سينيٽ چونڊون ؛ هڪ جائزو.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    اليڪشن ڪميشن پاڪستان طرفان اليڪشن شيڊول جاري ٿيندي ئي مختلف سياسي اڳواڻن طرفان هميشه جيان هڪ ٻئي تي هارس ٽريڊنگ جا الزام شروع ٿي ويا.هي پهريون ڀيرو ناهي جو سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان ان قسم جا آواز اڀري رهيا آهن پر ماضيء ۾ به ان قسم جي صورتحال رهي آهي.اسان جهڙا ترقي پذير ملڪ جتي سالن جي تجربن کان پوء به نه ته ڪو مضبوط جمهوري ڪلچر اسري سگھيو آهي نه ئي اسان جي سياستدانن جيڪي ظاهر ۾ ته جمهوري قدرن جا چيمپين هئڻ جا دعويدار بڻجن ٿا انهن ڪڏهن انهن جمهوري ادارن کي سندن گھربل شان ۽ مرتبو مهيا ڪرڻ ۾ ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي آهي.پاڪستان جهڙي گھڻ قومي رياست ۾ سينيٽ جهڙي آئيني ۽ جمهوري اداري جي هڪ خاص اهميت آهي جو ان اداري ۾ هر صوبي جي هڪ جيتري نمائندگي هئڻ سبب اهو ئي واحد مضبوط فورم آهي جيڪو ملڪ کي متحد ۽ منظم رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو انهيء ڪري ان اداري جي ساک ايتري مٿانهين هئڻ گھرجي جو ڪو انهيء جي اهليت تي آڱر نه کڻي سگھي پر جڏهن انهيء جي جوڙجڪ جو پهريون مرحلو يعني اليڪشن ئي تڪراري بڻجي وڃي ته پوء اهو ادارو عوام ۾ پنهنجو اخلاقي رعب ڪيئن قائم رکي سگھي ٿو.اهو بنيادي نڪتو سمجھڻ ۾ آخر ڪهڙي عربي فارسي اچڻ ضروري آهي ته صرف اليڪشن ئي جمهوريت جو مقصد يا منزل نه هوندي آهي.اصل ته اهو مقصد هوندو آهي ته اسان پنهنجي عوام کي ڪهڙي قسم جا ادارا مهيا ڪيون ٿا.انهن ۾ ڪهڙن ماڻهن کي جڳهه مهيا ڪيون ٿا.سڄي دنيا ۾ جتي به جمهوريت آهي اتي سينيٽ ۾ چونڊي ۽ پرکي صرف اهڙن ماڻهن کي موڪليو ويندو آهي جن جو ڪردار صاف ۽ سٿرو هجي،منجھن معاملا فهمي ۽ حالتن کي سمجھڻ جي اتم صلاحيت هجي،جيڪي عوامي مسئلن سان حد درجي تائين جڙيل هجن ۽ جيڪي قومي سلامتي ۽ عوامي خوشحاليء جي معاملن تي ڪا سوديبازي نه ڪندا هجن.انهيء ڪري اسان کي دنيا ۾ تمام گھڻن ڏاهن ۽ قابل عزت سينيٽرن جا نالا نظر اچن ٿا جن کي عالمي ليول تي پذيرائي حاصل ٿي.خود پاڪستان ۾ ڪنهن زماني ۾ سينيٽ ۾ ويندڙن ۾ ڪيترائي قدآور ڪردار نظر اچن ٿا پر بدقسمتيء سان جهڙيء طرح سماج جي هر شعبي ۾ پئسي ۽ سفارش جو ڪلچر عام ٿيو آهي ته سينيٽ جون چونڊون به ان کان متاثر ٿيون آهن.
    هاڻي اچون ٿا سينيٽ اليڪشن 2018ع تي. هن سال مارچ ۾ پاڪستان جا مختلف سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ 52 سينيٽر ريٽائر ٿي ويندا جن ۾ سينيٽ چيئرمين رضا رباني،سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ بيريسٽر اعتزازاحسن،سابق وفاقي وزير خزانا اسحاق ڊار،فرحت اللہ بابر،بابر اعواڻ،مشاهد حسين سيد،ڪامل علي آغا،شاهي سيد.طلحا محمود،اعظم سواتي،حافظ حمد اللہ ۽ سعيد غني سميت ٻيا ڪيترائي وڏا نالا شامل اهن.
    اهڙيء طرح مارچ ۾ پي پي پي جا 19،نواز ليگ جا 8، ق ليگ جا 4،ايم ڪيو ايم جا 4، اين پي پي جا 5 سينيٽر رٽائر ٿيندا.هڪ اندازي مطابق سينيٽ جي نين چونڊن کان پوء مسلم ليگ نواز کي سينيٽ ۾ به اڪثريت حاصل ٿي ويندي.عوامي نيشنل پارٽيء جي ڇهن مان جيڪي پنج سينيٽر رٽائر ٿيڻا آهن سي آهن؛ دائود اچڪزئي،شاهي سيد،باز محمد خان،الياس بلور ۽ زاهداه سيد ا.بي اين پي عوامي جا ٻه سينيٽر اسرارالله زهري ۽ نسيما احسان رٽائر ٿيندا،جڏهن ته جي يو آئي (ف) جي پنجن مان ٽي سينيٽر طلحه محمود،حافظ حمادالله ۽ عبدالستار رٽائر ٿيندا.ايم ڪيو ايم جي اٺن مان چار سينيٽر طاهر حسين مشهدي،مولانا تنويرالحق ٿانوي،بيريسٽر فروغ نسيم ۽ نسرين جليل رٽائر ثيندا.مسلم ليگ فنڪشنل جو سيد مظفر حسين شاه ۽ ق ليگ جا چارئي سينيٽر مشاهد حسين سيد،سيد ڪامل علي آغا سعيد مندوخيل ۽ روبينا عرفان رٽائير ٿيڻ وارن جي فهرست ۾ شامل آهن. حڪمران جماعت جا ڪل اٺ سينيٽر رٽائر ٿيندا جن ۾ اسحاق ڊار،ڪامران مائيڪل،نزهت صادق ، سردار ذوالفقارعلي کوسا،سعود مجيد،نثارمحمد ۽ ظفرالله ڍانڍلا شامل آهن.پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد جماعت آهي جنهن جا گھڻي کان گھڻا يعني 27 مان 19سينيٽر رٽائر ٿي رهيا آهن. جن ۾ سينيٽ چيئرمين رضا رباني،فرحت الله بابر،ڊاڪٽر بابر اعوان،سعيد غني،تاج حيدر، احمد حسن، ڪريم خواجا،عثمان سيف الله،سحر ڪامران،خالده پروين، روبينا خالد،سيف الله مگسي،محمد يوسف مختيار احمد ڌامراهه شامل آهن.انهيء کان سواء رٽائر ٿيڻ وارن ۾ پنج آزاد سينيٽر هدايتالله، ملڪ نجم الحسن،محسن لغاري ۽ سيد صالح شاه به شامل آهن.
    ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آئي کي 6،نون ليگ کي 18، پيپلز پارٽيء کي 8،اي اين پي کي 1،ايم ڪيو ايم کي 4 ۽ جي يو آئي ايف کي 2 سينيٽ جون سيٽون ملڻ جا امڪان آهن.انهن ممڪنا نتيجن مطابق حڪمران جماعت نون ليگ سينيٽ ۾ به اڪثريتي پارٽي بڻجي ويندي.
    ايندڙ سينيٽ چونڊن لاء مختلف سياسي پارٽين پاران سندن متوقع اميدوارن جي نالن جون لسٽون فائينل ٿي چڪيون آهن ۽ اهي فارم به ڀرائي چڪا آهن.. پاڪستان پيپلز پارٽيء طرفان جيڪي اميدوار سامهون آيا آهن انهن ۾ رضا رباني، مولا بخش چانڊيو،مرتضيٰ وهاب،شازيا مريء جي ڀيڻ عيني مري،قاسم سومرو،جاويد ناياب لغاري،رخسانا زبيري، ڪرشنا ڪولهي،ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ۽ ايڊوڪيٽ خالد جاويد جا نالا شامل آهن.اطلاعن مطابق پارٽيء پاران بيريسٽر اعتزازاحسن کي سنڌ مان سينيٽر چونڊائڻ جي آڇ ڪئي ويئي هئي پر هن اها رد ڪري ڇڏي.
    پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سينيٽ اميدوار طور جيڪي نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ اعظم سواتي،فدا حسين،فيصل جاويد، مهر تاج روگھاني،خيال زمان ۽ ايوب آفريدي شامل آهن.
    حڪمران جماعت نون ليگ طرفان سينيٽ چونڊن لاء پنهنجن جن اميدوارن جا نالا سامهون آندا ويا آهن انهن ۾ اسحاق ڊار يا سندس پٽ، مشاهد حسين سيد،آصف ڪرماني،طارق فاطمي، هارون اختر، چوڌري سعود مجيد،تهمينا دولتانا، نزهت صادق،انوشا رحمان، ،سائره افضل ۽ مائيڪل جاويد جا نالا شامل آهن.

    (روزاني جيجل 13 فيبروري 2018ع)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو