ٿيو يا نه البت ان بانس مان ايتريون ته بانسريون ڄايون جن جي منهن ۽ پڇ جي به خبر نٿي پوي.اهو بانس جنهن به مٿي تي پورو ٺهي ٺهڪي نازل ٿيو ان جي دماغ جا ٻارهن ئي طبق روشن ٿي ويا.ڪن پاڪستان جو ترانو ڳائڻ شروع ڪري ڏنو ته ڪنهن پاڪستان جي جھنڊي کي ئي کڻي پنهنجي نئين ڄاول پارٽيء جو جھنڊو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.اهڙيء طرح “پاڪ سرزمين شاد باد” ٿي ويئي.سو پيرسائينء جي انهِي جلوت آرائي جيڪي جلوا وکيريا تنهن طوفان کي هميشه لاء چانهه جي پياليء ۾ ئي دفن ڪري رکڻ جي پاليسيء تحت باقي رهيل همدردن مان جن وٽ به عقل جي ڪا چپٽي بچيل رهجي ويئي هئي تن پيرسائينء کي خلوتن جو مزو ماڻڻ جو مشورو ڏيندي اها وينتي ڪئي ته قبلا! پنهنجا اهي قهري تيرهاڻي پاڻ وٽ ئي سنڀالي رکو جو في الحال انهن جي ضرورت نه رهي آهي.ويچاري درويش صفت فاروق ستار کي به اوچتو سندس ضمير جي دهل تي اهڙو ته زور سان ڪو ڏونڪو لڳو جو “گو ذرا سي بات پي برسون ڪي ياراني گئي” جي مصداق هڪ ڏينهن هڪ اونهي سوچ ۾ غوطا کائيندي کائيندي نيٺ ان نتيجي تي پهتو ته ڀائي صاحب واريون سموريون گھربل صفتون منجهس اندر به ته اتم درجي موجود آهن ته پوء جيڪر ڀائي صاحب لنڊن جي اوطاق مان ويهي ايم ڪيو ايم جي ڏور ڇڪي سگھي ٿو ته آخر هو پاڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو هيندل ڇو نٿو هلائي سگھي؟ پر هو اهو اعلان ڪري ته ڪيئن؟ ڪارڪنن پاران ايندڙ ردعمل جو خوف ٿيو پنهن جي جاء تي، پرهن کي پنهنجي قائد هئڻ تي پنهنجي اندران ئي يقين نٿي آيو.سو هڪ رات اهڙي به آئي جڏهن صاحب موصوف کي بهادر بنائڻ واري “باقائدي عمل” مان گذاريو ويو ۽ سندس ڏڪندڙ ٽنگن ۾ هٿرادو اسٽينڊ لڳايا ويا جنهن کان پوء اها رات ۽ اڄوڪو ڏينهن فاروق ستار پيرسائين جا عطا ڪيل سڀ ٽين ٽپڙ ڪٺا ڪري پنهنجي بشيٽ جي اندرئين کيسي ۾ وجھي ڇڏيا ۽ سڀني کي خبردار ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي قانوني ملڪيت جا سمورا ڪاغذ هن جي ان وهاڻي ۾ سبيل آهن جيڪو وهاڻو هو هروقت پاڻ سان گڏ کڻي ڦرندو رهي ٿو، موصوف ايم ڪيو ايم جو قانوني مالڪ يا وارث ته ٿي ويو پر خبر ناهي ته هو اها وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ وصيت نه سمجھي سگھيو ته اصل ايم ڪيو ايم صرف هڪڙي آهي جيڪا لنڊن واري پيرسائينء جي آهي.اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هيترو عرصو ايم ڪيو ايمي لڏي سان گڏ گذارڻ باوجود هو ان حقيقيت کي نه سمجھي سگھيو هجي!پر هن ويچاري سامهون ٻيون به ڪيئي سخت حقيقتون سر کنيو بيٺيون هيون انهن کي ڇا ڪري!نتيجو اهو نڪتو جو ايم ڪيو ايم نه تتر رهي نه ٻٽير.فاروق ستار هن وقت “ نه ادهر ڪي رهي نه ادهر ڪي” انهيء ڪري ايم ڪيو ايم ۾ جڏهن به ڪنهن اهم فيصلا سازيء جو مرحلو اچي ٿو ته ڪوبه آواز ڪنهن سر سان نٿو ملي.هرڪو ڀانت ڀانت جون ٻوليون ٻولڻ شروع ٿيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ موجود ڀائي صاحب جا اصل وارث پنهنجي طاقت مڃائڻ ميدان ۾ لهيو پون.جنهن ڪري مجبوريء وچان فاروق ڀائيء کي استعفا ڏيڻ ۽ بار بارماء کي وچ ۾ آڻڻ جهڙا مختلف سياسي ڊراما ڪرڻا پون ٿا.اهي جن به هن سياسي فلم جو اسڪرپٽ لکي، فاروق ڀائي حوالي ڪري،اهو يقين ڪري ويٺا ته هاڻي ڀائي صاحب جي سياست سنڌ جي وڏن شهرن مان ختم ٿي ويئي انهن لاء صرف اهو ئي چئي سگھجي ٿوته “ ڪتني حسين اهل مروت ڪي ڀول هي،“اها جماعت جنهن جي پيڙه ۾ صرف نفرتن ۽ تعصب جو لوهه ڀريو ويو هجي،۽ جنهنجي ووٽرن کان ووٽ انهن کي ملڪ جي ٻين آبادين کان ڊيڄاري ورتا ويندا هجن،اها جماعت پنهنجي نالي سان جيڪر رڳو پاڪستان جو لفظ وڌائي مڪمل طور تي پنهن جي فاشسٽ پاليسين ۽ نظرين تان به هٿ کڻي سگھي ٿي ته اهڙي ساده دليء تي حقيقيت ۾ صدقي ٿيڻ لاء دل گھري ٿي.هن وقت سينيٽ جي ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم اندر جيڪو مانڌاڻ متل آهي اهو ڇا ٿو ظاهر ڪري؟اهو ئي ته فيصلا فاروق جا نه پر ٻئي ڪنهن جا هلندا.جيڪر فاروق کي پنهنجا فيصلا هلائڻا آهن ته پوء هن کي انهن ماڻهن جو مان مثانهون ڪرڻو پوندو جيڪي اڄ به سبح سانجھيء لنڊن جي سياسي پير کان دعائون حاصل ڪن ٿا.ان سڄي کيل ۾ قصور ان عوام جوبه آهي جن پنهنجي سياسي تقدير رهبرن بدران رهزنن حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن سبب انهيء بدبودار ۽ زهريلي سياست جي اسرڻ،جاري رهڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ معاون ۽ مددگار بڻيا آهن.انهيء کان سواء اهي سياسي اسڪرپٽ رائيٽر به ان الميي جا اوترائي ذميوار آهن جن سياسي ناانديشين يا ڪجھه طبقن سان دشمنيون نڀائڻ لاء ان قسم جي غيرفطري سياست،تنظيمن ۽ گروهن جي سڌيء يا اڻ سڌيء طرح سرپرستي ڪندا آيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ڪنهن نه ڪمزوري ۽ عوام ڪنهن نه ڪنهن المييي جو شڪار ٿيندو رهيو آهي.

    ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ اڳوڻي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد جي هڪ تازي ڇپيل انٽرويو موجب سندس گورنر شپ جي لاء لنڊن ۾ الطاف حسين سان رابطو ڪيو ويو،رابطو ڪندڙ ٻيو ڪو نه پر ان وقت جي آئي ايس آئي سربراهه جو نائب ميجر احتشام ضمير هو جيڪو سندس استقبال لاء هوائي اڏي تي به موجود هو.عشرت العباد جي چوڻ مطابق هن ٿورڙي عرصي ۾ طاقتور ڌرين جو ايترو ته اعتماد حاصل ڪري ورتو جو هو اهڙين گڏجاڻين ۾ به اڪيلو موجود هوندو هو جتي صرف فوجي هوندا هئا.ڊاڪٽر عشرت جي چوڻ مطابق هن جي جڏهن جنرل پرويز مشرف سان پهرين ملاقات ٿي ته جنرل کانئس ميجر ڪليم جي قتل بابت سوال ڪيو ته ان معاملي سان ايم ڪيو ايم جو ڪهڙو تعلق هو؟ ڊاڪٽر عشرت جي چوڻ مطابق هن اهو جواب ڏنو ته هنن جو ان معاملي سان ڪو تعلق نه هو.ساڳئي انٽرويو ۾ ڊاڪٽر عشرت العباد هڪ واقعو بيان ڪري ٿو ته هو جڏهن پرويز مشرف سان ملڻ لاء پهتو ته اتي آئي ايس آئي سربراه جنرل احسان،ايم آئي سربراه نديم تاج ۽ ٻيا به ڪيترائي اعليٰ فوجي عملدار موجود هئا.ڊاڪٽر عشرت العباد جي چوڻ مطابق جنرل مشرف هن کان پڇيو ته هنن جي جماعت وچين طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ هيٺين طبقن جي بهتريء لاء ڪم ڪري رهي آهي ته پوء اوهان جي جماعت ماڻهن کي تشدد جو نشانو ڇو ٿي بنائي؟جنهن تي عشرت العباد جي لفظن ۾ هن سندن سامهون هي شعر پڙهيو

    “ خدا جب حسن ديتا هي،نزاڪت آهي جاتي هي.“

    جنهن تي اتي موجود سمورا عملدار مشرف سميت ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا.ٿورو اندازو لڳايو اسان جي حڪمران اشرافيا جي سنگدليء جو تشدد ، قتل ۽ غارت گريء کي “نزاڪت” جو نالو ڏنو پيو وڃي ۽ ڏوهن جي اهڙي دليراڻي اقرار تي لعنت ملامت ڪرڻ بدران تهڪ ڏيئي داد ڏنو پئي ويو. سو جيستائين ان قسم جون خودغرضيء واريون پاليسيون مستقل بنيادن تي تبديل نٿيون ٿين. جيستائين مهاجر ڪارڊ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ کيڏبو رهبو،انهيء سياست جو اهوئي رنگ ۽ روپ جاري رهندو.هڪڙو ڀائي صاحب بين ٿيندو ته ٻيو جڳهه سنڀاليندو رهندو.نفرتن جا ٻج ڇٽبا رهندا ۽ زهر جو فصل ڪاٽبو رهبو.هڪ پرامن عظيم سنڌ جو خواب صرف تڏهن ساڀيان ٿي سگھي ٿو جڏهن هتي آباد سموريون لساني وحدتون صرف سنڌي هئڻ ۾ ئي حقيقي فخر محسوس ڪن. مني صديء جي مسافت طيء ڪرڻ باوجود جيڪر اڄ به ڪو سنڌي نه بڻجي سگھيو آهي ته پوء اهڙي جنون جي نه ته ڪا دوا آهي ۽ نه ئي ان مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو