1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

اُجري مُرڪَ جو شاعر: سڪندر هاڙهو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,636
    ورتل پسنديدگيون:
    27,118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    اُجري مُرڪَ جو شاعر: سڪندر هاڙهو

    ڪوڙل قربدار

    سنڌ ڌرتيءَ جي سرزمين علم و ادب سان مالا مال آهي، جنھن جي ڪُکِ مان املهه هيرا ۽ موتي پيدا ٿيا آهن، جن جي شھرت ملڪن ۾ مشھور آهي. انهن مان ضلعي قنبر_شھدادڪوٽ جي تعلقي شھدادڪوٽ جي سياسي، سماجي، علم و ادب ۽ صوفي ساڃاھوندن جو اهم ڪردار آهي. انهن جي تاريخ گواهه آهي ۽ کين تاريخ سونھري ورقن ۾ زنده رکيون اچي پئي. تن جا نانءَ کڻندي، دل جي ڌرتيءَ تي خوشيءَ جا گيت ڳائجن ٿا. انهن مان بزرگ ميان غلام صديق، ميان نور محمد ۽ شاعر گل محمد زيب مگسي، مولانا حبيب الله حبيب، ڊاڪٽر نذير احمد جروار، وينا شرنگي، ڪھنه مشق شاعر استاد پيرل قنبر، رستم چانڊيو، صحافي وڪيل ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو نمائندو ڪامريڊ ولي محمد مڱڻھار ۽ ٻيا جن جي لکڻين ۽ خيالن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي پيڙا ۽ رومانس آهي، انهيءَ شھر شھدادڪوٽ جو نوجوان شاعر ۽ صاحبِ ڪتاب سڪندر هاڙهو جنھن جو 1987ع ۾ شھر شھدادڪوٽ جي محلي ڪالو مڪان، معشوق علي هاڙهو جي گهر ۾ جنم ٿيو.
    سڪندر هاڙو پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول سردار خان کھاوڙ ۽ مئٽرڪ شھدادڪوٽ جي اسڪول سنگل سيڪشن مان پاس ڪئي. سڪندر هاڙهو غربت سبب وڌيڪ تعليم پِرائي نه سگهيو، پر پنھنجي گهر جي وساميل چُلهه ڏسي، سندرو ٻَڌي ٿالهه ۾ چڻا ۽ لاهوري گجرون کڻي، شھدادڪوٽ جي گهٽين مان سُريلي آواز سان هوڪا ڏيندو گذرندو رهندو هو.
    سڪندر هاڙهو اڄ به محنتي ۽ محبتي ماڻهو شھر جي ڪنھن نه ڪنھن هوٽل تي چانهه جي ڪافي ڏيندي ڏسبو آهي. اها وڏي بھادري آهي، جيڪا سڪندر هاڙهي ۾ مون کي نظر ايندي آهي. دوست سڪندر، سيد عبدالله شاهه اطھر کان ”مفعولُن، مفاعيلُن“ سکندي سکندي اڄ صاحب ڪتاب ٿي ويو آهي. سندس انهيءَ ڪتاب جو نالو آهي ”مينھن ڪڻيون“ سڪندر لک کيرون لھڻيون، جو غربت هجڻ باوجود پنھنجي اندر جو درد ”مينھن ڪڻيون“ اسان جي اڳيان رکي، لکين مبارڪن جو مستحق ٿيو آهي.
    جڏهن ته ”مينھن ڪڻيون“ ڪتاب اڳ ۾ مھان شاعر ۽ نثر نويس محترم شيخ اياز جي ڪتاب جو نانءُ پڻ آهي. اهڙيءَ طرح سڪندر به پنھنجي ڪتاب جو نالو ساڳيو رکيو آهي،تنھنڪري اها منھنجي ذاتي راءِ آهي ته سڪندر جي ڪتاب ۾ ڪيترائي عنوان موجود آهن، انهن مان چونڊي ڪو نه ڪو نالو رکي ها ته بھتر ٿئي ها.
    سڪندر هڪ جمالياتي شاعر آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ دائميت هجڻ سان گڏ حسين ۽ رنگين غزل پڻ آهن، جن کي پڙهڻ سان دل متحرڪ ٿئي ٿي، جيئن هو چوي ٿو ته:

    حُسن آهي عشق جي ابتدا،
    ڇا لِکي ڇا لِکان توتي مِٺا.
    زندگي آ ڏني تو عاشقي،
    مان ڪيان بندگي تنھنجي مِٺا.


    سڪندر هن غزل جي سِٽن ۾ ڌيان ڇڪائي ٿو.

    توسان منھنجو چاهه او ساٿي،
    ڄاڻي ٿو الله او ساٿي.
    توسان ساهه جي تارَ ڳنڍيل آ،
    توکي نه ڪا پرواهه او ساٿي.


    سڪندر جو تخيل عام، سادو ۽ خوبصورت هجي ٿو جنھن جي پڙهڻ سان زبان کي رنڊَ روڪَ نٿي ٿئي.

    ماپڻ لئه ميزان کڻي ڏي،
    غم جو پو آسمان کڻي ڏي.
    سمجهه چوان مان توکي ڇاٿو؟
    مون ڏي، تون به ڌيان کڻي ڏي.


    سڪندر هاڙهي جي شاعري مون دل سان پڙهي آجيان ڪئي آهي، هو اُجري مرڪ جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ طرف درد ڀري ڪھاڻي به آهي ته ٻئي طرف خوشيءَ جھڙي خوراڪ به آهي.
    سڪندر هاڙهي جو ڪتاب پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو،جيئن نومبر جي اُس ۾ مالٽن جي خوشبوءِ يا ڊسمبر جي رات ۾ چانهه جي گرم ڪوپ جو سُرور. جيئن هن غزل جو بيت پڙهو:

    مست آهي ڪيڏي يار موسم ڀلي،
    تنھنجي خوشبو کڻي اچي ٿي فضا.


    سڪندر هاڙهي جي لکڻ جو انداز منفرد آهي، سندس غزلن ۽ گيتن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هو درديلو شاعر آهي، جنھن جي شاعري حقيقتن جو عڪس آهي. سندس هيءُ خيال پڙهو:

    تون کڻ رنگ برنگي دنيا،
    مون کي جڳ ويران کڻي ڏي.
    دردن جو هي دلبر سارو،
    ويڙهي تون به جھان کڻي ڏي.


    سڪندر هاڙهو پنھنجي اندر جي مزاج جي ڳالهه هن طرح ڪري ٿو:

    ڀتر ڪوئي ڀور ته ناهيان،
    عاشق آهيان چور ته ناهيان.
    عاجز آهيان، بيوس آهيان،
    ڪنھن کان ڏاڍو زور نه آهيان.


    سڪندر حساس ۽ پريت ڀريو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ سمورا رنگ شامل اٿس.

    قرب جو سلسلو، پيار جو سلسلو،
    بس هلي ٿو، يار جو سلسلو.
    ياد سڀ کان اول، ياد هن جي هئي،
    بس سمائي ويو، سارَ جوسلسلو.


    سڪندر جي شاعريءَ ۾ اڪثر ڪري ٻھراڙيءَ جي خوشبو موجود آهي، جيڪا دل ۽ دماغ جي طاقت آهي. سندس ٻولي، لھجو، سنڌي ادب جي آسمان ۾ ثريا ستن تارن جيان باسجي ٿو.
    مشھور فيلسوف سئگمنڊ فرائڊ جو قول آهي ته،”عام انسان جي دل دماغ ۾ سوين هزارين خيال اچن ٿا ۽ شاعر جي ذهن ۾ به سوين هزارين خيال جنم وٺن ٿا پر جيئن ته شاعر پنھنجون خواهشون ڪاغذ جي سيني تي چٽي ٿو ۽ اندر جو کُليءَ دل سان اظھار ڪري ٿو.“سڪندر هاڙهو به پنھنجي درد کي ڪاغذ جي سيني تي چٽي ٿو ۽ پنھنجي اندر جو کليءَ طرح سان هيئن اظھار ڪري ٿو، سندس چؤسٽو پڙهو:

    زندگي هي مِٺا قيد خانو لڳي،
    پيار جي نانءَ تي هي بھانو لڳي.
    پيار جي مُندَ گُهري، وقتَ لوري ڇڏي،
    هر خوشي ڄڻ ته گولي نشانو لڳي.


    مھان شاعر شيخ اياز جو بيت:

    مان جو تنھنجي دؤر جو آئينو آهيان،
    ڪيڏو ٿو چاهيان، تو ۾ پسي پاڻ کي.


    (شيخ اياز)

    سڪندر به اهڙيءَ طرح مھان شاعر شيخ اياز جي ياد ڏياري ٿو، سندس هي غزل پڙهو:

    مون سان تنھائي، ڪمرو ۽ گڏ بسترو،
    تيل سُرما ڦڻي، سوچ جو آئينو.


    سڪندر جي غزل ۾ نه رڳو لفظن ۽ خيالن جو جُڙاءُ آهي، پر انهن ۾ وقت جي اُٿل پُٿل به آهي. اها اٿل پٿل کيس منفرد شاعر چوائي ٿي.

    اُٿو وڙهو بھادرو، ظلم اهو ختم ڪيو،
    اهي سڀئي ته قيد جا ٽوڙي ڇڏيو ڪڙا ڪُنڍا،
    نه ٿو ڪو اهڙو ڀاءُ کپي، اسان چڱا آهيون نڌڻڪا.
    اسان جي سنڌ کي مليل زخم اهڙو ختم ڪيو،


    سڪندر هاڙهو هڪ پورهيت شاعر آهي، جنھن جي شاعري فن فڪر ۽ موسيقي سان آڌاريل آهي، کيس پڙهڻ سان دل جون ڪيفيتون مترنم ٿي وڃن ٿيون، سندس چؤسٽو پڙهي ڏسو:

    سور صدما ڏنا زندگيءَ هر پھر،
    نيڻ تو لئه رُنا زندگي هر پھر.
    ڪاش تو وٽ هجن درد مون لئه اڃا،
    ڏي وڃان ٿي فنا زندگ هر پھر.


    سڪندر هاڙهي وٽ نئون تخيل ۽ انداز آهي جنھن جي پڙهڻ سان درد ۽ وڇوڙي جي ڪيفيت ساريندي پنھنجي محبوب کان اڃان به وڌيڪ تڙپڻ جي خواهش رکندي چوي ٿو:

    ساري حياتي تڙپان ڦٿڪان،
    اهڙو ڪو ارمان کڻي ڏي.


    سڪندر هاڙهو ننڍڙي عمر ۾ غزل، گيت، نظم، چؤسٽا، وائي، قصيدا، نوحه، اردو گيت ۽ مرثين تي گڏيل هڪ ئي ”مينھن ڪڻيون“ ڪتاب آڻي ادبي آبرو ماڻي آهي، منجهانئس اڳتي به اها اميد رکجي ٿي ته هي شاعر اهڙي صداقتن ذريعي انساني ڪيفيتن جو روپ نروار ڪندو رهندو.
    آءٌ اوهانکي اها به ڳالهه ذهن نشين ڪرايان ته سڪندر سٺو فنڪار به آهي، هيءُ پھريائين سُرَ ۾ ڳائي پوءِ پني جي سيني تي پنھنجو درد اوتيندو آهي. سندس اندر جي اُڇل ڀل دردناڪ نه به هجي پر هن وٽ شاعريءَ جو شعور ضرور آهي ۽ ٻڌندڙ کان خوب داد وٺڻ جو ڏانءُ به اٿس.
    آخر ۾ سڪندر هاڙهي جي ڪتاب ”مينھن ڪڻيون“ جي ڪجهه اردو گيت ۽ غزل جون سِٽون:

    غم کا دريا هي اور تنھائي،
    مار ڊالي نه تيري رسوائي،
    ميري حالت په کردو کوئي رحم.


    يا هي غزل ٻڌو:

    مين کاغذ کا کوئي ٽکڙا نهين هون،
    يون مجهه کو ايسي جلائو نه سنگدل.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو