سنڌ سلامت سپيل چيڪر (بيٽا ورجن)

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2018۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو آهي. هن اهم ڏينهن تي سنڌ سلامت سمورن سنڌين لاءِ هڪ اهڙو تحفو پيش ڪري رهي آهي جنهن جي ضروت اڄ جي پبلشنگ ۽ ٽيڪنالاجي دور ۾ بي انتها وڌي چڪي آهي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سنڌي اوسي آر لانچ ڪيو ويو ته تصويرن مان اتاريل لکائي ۾ ايندڙ غلطين کي درست ڪرڻ جي کوٽ وڌي وئي. ان کان علاوه جڏهن گوگل طرفان ٽرانسليشن ڪرڻ جا وسيع اختيار هر عام خاص کي مليا ته ترجمو ڪندڙن پڻ صورتخطي جون ڀيانڪ غلطيون ڪيون. انهن غلطين کي درست ڪرڻ جي ضرورت پهريان کان وڌي وئي. رڳو ايترو ئي نه پر سنڌي اخبارن جو آن لائين ٿيڻ ۽ پبليڪيشن جو وڌندڙ ڪم پڻ درست پروفنگ گهري ٿو.
    وقت جي ان اهم ضرورت کي سامهون رکندي سنڌ سلامت سٿ پاران ڪجهه وقت کان سپيل چيڪر تي سنجيدگيءَ سان ڪم شروع ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ انٽرنيت خاص طور سنڌ سلامت فورم ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود وسيع ڊيٽابيس کي گڏ ڪري لفظن جو اهڙو نرالو ذخيرو بڻايو ويو جنهن ۾ ڪتابي لفظن سان گڏو گڏ گفتگو دوران استعمال ٿيندڙ رواجي انگريزي لفظن کي پڻ سنڌي رومن طور شامل ڪيو ويو. ان وسيع ڊيٽابيس کي وڌيڪ مختصر ڪرڻ لاء ان جي ترتيب لفظن جي استعمال ٿيڻ جي تعداد سان رکي وئي. جنهن سان وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندڙ لفظن جي اهميت کي وڌيڪ فوقيت ڏني وئي. اهڙي طرح لڳ ڀڳ ڏيڍ لک يونيڪ لفظن تي مشتمل ڊيٽابيس جڙي راس ٿيو.
    اهڙي ڊيٽابيس کي پهريان آن لائين آزمائش مان گذاريو ته ويو پر معلوم ٿيو ته خاطر خواه درستگيون گهڻي استعمال سان ئي ممڪن ٿينديون. ترت ضرورتن کي سامهون رکندي ان آزمائشي ڊيٽابيس کي مائڪروسافٽ آفيس سان انٽيگريٽ ڪيو ويو. ۽ پوءِ لڳ ڀڳ 200 ڪتابن جي پروفنگ ڪندي غلطين کي درست ڪيو ويو ۽ گڏ ڪيل ڪارپس کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو. توڙي جو ان ڊيٽا بيس کي اڃان به جامع حيثيت حاصل نه آهي پر وڌيڪ بهتري ايندڙ اپڊيٽ ورجن ۾ آڻڻ جي اميد سان سنڌ سلامت اسپيل چيڪر جو بيٽا ورجن جاري ڪجي ٿو.

    سنڌ سلامت سپيل چيڪر جو وڊيو ڊيمو

    سنڌ سلامت سٿ طرفان تيار ڪيل هي سپيل چيڪر جيتوڻيڪ اڃان به بيٽا ورجن ۾ آهي، پر باوجود ان جي به ضروي رسموريون خوبيون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ شامل آهن:
    • مائڪروسافٽ جي سڀ کان وڌيڪ مشهور ونڊوز 7 سان گڏو گڏ ونڊوز 8، ونڊوز 8.1 ۽ ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم سان مطابقت.
    • مائڪروسافٽ آفيس 2013 ۽ 2016 جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ورڊ، ايڪسل ۽ پاور پوائينٽ جهڙن پروگرامز سان مطابق.
    • لکائي دوران سنڌي لفظن کي سڃاڻڻ جي صلاحيت.
    • اڳ لکيل فائيلز ۾ موجود سنڌي لفظن جي سڃاڻڻ جي صلاحيت.
    • غلط لفظن کي درستدگي لاءِ صلاحڻ جي صلاح.
    • مائڪروسافٽ آفيس جي پروگرامز ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيبورڊ ڪمانڊ F7 سان مطابقت.
    • ڊڪشنري ڊيٽابيس ۾ درست لفظن جي اضافي ڪرڻ جي صلاحيت.
    • سنڌي اسپيل چيڪر کي آن لائين سان گڏو گڏ آف لائين استعمال ڪرڻ جي صلاحيت.
    نوٽ رکڻ جي ڳالهه..

    سنڌ سلامت سپيل چيڪر کي انسٽال ڪرڻ کان اڳ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ مائڪروسافٽ ونڊوز 7 يا مٿي جي آپريٽنگ سسٽم کان سواءِ مائڪروسافٽ آفيس 2013 يا 2016 جو فارسي پروفنگ ٽول جو انسٽال هجڻ ضروري آهي.


    سنڌ سلامت سپيل چيڪر (بيٽا ورجن) ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو..

    والسلام
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جي آفيس 32 بٽ آهي يا 64 ... معلوم ڪرڻ جو طريقو..

    فائيل ٽيب تي ڪلڪ ڪريو

    [​IMG]

    Account تي ڪلڪ ڪري ساڄي پاسي کان About Word بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو

    [​IMG]

    کلندڙ اسڪرين ۾ مٿان ئي مٿان توهان کي آفيس ورجن ٻڌايو ويندو..

    [​IMG]
     
    گلزار احمد ۽ ذوالفقار دولتاٹی هيء پسند ڪيو آهي
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن توهان ايم بي سنڌي ڪيبورڊ ڊيفالٽ فارسي زبان تي ئي استعمال ڪندا آهيو ته بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيٽس بار تي موجود زبان تي ڊبل ڪريو ۽ کلندڙ ڊائلاگ باڪس مان فارسي Persian چونڊيو
    pic.png
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    هميشه جيان سنڌ سلامت جو هي پرجيڪٽ به سونهري اکرن سان سان ليکڻ جهڙو آهي تمام دوستن جن ان ۾ حصو ورتو آ انهن سڀني جا لک ٿورا جن ان اهم هدم کي پايه تکميل تائين پهچائي قوم جو سچو خدمتگزار هجڻ جو ثبوت ڏنو ...هڪ دفعو ٻهير سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم خاص ڪري ادا رشِيد سمون لک ٿورا جن هي ناياب تحفو سنڌي قوم کي عطا ڪيو .......
     
    ذيشان رشيد ۽ ذوالفقار دولتاٹی هيء پسند ڪيو آهي
  5. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي مبارڪون
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    انقلابي ۽ ڪارائتو عمل ... سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سينائي سلام ...
    گذارش؛
    مون جڏهن انسٽال ڪرڻ لاءِ ”ڪلڪ ڪريو“ کڙڪ کي ڪلڪ ڪيو ته زپ فائيل ڊائون لوڊ ٿيو ... انکي کڙڪ ڪيم ته هڪ دري کلي جنهن ۾ لکيل هو ته اوهانجي ڪمپيوٽر ۾ موجود زپ ٽرائل بيس ختم ٿي ويو آهي ... انلاءِ خريداري ڪريو ...
    ڇا سپيل چيڪر لاءِ زپ خريد ڪري پوءِ کولبو ....؟؟؟ ڪو اهڙو بٽڻ ناهي جو زپ کان جان ڇٽي وڃي ... يار رشيد پينٽ ۾ به زپ ته هت به زپ ... ههههههههههههه
    ڀوڳ پيو ڪريان ... پر واقعي زپ کان جان ڇڏايو ... اهي وري ڊالر پيا گهرن ... سنڌي آهيون هر مال مفت کپي بابلا ....ههههههه

    سنڌ سلامت هميشه جيئان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ ڪردار ادائگيءَ جو نئون مثال قائم ڪيو آهي ...

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    عرس پريو، ذيشان رشيد ۽ احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.
  7. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    هميشه جيان سنڌ سلامت جو هي پروجيڪٽ بہ اهم آهي پروجيڪٽ کي پايہء تڪميل تائين پهچائيندڙ سموري سٿ کي مبارڪون جن هي ناياب تحفو سنڌي قوم کي پيش ڪيو.......
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پيارا مهربانيون... توهان طرفان هميشه همت افزائي ٿيندي رهي آهي.. اڪثر پروجيڪٽس تي ڊسڪس به ڪارائتو ڏيندا آهيان.. اميد ته مصروفيت هجڻ باوجود وقت ڏيندا رهندا.. لک لائق
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پسنديدگي لاءِ مهرباني پيارا
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين 7زپ انسٽال ڪري ڏسو.. نه ته ونڊوز جي ڊيفالٽ زپ کي استعمال ڪريو... توهان طرفان همت افزايون هميشه ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ تي اڪسائينديون رهنديون آهن.. پسنديدگي لاءِ لک لائق
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين منهنجا پسنديدگي لاءِ مهربانيون
     
  12. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اصل م توهان جيڪا دري کولي (دري) اها لڳي ٿو ٺيڪ نه کلي هئي ........... باقي پينٽ ۾ زپ آهي جي اها خراب ٿي پوي ته پوء هڙ وئي


    سنڌ سلامت جو هڪ بهترين عمل جيڪو مون جهڙن لاء ڪارائتو ثابت ٿيندو
     
    ذيشان رشيد ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  13. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هي ته وڏي لائڀاتي حرڪت ونڊ ڪئي وئي آهي
     
    ذيشان رشيد ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي
  14. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا ذيشان رشيد صاحب آفيس 2016 فارسي ورجن 64 بٽ ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪئي آهي بار بار پروڊڪٽ ڪي جو آپشن اچي پيو، تنھن ڪري ڪي جي عنايت ڪندا لک قرب.
     
    آخري ترميم: ‏27 فيبروري 2018
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان مهرباني ڪري هن لنڪ تان آفيس 13 انسٽال ڪيو. بهترين اپڊيٽيڊ شافٽويئر آهي.
     
    احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.
  16. اشفاق احمداڻي

    اشفاق احمداڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2012
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڌنڌو:
    آئي ٽي پروفيشنل
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    تمام ڪارائيتو عمل .... مگر افسوس آئون اڃان ان مان لاڀ حاصل ناهيان ڪري سگهيو..
    مائيڪروسافٽ 2013 انسٽال ڪيم 32 بٽ. مگر هي مون وٽ ڪم نه پيو ڪري..
     
  17. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    ادا اهي توهان سنڌي قوم تي وڏا وڙ ڪري ڇڏيا آهن......... اسان به هن کي آزمائي ڏسنداسون ۽ توهان جي ڪوششن مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪنداسون..
     
  18. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    زبردست تمام سٺو
     
  19. محمد رحيم مهرانپوٽو

    محمد رحيم مهرانپوٽو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2018
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    Sain Moon Tawahan Khey Agey Hikri Guzaarish Kae Hue T Abdul Wahid Arisar Sahab Jo Kitaab"""Gichi Gaanah Loh Ja""""Digitalize Kanda..
     
  20. محمد رحيم مهرانپوٽو

    محمد رحيم مهرانپوٽو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2018
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    Sain Moon Tawahan Khey Agey Hikri Guzaarish Kae Hue T Abdul Wahid Arisar Sahab Jo Kitaab"""Gichi Gaanah Loh Ja""""Digitalize Kanda..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو