ممنون جو محل ۽ جرمن جا جوهر!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    ميڊيا ۾ آيل تازيون ٻه خبرون پاڪستاني عوام لاء گھڻيون دلچسپ ۽ زبردست آهن.پهرين خبر ته اها جو شايد گھڻن کي خبر نه هجي ته پياري پاڪستان ۾ هڪ عدد ملڪ جو صدر به هوندو آهي جنهن کي اڄڪلهه جناب ممنون حسين صاحب سڏيو وڃي ٿو.پيپلز پارٽي جي گذريل وفاقي حڪومت ۾ اسيمبليء طرفان صدر کان 58 ٽو بي جا اختيار واپس وٺڻ بعد پاڪستان ۾ هاڻي صدر جو عهدو صرف ٽي وي ڏسڻ،اخبارون پڙهڻ ۽ تعزيتي بيان جاري ڪرڻ لاء رهجي ويو آهي.صدر ممنون حسين صاحب پڻ اڄ ڪلهه اهڙين ئي مصروفيتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.وڌ ۾ وڌ 23 مارچ تي سال ۾ هڪڙو دفعو شاهي بگيء ۾ رونق افروز ٿي پريڊ گرائونڊ جو چڪر هڻي ۽ سلامي وٺڻ يا ڏيڻ بعد واپس صدارتي محل هليو ويندوآهي.اسان کي سندس مصروفيتن يا اڪيلاين تي اعتراض ڪونهي پر اعتراض اهو آهي ته سائين سدائين وقت بوقت قوم کي سادگي سان زندگي گذارڻ جي نصيحت ڪندا رهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪرپشن خلاف به وڏيون وڏيون تقريرون ڪندا رهن ٿا.جيئن ڪجھه عرصو پهرين ڪنهن تقريب ۾ فرمايائون ته ڪرپشن ڪرڻ وارن جي ٻوٿن تي خدا جي لعنت ۽ نحوست وسندي آهي.وغيره وغيره.سندن اهو اشارو ڪنهن جي طرف هو انهيء سان پنهنجو ڇا؟پاڻ ته اها خبر ملڪ جي غريب عوام کي پهچائڻ گهرون ٿا ته جناب صدر صاحب ايترو فارغ به نه ويٺل آهي جيئن ماڻهو سمجھن ٿا.هو صدارتي محل ۾ ڪنهن نه ڪنهن شوق يا وندر ۾ لڳل هوندا آهن. مثال تازو قومي اسيمبليء جي اسٽينڊنگ ڪميٽيء۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ مطابق جناب ممنون حسين گذريل چئن سالن دوران پنهن جي صدارتي محل وڌيڪ سينگارڻ،سجائڻ ۽ سونهارو بنائڻ لاء غريب عوام جي ٽيڪس جا صرف هڪ ارب ۽ ارڙهن ڪروڙ روپيا خرچ ڪري عوام کي پنهنجو ممنون بنائي ڇڏيو.اهو خرچ صرف صدارتي محل جي مرمت،سونهن ۽ سينگار جو آهي.عملي جون پگھارون،تيل،پاڻي ۽ ٻيا شاهي خرچ بلڪل جدا آهن.
    ٻي خبر به زبردست آهي سا اها ته وزيراعظم جي قومي هوابازيء جي مشير جناب سردار مهتاب عباسي قوم کي اها عظيم خوشخبري ڏني آهي ته پي آئي اي جي اڳوڻي جرمن سي اي او هلڊن برانڊ سان ڪيل حڪومت پاڪستان جا سمورا ٺاهه رد ڪري ملڪ ۽ عوام کي هڪ وڏي مالي نقصان کان بچائي ورتو.عباسي صاحب اهو به ٻڌايو ته جرمن سي اي او پي آئي اي جو جهاز 47،000 يورو ۾ وڪيو جڏهن ته ساڳئي جهاز جي مارڪيٽ ۾ قيمت 14 لک ڊالر لڳي.هن ٻڌايو ته هلڊن برانڊ جهازن جون ڇهه عدد انجنون به وڪڻڻ وارو هو جنهن لاء هن هڪ لک ستر هزار ڊالرن جي هڪ ايگريمينٽ به صحيح ڪئي.ان معاملي متعلق هڪ ذيلي ڪميٽي به قائم ڪئي ويئي هئي جنهن پي آئي اي جي ڪارڪردگي سڌارڻ،گذريل معاملن جي تفصيلي جاچ ڪرڻ ۽ اڳوڻي جرمن سي اي او کي هٿ ڪري واپس پاڪستان آڻڻ جي سفارش ڪئي آهي.ڪميٽي اهڙين تجويزن کي منظور ڪندي اها رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.برنيڊ هلڊن برانڊ کي ان وقت گذريل اپريل ۾ پي آئي اي مان ڪڍيو ويو هو جڏهن پي آئي اي ۾ تمام وڏين بدعنوانين ۽ بي ضابطگين جون خبرون عام ٿيون هيون.تنهن کان پوء هن خلاف تفصيلي جاچ جي شروعات ڪئي ويئي جنهن ۾ هن پاران سريلنڪا جي هڪ هوائي ڪمپنيء کان جهاز ليز تي حاصل ڪرڻ جي معاملي جي تحقيقات به شامل هئي. قومي هوابازيء جي مشير اربع ڏينهن ڪميٽي اڳيان اهو به تسليم ڪيو ته پي آئي اي ۾ جرمن سي اي او مقرر ڪرڻ حڪومت جي وڏي غلطي هئي.سينيٽ جي خصوصي ڪميٽيء اڳيان ڳالهائيندي سردار مهتاب عباسيء ٻڌايو ته پي آئي اي ۾ اهڙي ماڻهوء کي سي اي او مقرر ڪيو ويو جنهن کي ايئر لائين متعلق ڪا ڄاڻ نه هئي ايستائين جو هن جي تعليمي لياقت به هوابازيء جي شعبي ۾ نه هئي.
    ياد رهي ته پي آئي اي اهڙين ئي مالي بي ضابطگين،بدديانتي،عملدارن جي نااهلي سبب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان زبردست مالي خساري جو شڪار آهي جنهن ڪري ڪيترن ئي هوائي روٽن تي اها پنهنجون اڏامون بند ڪري چڪي آهي.پي آئي اي جي مالي صورتحال مطابق سيپٽيمبر 2016ع تائين پي آئي اي تي 349 کرب روپين جو قرض هو جڏهن ته ان جي سمورن مالي اثاثن جي ڪل قيمت اٽڪل 113 کرب روپيا لڳائي ويئي آهي.اها آهي حالت اسان جي حڪمرانن جي جن کي اسان ملڪ ۽ ملڪ جا ادارا هلائڻ جو ڪم حوالي ڪيو آهي.هنن کي هيڏي سڄي ملڪ پاڪستان ۾ پي آئي اي کي پيشاوراڻي نموني هلائڻ لاء ڪو هڪڙو به اهل ماڻهو نظر نٿو اچي جو خبر ناهي ڪٿان وڃي ڪو دهليء جو ٺڳ هٿ ڪري آيا جيڪو هنن جو به استاد نڪتو.ٻيو ن جيڪي ڪجھه هٿ جون صفايون ڏيکاريائين سي ڏيکاريائين پر ويندي ويندي به پاڪستان ايئر لائينز جي هڪ ايئر بس ئي پاڻ سان گڏ کڻي ويو جنهن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي.انهي گم ٿيل غريب جهاز جي باري ۾ حڪومت مختلف بيان ڏيندي رهي ٿي.ڪڏهن چون ٿا ته جهاز اسان وڪيو آهي ڪڏهن چون ٿا ته ڪرايي تي ڏنو آهي ته ڪڏهن چون ٿا ته جهاز ۾ فلمون ڀرجي رهيون آهن.ملڪ جا اهم قومي ادارا ايئن هلندا آهن؟صرف هڪڙي اداري جي ڳالهه هجي ته سور پيئجي پر هتي ته هنن هڪٻئي پويان هر اداري جو حشر نشر ڪري رکيو آهي.پاڪستان اسٽيل ملز جو حال ڏسو،ريلوي جو خانو خراب ڏسو.عوامي شگر ملون ،سيمنٽ ۽ ڀاڻ فيڪٽريون ته هي سڀ جون سڀ اڳيئي وڪڻي چڪا آهن.هاڻي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون وڪجي رهيون آهن. ڳالهه اها ناهي جو هنن کان اهي ادارا هلن نٿا يا انهن ادارن کي هلائڻ جو هنن وٽ ڪو تجربو ناهي پر حقيقيت اها آهي جو اهو سمورو قصو بدنيتيء جي بنياد تي ڏسي وائسي خراب ڪيو پيو وڃي.نه ته انهن ئي حڪمرانن جا ذاتي ادارا،هوائي ڪمپنيون ۽ فيڪٽريون پوري آب تاب سان هلي رهيون آهن.انهن ادارن ۾ ته انهن کان ڪو نقصان ٿئي ئي نٿو.جڏهن ڳالهه اچي ٿي عوامي ادارن جي ته انهن وٽ انهن کي وڪڻڻ لاء ڪيئي ناٽڪ تيار ملن ٿا.هاڻي هوابازيء جو هي مشير صاحب جيڪو هن وقت عوام کي اهي تقريرون سڻائي رهيو آهي ته انهيء کان ڪوئي اهو ته پڇي ته اهڙن ٻه نمبر ماڻهن کي انهن ادارن ۾ مقرر ڪندڙ ڪير آهي؟ انهن ماڻهن کي آخر ڇو مقرر ڪيو ويو؟انهي سموري گندي ڌنڌي ۾ هن سان ٻيا ڪهڙا ماڻهو شامل هئا؟ انهن کان حساب ڪير وٺندو؟توهان جو عوام تي اهو احسان ئي کوڙ آهي جو اوهان ان ٻه نمبر ماڻهوء کي اداري مان ڪڍي ملڪ کي هڪ وڏي مالي نقصان کان بچائي ورتو. انهيء احسان لاء عوام کي ٻنهي هٿن سان توهان کي سلام پيش ڪرڻ گھرجي!
    آخر ۾ خير سان اها خبر به ٻڌي ڇڏيو ته وفاقي ڪابينا نيٺ پي آئي اي ۽ پاڪستان اسٽيل مل کي وڪڻڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي.
    (روزاني مهراڻ 21 فيبروري 2018ع)
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو