1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ستار هليو جي ڪھاڻي ڪتاب ”ديبل جو سپاهي“ تي سرسري نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ستار هليو جي ڪھاڻي ڪتاب ”ديبل جو سپاهي“ تي سرسري نظر: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جو سفر اڃان جاري آهي“

    فقير محمد سنڌي

    ديبل جي نالي ٻڌڻ سان سنڌي ماڻهن جو ذهن، وڃي ڪراچي کان 37 ميل پري ڀنڀور جي هنڌ تي ٽِڪي ٿو، جتي قديم بندرگاهه آهي. مسلمانن، هندستان ۾ سڀ کان پھريان ان ئي بندرگاهه تي پنھنجو جهنڊو لھرايو هو ۽ هن ڌرتيءَ تي تقريباً 339 سال قابض رهيا. اها تاريخ سنڌي سماج کي ناڪامين پوءِ وڏي حوصلي، وڏي دل ۽ وڏي دماغ تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. سنڌي قوم وٽ دليري اهو گڻ آهي، جنھن ۾ سموريون خوبيون سمايل آهن. زندگي هر شخص کي پياري هوندي آهي، پر بھادر ماڻهن لاءِ عزت زندگيءَ کان وڌيڪ پياري آهي.
    نيلسن منڊيلا جي چوڻي ياد اچي ٿي ته بھادر ماڻهو اهو ناهي جو خوف محسوس نٿو ڪري بلڪه بھادر اهو آهي جو ان تي فتح حاصل ڪري. اهڙي طرح ديبل بندره به سنڌ جي ڪھاڻي آهي. انهيءَ ڪھاڻي کي عروج بخشيندڙ ڪھاڻيڪار امر جليل پنھنجي ڪتاب لھندڙ سج جي لام، ۾ ڇپيل ڪھاڻي بابت ڪيل تقرير ۾ چيو ته، ”مان لاڳيتو لفظ ڪھاڻي استعمال ڪري رهيو آهيان، ڪھاڻيءَ مان منھنجو مطلب افسانو يا شارٽ اسٽوري ناهي، مون لفظ ڪھاڻي کي وسيع معنى ۾ استعمال ڪيو آهي. اخبار يا رسالي لاءِ لکيل ڪنھن سياسي ۽ غير سياسي واقعي جي انويسٽيگيٽو رپورٽ ۾ ڪھاڻي هوندي آهي. ويندي جو اوهين پنھنجي گرل فرينڊ کي جيڪو خط لکندا آهيو، ان ۾ به ڪھاڻي هوندي آهي.
    اهڙي طرح ڪھاڻي هر دؤر ۾ماڻهن جي دلچسپيءَ جو باعث رهي آهي، پوءِ اهو انساني ارتقا وارو پٿر جو دؤر هجي يا اڄ جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر هجي، ان کي هر عمر وارو ماڻهو ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ پسند ڪري ٿو. ستار هليو ” ديبل جو سپاهي“ ڪھاڻي مجموعي ۾ 39 ڪھاڻين کي قلمبند ڪيو آهي. قلمبند ٿيل ڪھاڻيون سنڌي ڪھاڻيءَ جي کيتر ۾ شامل آهن.
    ڪھاڻين جو ڪتاب ”ديبل جو سپاهي“ نالي سان سنڌ جي مشھور ديبل بندر جو عڪس سامھون اچي ٿو وڃي. ڪتاب جي منھن ڏيکائي به ڪجهه نرالي آهي، ڪتاب جي مھاڳ ۾ قدير شيخ، ستار هليو لاءِ لکيو آهي ته ماڻڪ جي ڇڏيل ورثي کي نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. ستار هليو پڻ ماڻڪ جي ورثي جو ڪھاڻيڪار آهي. ستار هليو جون ڪھاڻيون ٽيڪنڪ ۾ آزاد آهن.
    ستار هليو پنھنجي ادبي تعلق پوسٽ ٽيڪنالوجيڪل دؤر جو ڪھاڻيڪار سمجهندي پنھنجي ادبي ڪم کي انساني صورتحال کان بي تعلق نٿو سمجهي، تنھن ڪري هن جي فن ۽ فڪر ۾ زماني جو ڪروڌ، نفساني انتشار، انساني قدرن کان بي معنى ٿي وڃڻ جا بجا ملي ٿو.
    ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ديبل جي سپاهي کي روايتي انداز ۾ نه پر حقيقي معنى ۾ ڏٺو آهي، ستار هليو جون ڪھاڻيون نه آهن سماجي عڪس آهن، عڪس به روايتي نه پر تخليقي آهن. دنيا سماجي شعور سان سھڻي نظر ايندي آهي پر ساڳئي وقت ڪوجهايون به لڪي نه سگهنديون آهن. ستار هليو جي ڪھاڻي ۾ جديد تصور ملن ٿا ۽ سندس ڪھاڻين ۾ جديد ترين ووڪيبيولري ايئن ڀريل آهي جيئن گلن ۾ خوشبوءِ هوندي آهي.
    ستار هليو جي لکڻين ۾ موجوده دؤر جا الميا سگريٽ جيان دکندي ۽ ٻرندي نظر اچن ٿا. ستار هليو پنھنجي جواني ڌرتي واسين لاءِ سندر خواب ڏسندي گذاري رهيو آهي.
    فقير تصور ابڙو جي سامھون ستار هليي جي زندگي آئيني وانگر صاف ۽ شفاف آهي. تڏهن ته دل جي حضور سان ستار هليو جي زندگيءَ بابت سچائي سان لکيو اٿس. ستار جيترو خود سچو ۽ کرو ماڻهو آهي، سندس ڪھاڻين جا ڪردار به ايئن ئي حقيقت تي مبني آهن جيڪي معاشري جون عڪاس آهن. جن وٽ سماج جي ڌڪار جو درد گهڻو تڻو آهي!
    عزيز قاسماڻي موجب، فليش فڪشن جي نامور ڪھاڻيڪار ستار هليو جديد ڪھاڻيءَ ۾ وڌيڪ پاڻ کي موکيو آهي. ان ۾ مائڪرو ڪھاڻي ۽ تمام مختصر ڪھاڻي (ويري شارٽ اسٽوري)وڌيڪ لکي آهي.
    خالده سحر، ستار هليو جي گهڻ رخي پاسن کي اڳيان ڪري پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي. ستار جيڪو هڪ بھترين ڪالم نگار به آهي ته ڪھاڻيڪار به،هن جا لکيل نثري نظم به پنھنجي ڪمال جي عروج تي پھتل آهن.
    ”ديبل جو سپاهي“ جي منھن ڏيکائي کان پوءِ ڏسجي ته سچ ڪنھن جي ذاتي ملڪيت ڪونهي، ليڪن اهو سمورن انسانن جو خزانو آهي. ان سچ کي نروار ڪندي نثار کوکر، پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي ته ستار هليو هن ڌرتيءَ جو اهڙو بيباڪ آواز آهي جنھن جي من کي چين ناهي. هو سدائين پنھنجي لکڻين ذريعي سماجي اڻبرابرين، سماجي بيحسي ۽ سنگدلي کي تکي لھجي ۾ نروار ڪندو رهيو آهي.
    مشتاق ڦل کي ستار جي ڪھاڻي مينديءَ سان رچيل نظر آئي. هر ڪنھن پنھنجي دل جي آڳر کي ڪشادو ڪري ستار هليو کي داد ڏنو آهي.
    ستار هليو هر ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت پسند نظر اچي ٿو، هن معاشري کي تمام ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ سولائيءَ سان پرکيو آهي. ڪھاڻي ”آءٌ تنھنجي پٽ سان“،جڏهن انهن جملن تي پھچي ٿي ته زمين پيرن هيٺان نڪري ٿي وڃي. مقتل گاهه، اوهين به سر فھرست آهيو، محبت ماضي ناهي ٿيندي، سوشل ڪانٽريڪٽ ڪھاڻي ۾ سماج جي وارتا بيان ٿيل آهي.

    اصل وارث ته ناناڻان اٿو،

    ڪيتري ڪم ظريفي، عورت مري وڃي ٿي، پر پيءُ جي گهر کي نٿي وساري.

    اکين جا تاڪ کلن ٿا، ڳوڙها، بند ٿا ٿين ته بابا.

    بابا سدائين ننڍپڻ ۾ چوندو هو،”تون منھنجو ڪنو پٽ آهين.

    نه بابا مان ڀلو آهيان، مان روئي پوندو هيس. کڻي ڇاتيءَ سان لائيندو هو. بابا ٺيڪ چوندو هيو، مان سندس ڪنو پٽ آهيان.
    معاشرتي بيھڪ ڏسندي شاهه ولي الله جو موقف آهي ته: ”هن ڪوڙي معاشري ۾ عورت جي نالي تي مشھور ٿيڻ وارو ماڻهو دراصل ذلت ۾ آهي، سماج ۾ برائيءَ جو اصل ڪارڻ خودعرض اڳواڻ آهن، اهي اڳواڻ ماڻهن جي عام مفادن کي نظر انداز ڪري، پنھنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا ۽ اڪثريت به سندن پيروي ڪرڻ ۾ شامل ٿيو وڃي، نتيجي طور سماج مان اخلاقي قدر اڻ لڀ ٿي وڃن ٿا.

    ڪھاڻي حسرتن کي سجدو!
    انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيل ٿا نظر اچن.
    عورت ڀڻڪو کائي ٿي چوي:
    هي گهر ڇا قيد خانو آهي؟
    مون کي موڪل ڏي،
    مان امان وارن ڏي وڇان ٻن ٽن ڏينھن ۾ موٽي ايندس.
    ڀائوءَ کي صرف فون ڪر، وٺي به هو ويندو، ڇڏي به ويندو، ڇا لاءِ موڪل ...؟؟
    ارسطو جو خيال آهي ته،”صرف جانور ۽ ديوتا ئي، سماج کان الڳ ٿلڳ رهي سگهن ٿا.“

    وقت ۽ قانون ڪڏهن به هڪجھڙا نه رهندا آهن، اهڙي طرح تاريخ پنھنجو ورجاءُ نه ڪندي آهي. ستار هليو جي ڪھاڻيءَ جو عنوان آهي” مڪليءَ جي تاريخ پاڻ ورجائيندي“ ان لاءِ سنڌين کي پنھنجي سرزمين تي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو. اها ئي سوچ ڪھاڻيڪار جي ذهن تي نقش ٿيل آهي، تڏهن ته پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ انس رکي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ چوي ٿو ته: قبرستانن لئه زمين گهرجي ڇو ته قنڌار ۽ دهليءَ جا وارث منھنجي ملڪ جو شناختي ڪارڊ ٺھرائي چڪا آهن. ”خواب“ ڪھاڻيءَ ۾ ستار هليو جو ضمير بلڪل جاڳندي اٿيو آهي، ”هو اگهور ننڊ ۾، سندس اکيون خواب ۾، مارڪس جھڙي شخص جي ڌنڌلي چھري جو عڪس اڳيان ايندي چويس ٿو. جنھن ملڪ ۾ ڪرپشن عبادت بڻجي وڃي، اُتي تبديليءَ ڪاڻ گڏهن کي به گولڊ ميڊلسٽ ٿيڻو پوندو.
    عورت جي آزاديءَ جي تحريڪ جا ٻه مک لاڙا آهن، هڪ لاڙو اينگلو، آمريڪي مفڪرن جو آهي جن جو خيال آهي ته عورت به مرد جيان ساڳي تخليق جي صلاحيت رکي ٿي ۽ سماج ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
    جڏهن ته ٻيو مڪتبه فڪر فرانسيسي مفڪرن جو آهي،اهو لاڙو وڌيڪ شدت پسند ۽ انقلابي آهي، انهن جو چوڻ آهي ته لکڻ هڪ آزاد ذهني سرگرمي آهي ۽ مرد نقاد عورتن جي دنيا کي حقيقي طور نه سمجهي سگهيا آهن. ستار هليو ته گل ۽ خوشبوءِ وانگر سماجي روين کي ڏسي ۽ محسوس ڪيو آهي تڏهن ته گهڻو تڻو عورت جي جذبن جي پاسي بيٺل نظر ٿو اچي.
    عورت جي غلاميءَ جي ڊگهي تاريخ ڀل هجي پر جنھن جنھن هنڌ عورت سان انياءُ ٿيو آهي. اهو معاشرو، سماجي طور تباهه ٿيو آهي. 1789ع تي فرانس جي انقلاب ۾ عورت جو اهم ڪردار هو، ۽ انقلاب جي ڪاميابي کانپوءِ عورتن کي ملڪيت رکڻ، وراثت ۾ حصيداري، طلاق حاصل ڪرڻ ۽ سياسي سماجي معاملن جي وڌندڙ سرگرمين انقلابين کي پريشان ڪري ڇڏيو. تنھن جي ڪري ٿوري عرصي کانپوءِ وري عورت جي داخلي معاملن تي سوچڻ شروع ڪيو ته عورت کي ڪيئن ڪمزور ڪجي.
    دنيا جا اسريل ملڪ بنيادي طور تي عورت کي پنھنجا معاشرتي حق ڏيڻ ۾ ڪجهه اڳڀرا آهن، معاشرتي نفرت کي جن ملڪن پنھنجي سوچ مان ڪڍي تعميري ڪم ڪيو آهي، اُهي اسريل ملڪ ڪاميابي طرف اڃا وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن ۽ جتي عورت جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿي آهي، جتي عورت کي رڳو حوس جو نشانو بنائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي، اُهي فرد يا ملڪ عورت کي پنھنجو غلام سمجهن ٿا. ان سوچ وارا ذهن بنيادي طور تي عورت کي سماج ۾ پنھنجو غلام سمجهن ٿا، پر اصل ۾ا يئن آهي ڪونه، اُهي ذهن سراسر غلط رستي تي سفر ڪري رهيا آهن ۽ معاشري ۾ بگاڙ جي صورت پيش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سندن اهو عمل معاشري کي بدبودار بڻائي رهيو آهي ۽ اِها سموري وارتا اسان کي ستار هليي جي ڪھاڻي مجموعي ”ديبل جو سپاهي“ ۾ چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو