تون ڇا ڄاڻي !!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    تون ڇا ڄاڻي انهن اوجاڳن ڀريل نيڻن جي ڪٿا جن نيڻن هر گهڙي هر پل تنهنجي رستن تي انتظار جا گل نڇاور ڪري تنهنجون راهون تڪيون هجن، تون ڇا ڄاڻي انهي قلم جي ٿڪاوٽ کي جنهن قلم تنهنجي هر هڪ ادا، وفا توڙي جفا تي ڪي ئي تحريرون درج ڪيون آهن

    ها تون ڇا ڄاڻي انهن رستن جي ڊيگھ ۽ اڙانگي پن کي جن رستن تي پيرين پنڌ هلي هي دلڙي تنهنجي هڪ ديدار لاءِ ڪي ئي ميل سفر ڪري تو وٽ حاضر ٿيندي هئي، تون ڇا ڄاڻي انهن خوابن جي پختگي کي جيڪي خواب کليل اکين سان هن اک تنهنجي گڏجڻ لاءِ ڏٺا هئا

    ها تون ڪڏهن بہ ڪونہ ٿي ڄاڻي سگهي !!!

    ڇو تہ تو ڪڏهن ڪنهن جي لفظن منجھ پلجندڙ درد کي محسوس ناهي ڪيو، تو ڪڏهن ڪنهن ڪتاب جي اندر ڪنهن شاعر يا ليکڪ جي احساسن جو جائزو ناهي ورتو، تو ڪڏهن ڪنهن چمن جي برباد ٿيڻ کانپوءِ سندس آباد هجڻ واري دور جو تحقيقي مشاهدو ناهي ڪيو، تو ڪڏهن ڪنهن جهرندڙ چهري جي جهرندڙ پن جو احوال ڪونہ ڄاتو، تو ڪڏهن اهو ڪونہ ڄاتو تہ جڏهن دل ٽٽي پوندي آهي تہ پوءِ وري اهو ساڳيو دل صدين تائين ڪنهن سان جڙي ڪونہ سگهندي آهي

    ها تون ڪڏهن بہ ڪونہ ٿي ڄاڻي سگهي تہ اصل عشق آهي ڇا، محبت ڪهڙي بلا جو نالو آهي ڇو تہ تنهنجون سڀ محبتون وقتي ۽ مفادن جي سانچي سان ڀريل ثابت ٿيون، تو ڪڏهن بہ ڪنهن جي انتظار ۾ ڪي پل ڪونہ گذاريا آهن، تو ڪڏهن ڪنهن جي بي رخي تي ٻہ چار لڙڪ ڪونہ هاريا آهن، تو ڪڏهن ڪنهن کي دل سان ساريو ڪونہ آهي تہ پوءِ ڀلا اهو ڪئين ممڪن آهي.
     
    گلشن ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي
  2. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    زبردست ادا......... هو ڇا ڄاڻي....!!!!!!!
     
    يوسف جميل لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    بلڪل ادا هُو ڇا ڄاڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو