ذاتين جي بنياد تي اتحادون جوڙڻ واران ڏانهن کليل خط !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    افسوس صد افسوس انهن گروهن تي جيڪي هر ڏينهن نوان اتحاد قائم ڪن ٿا، مختلف اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي سنگت جن جا ٺهيل اتحاد نروار ٿي ڪري ڏسڻ وٽان ملن ٿا، جنهن تنهن کي ڏسو پنهنجي ذات جي نالي سان اتحاد جوڙيو ويٺو آهي، ادا سائين جڏهن اسين سڀ متحده طور هڪ قوم آهيون تہ پوءِ اسان کي ذاتين جي حوالي سان اتحادن جي قائم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اوهين ان ڳالھ کي سمجهو ڇو نہ ٿا، اسين مشترڪ طور هڪ قوم آهيون جنهن کي دنيا سنڌي قوم جي نالي سان سڃاڻي ٿي، تہ پوءِ اسان کي اتحادن جي جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، قومن جي اندر ذاتين جي بنياد تي اتحادن جو جوڙڻ سٺو سنوڻ هر گز ڪونہ آهي، اتحادون تہ اُتي قائم ٿينديون آهن جتي ڪنهن وجود کي خطرو لاحق هجي ۽ پوءِ اُهي پنهنجي نسل جي بچاءُ خاطر اتحاد جوڙيندا آهن

    ڀلا ڪڏهن ائين ٻڌو اٿئو تہ جهرڪين ٻين پکين جي خوف کان پنهنجي الڳ اتحاد جوڙي هجي، جهڙوڪ آل سنڌ جهرڪي اتحاد، يا ڀلا هرڻن شيهن جي خوف خاطر پنهنجي بچاءُ ۾ الڳ آل سنڌ هرڻ اتحاد قائم ڪئي هجي، يا ڳيرن بازن جي شڪار جي خوف سبب پنهنجي الڳ آل سنڌ ڳيرا اتحاد قائم ڪئي هجي، انهن پکين جي وجود کي تہ هردم خوف ۽ خطرو هوندو آهي اُهي ڪڏهن بہ ڪٿي بہ ڪنهن شڪاري جو شڪار ٿي سگهن ٿا پر پوءِ بہ ويچارا خاموش بڻيل آهن، اوهان تہ حضرت انسان آهيو پنهنجي ڌرتي جا مالڪ بڻيا ويٺا آهيو، ٿورو پاڻ سڃاڻون، پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪريو، اتحادن جي جوڙڻ سان اوهان کي ڪجھ ڪونہ ورڻو آهي الٽو ٻيا اوهان کي ڪمزور ۽ هيڻو سمجهندا، اوهان سچ ۾ ئي اڪيلا ٿي ويندا، انهن ڳالهين کي سمجهڻ کان پوءِ بہ وتو ٿا اتحادون قائم ڪندا، آخر انهن اتحادن جوڙڻ جو بنيادي سبب ڪهڙو آهي؟

    ڇا اوهان جي وجود کي خطرو آهي؟

    يا سند اندر رهندڙ ٻين ذاتين تي پنهنجو داٻو ۽ دهمان بيهارڻ خاطر وتو ٿا اتحاد جوڙيندا تہ جئين ٻين ذاتين وارا اهو تاثر وٺن تہ هي سڀ هڪ ڪرا آهن سندن پاڻ ۾ ٻڌي آهي، انتهائي افسوس ٿيندو اٿم جڏهن مختلف ذاتين جي نالي سان اتحاد قائم ٿيل ڏسندو آهيان، آخر اسان جي قوم کي ٿي ڇا ويو آهي جو اڃان تائين پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي نہ سگهيا آهن، شايد اڃا تائين ان ٻڏتر جو شڪار آهن تہ هو ڪي ٻاهريان آهن يا وري پاڻ هن ڌرتي کي دل سان پنهنجو چمن قبول نہ ٿا ڪن پاڻ کي اڃا تائين پرايو سمجهندي وتن ٿا اتحادون قائم ڪندا تہ متان ڪٿي ڪنهن ٽائيم کين تڙيو ڌڪيو، ٻاهر ڦٽو نہ ڪيو وڃي ان لاءِ پاڻ کي مضبوط ڪري وٺون، منهنجي سنڌ جي شعوري فردن کي اهو عرض آهي تہ هُو انهي ذهنيت کي تبديل ڪرڻ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سنڌ جي هر هڪ فرد کي اهو يقين ڌياني ڪرائن تہ اوهان ئي هن ڌرتي جا مالڪ ۽ مختيار آهيو، اوهان ئي هن چمن جا گل آهيو، سڀاڻ اوهان جي نئي نسل جا فرد هن ڌرتي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪندا، اگر جي اوهان اڄڪلھ جي هن سماجي ماحول ۾ ٻوسٽ محسوس ڪريو ٿا تہ پوءِ اٿو متحد ٿيو، ذاتين، ڪٽبن ۽ قبيلن جي زنجيرن کان پاڻ کي آزاد ڪري هڪ صف ۾ بيهي ڪري سنڌي قوم سڏايو ۽ پنهنجي ڌرتي جي وارثي لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪريو تہ جئين آئينده اوهان جي نئي نسل کي ان ساڳي فڪر ۽ فهم جو شڪار نہ ٿيڻو پوي جنهن جا هن مهل اوهان شڪار آهيو ۽ پنهنجي بقا خاطر وتو ٿا اتحادون قائم ڪندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو