شهرٽنڊوجان محمد جي برک شخصيت سخي مير حاجي خدابخش خان ٽالپر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير جمشيد اختر ٽالپر طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2018۔

  1. مير جمشيد اختر ٽالپر

    مير جمشيد اختر ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو جان محمد
    ستاره خدمت سخيءَ مير حاجي خدابخش خان ٽالپر:
    تحرير: مير جمشيد اختر ٽالپر


    کَرِ ڪَڻَا لَاهَي، سُکَ نَه سُتَا ڪَڏَهِين
    اُوسِيئَڙو آهَي،کَاهُوڙِيَن کَي پَنڌَ جَو​

    [​IMG]


    چون ٿا ته زنده قومون ۽ انهن جا اڳواڻ حال ۾ نه جيئندا آهن. بلڪه اهي مستقبل ۾ به زنده رهندا آهن. سنڌي قوم جي اهڙن بيباڪ ۽ بهادر اڳواڻن مان سخيءَ مير حاجي خدابخش خان ٽالپر به هڪ آهي. مير احمد خان جي وفات کانپوءِ شھر ٽنڊو جان محمد جي سياسي، سماجي، اقتصادي توڙي ثقافتي لحاظ کان ترقي وٺرائڻ ۾ جيڪا شخصيت نمايان طور نظر اچي ٿي اھا آھي سخيءَ مير حاجي خدابخش خان ٽالپر، جنھن جي اعلى ۽ مدبرانه قيادت ھن شھر کي ھڪ نئون رنگ ڏنو ۽ ڪيترين ئي بنيادي سھوليتن کي اوليت ڏيئي عملي جامو پھرايو.پاڻ 1911ع ڌاري شهر ٽنڊو جان محمد ۾ پيدا ٿيا.ميرحاجي خدابخش خان، مير عبداللھ خان جو پُٽ ۽ مير خدابخش خان جو پوٽو ھو، جيڪو وري مير حسن علي خان جو پُٽ ۽ سخيءَ مير جان محمد خان جو پوٽو ھو.مير احمد خان ۽ مير قادربخش خان سندن سڳا ماما هوندا هئا ۽ انهن جي لااولاد وفات ڪري وڃڻ سبب سخيءَ مير جان محمد جي خاندان جا آخري چشم چراغ هئڻ ڪري سخيءَ جي جاگير ۽ شهر ٽنڊو جان محمد جوسڄو بار سندن ڪلهن تي اچي ويو. جنهن کي پاڻ پوري ذميواري ۽ ديانتداريءَ سان نڀايو.
    تعليم: مير صاحب شروعاتي تعليم ٽنڊو جان محمد جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري ڪجھ وقت تائين ميرپورخاص مان انگريزي تعليم حاصل ڪئي. انھي کانپوءِ پاڻ تعليم کي خيرباد چئي پنھنجو اباڻو ڌنـڌو زمينداري سنڀاليائين.
    سياسي وابستگيءَ.ھي اھو دؤر ھو، جڏھن ننڍي کنڊ جون حالتون بلڪل تبديل ٿي چڪيون ھيون، ھندستان ورھائجي چڪو ھو. شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان ڪيترائي ھندو ۽ سک ھي علائقو ڇڏي ھندستان ھليا ويا ۽ ڪيترائي مھاجر اچي ھتي رھيا. ٽنڊو جان محمد جي ميرن انھن مھاجرن کي ڀليڪار چيو ۽ شھر ۾ رھايائون. مھاجرن کانسواءِ ٻين قومن جا ماڻهو به مختلف ڳوٺن ۽ شهرن مان لڏي اچي ھن شھر ۾ رھائش پذير ٿيا، جنھن ڪري شھر جي آباديءَ ۾ گرانقدر اضافو ٿيو، مطلب ته ملڪي حالتون سياسي، سماجي ۽ مذھبي لحاظ کان تبديل ٿي چڪيون ھيون جنھن ڪري ٽنڊو جان محمد جي ميرن به انھن حالتن پٽاندر شھر توڙي ڀرپاسي جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن جي عوام جي ترقيءَ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري انتھائي جوڳا قدم کنيا.
    سخيءَ ميرحاجي خدابخش خان ٽالپرصاحب جا وڏا سياست کان ڪناره ڪش ھئا، پر پاڻ حالتن پٽاندر زمينداري سان گڏوگڏ ملڪي سياست ۾ به چڱي طرح سان حصو ورتو ۽ سياست جي ھر ميدان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون. مير صاحب 1952ع ۾ سينيٽري ڪميٽي جو ميمبر بڻجي سياست جي شروعات ڪئي. مير صاحب 1956ع ڌاري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ضلعي ٿرپارڪر جا ميمبر چونڊجي آيا.جڏهن جنرل ايوب خان طرفان آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ويو ۽ پاڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي ويٺو.تڌهن فوجي آمر پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ ۽ سندس اقتدار کي طول ڏيڻ خاطر ملڪ ۾ ھڪ نئون نظام ”بنيادي جمھوريت (Basic Democrats)“ متعارف ڪرايو، جنھن سان ٻھراڙين ۾ يونين ڪائونسلز قائم ڪيون ويون ۽ شھرن ۾ جتي اڳ ۾ سينيٽري ڪميٽيز قائم ھيون انھن کي ھاڻي ٽائون ڪميٽيز ۾ تبديل ڪيو ويو، انھي وقت ٽنڊو جان محمد شھر ۾ سينيٽري ڪميٽي ڪم ڪندي ھئي، مگر اھا تمام ننڍي ھئي،جيڪا ٽائون ڪميٽي جو درجو حاصل نه ڪري سگھي، انھي ڪري ٽنڊوجان محمد کي 1960ع ۾ يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو، جنھن جو پھريون چيئرمين ميرحاجي خدابخش خان پاڻ چونڊجي آيا. ميرصاحب ڪوششون وٺي 1966ع ۾ شھر کي ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏياريو، جنھن جو به پھريون چيئرمين پاڻ چونڊجي آيا.

    مير حاجي خدابخش خان ٽالپر،9 جون 1962ع تي پنهنجي تڪ ٿرپارڪرII جي اليڪشن ۾ سيد عبدالرحمان شاهه کي شڪست ڏيئي پهريون دفعو اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر (M.P.A) چونڊجي آيا. ٽي سالن بعد وري ٻيو دفعو پاڻ 9 جون 1965ع تي سندس پنهنجي ساڳئي تڪ ٿرپارڪرIII جي اليڪشن ۾ مغربي پاڪستان جي اسيمبلي جا ميمبر پڻ چونڊجي ويا هئا.جنهن جا 25 مارچ 1969ع تائين ميمبر رهيا. اهڙي طرح سان پاڻ مسلسل ٻيو دفعو اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊجي آيا.. مير صاحب 1970ع تائين مسلم ليگ سان وابسته رهيا پر پوءِ ساڳئي سال ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولى جن ٽنڊو جان محمد ۾ اچي ذاتي ڪوششون وٺي مير صاحب کي پيپلز پارٽي ۾ آندو. خود جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به مير صاحب کي تمام گھڻي عزت ڏيندو هو ۽ ٻه دفعا سندس دور ۾ شهر اندر آيو. ڊسمبر1970ع جي عام چونڊن ۾ اليڪشن شيڊول نڪري وڃڻ سبب کيس پيپلز پارٽي جو ٽڪيٽ نه ملي سگھيو جنهن ڪري پاڻ پيپلز پارٽي جي حمايت سان سنڌ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور ريلوي انجڻ جي نشان تي اليڪشن وڙهي، خود ذوالفقار علي ڀٽو مير صاحب جي ورڪن تي شهر ٽنڊو جان محمد ۾آيو.انهي دوران پبلڪ پارڪ ٽنڊو جان محمد ۾ هڪ شاندار جلسو ڪيو ويو هو جنهن ۾ مير خدابخش ٽالپرصاحب انتهائي مدبرانه تقرير ڪندي ڀُٽو کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته ” ڀُٽا صاحب اوهان هن ملڪ جي بقا ۽ سالميت لاءِ ۽ هن ملڪ جي غريب مسڪين عوام جي ڀلائي ۽ بهبُود لاءِ قدم وڌايو، جتي اوهانجو پگھر وهندو اتي اسانجو رت وهندو. اسان جو هر طرح جو ساٿ اوهان سان رهندو....“ ليڪن انهي اليڪشن ۾ مير صاحب پنهنجن قريبي ساٿين جي غداري سبب ارباب امير حسن کان شڪست کائي ويا.
    سياست ۾ پير پائڻ کانپوءِ ميرصاحب جا ڪيترين ئي مقتدر اعلى سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان تعلقات قائم ٿي ويا. جن مان ڪجھ ماڻهن سان ته سندس ذاتي تعلقات به هوندا هئا.انهن اعلى شخصيتن ۾ صدر پاڪستان جنرل محمد ايوب خان،گورنر اولهه پاڪستان ملڪ نواب اميرمحمد خان نواب آف ڪالاباغ، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، اسپيڪر اولهه پاڪستان اسيمبلي چوڌري فضل الاهي، مير غلام علي ٽالپر، حيدر بخش جتوئي، غلام حيدر لغاري، مخدوم محمد زمان طالب المولى، پير صاحب پاڳارو، غلام حيدر شاهه، خان بهادر غلام محمد وساڻ، پير غلام رسول شاهه جيلاني، گورنر سنڌ مير رسول بخش ٽالپر، وزير دفاع مير علي احمد ٽالپر، مير علي بخش ٽالپر، مير محمد بخش ماڻڪاڻي ٽالپر، عبدالصمد ڪاڇيلو۽ ٻيا شامل هئا،جيڪي وقت به وقت مير صاحب وٽ شهر ٽنڊو جان محمد ۾ ڪهي ايندا هئا. سائين امولڪ ٿري صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”مرحوم مير خدابخش خان جي طبيعت، سادگي ۽ نهٺائيءَ جو هڪ اعلى مثال ۽ نمونو هئي، ان ڪري نه رڳو پنهنجا پر پرايا به سندس اعلى ظرفيءَ جا گُڻ ڳائيندا هئا. سندس دور ۾ ڪهڙو به ننڍو توڙي وڏو آفيسر ڇو نه هجي، سخي جي در تي سلامي لاءِ نه اچي، اها اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. ان وقت جي صدر پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ۽ اولهه پاڪستان جي گورنر ملڪ امير محمد خان نواب آف ڪالاباغ سان، مير صاحب جھڙا تعلقات شايد ڪنهن ورلي ماڻهوءَ جا هوندا.اهي سندن بي غرض ۽ انسان دوستيءَ واري فطرت کي ڏسي هر وقت سندس لفظن کي ڏاڍو مانُ ڏيندا هئا. شل نه ڪو مسئلو پيدا ٿي پوي، هيٺين آفيسرن کي چوڻ بدران مير صاحب پهريون فون ملڪ ڪالاباغ کي ڪندو هو.“ ان وقت جي وزيرن جناب عبدالقادر سنجراڻي، در محمد اوستو ۽ محمد خان جوڻيجو سان پڻ مير صاحب جا سٺا تعلقات هوندا هئا. ۽ اهي حضرات به ڪافي ڀيرا سندس دور ۾ هن شهر ۾ آيا. شهر جي اندر مختلف سماجي توڙي قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مير صاحب طرفان پنهنجا صلاحڪار چونڊيل هئا. جن ۾ ڊاڪٽر علي احمد آرائين ۽ سيٺ محمد حسين آرائين، ڪپتان محبوب علي خان،سيٺ سيرومل ۽ مکي منون مل مالهي، مير غلام محمد ٽالپر ۽ ٻيا شامل هئا.

    سماجي خدمتون: اسيمبلي ميمبر ٿيڻ شرط ميرصاحب پوري حلقي جي شھرن توڙي ٻھراڙيءَ وارن علائقن جي ترقي لاءِ ھڏٽوڙ ڪوششون ورتيون. ميمبر ٿيڻ کانپوءِ ميرصاحب اسيمبليءَ ۾ھر وقت خطي جي غريب ۽ مسڪين عوام جي ترقيءَ لاءِ آواز اٿاريندو رهندو هو ۽ حڪومت کي بار بار ھن علائقي جي مسئلن کان آگاھ ڪندو رھندو ھو ۽ اھي مسئلا حل ڪرائيندو رھندو ھو. شھر ٽنڊو جان محمد ۾ جتي اڳ ۾ ڪوبه حڪومت جو نمائندو نه ايندو هو اتي هاڻ ڪامورن، وزيرن ۽ اعلى شخصيتن جا دؤرا ٿيڻ لڳا، ميرحاجي خدابخش خان ٽالپر انھي وقت ۾ شھر سان گڏ ٻھراڙيءَ وارن علائقن جي به تمام گھڻي خدمت ڪئي ۽ انھن جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بھتر بڻايو، ٻھراڙيءَ ۾ اڳ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو ڪوبه مناسب بندوبست نه ھوندو ھو، ميرصاحب ڳوٺن ۾ ڪيترائي پاڻيءَ جا تلاءُ ٺھرايا ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول به قائم ڪرايائين ۽ اسڪولن جون عمارتون به ٺھرايائين. ساڳئي وقت ٻھراڙيءَ جي علائقن ڏانھن به روڊ ۽ رستا ٺھرايا ۽ پُراڻ تي 1958ع ۾ پل به ٺھرائي، جنھنڪري زرعي جنسن جي مارڪيٽ تائين رسائي ۾ آساني پيدا ٿي پيئي. انھي سان گڏ ھن شھر جي به تمام گھڻي خدمت ڪئي. 1960ع ۾ جانورن جي اسپتال قائم ڪرائي، 1962ع ۾ حيدرآباد جي بجلي گھر مان حيدرآباد، ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن جي وڏن شھرن کي بجلي ڏني ويئي، ميرصاحب جي ڪوششن سان شھر ٽنڊو جان محمد کي به بجلي پھچائي ويئي.

    1965ع ۾ ميرصاحب ڪوششون وٺي ڊگھڙي کان ٽنڊو جان محمد تائين پڪو روڊ ٺھرايو جيڪو پوءِ حڪومت جي سرڪردگي ۾ ڏنو ويو. ميرصاحب شھر جون ڪيتريون ئي گھٽيون پڪيون ڪرائيون. اڳ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مناسب بندوبست ٿيل نه ھو، پهرين پاڻي لاءِ کوهه کوٽايا ويندا هئا يا کاڻيون ۽ ڪچا تلاءُ هوندا هئا. شهر جي ماڻهن لاءِ اڪثر ڪري پخاليءَ پاڻي ڀرينداهئا. شهر ۾ پاڻي جي شديد قلت دوران پاڻ پراڻ منجھان خاص طور واٽر کوٽرائي پاڻي فراهم ڪرايو. ميرصاحب ڪوشش وٺي 1968ع ۾ شهر لاءِ واٽرسپلاءِ اسڪيم منظور ڪرائي، جنھنڪري پاڻي جي قلت دوُر ٿي ويئي. واٽرسپلاءِ سان گڏ شھر ۾ ڊرينيج سسٽم به قائم ٿي ويو. مير صاحب يونين ڪائونسل ٽنڊو جان محمد جي عمارت ٺهرائي جنهن جو سنگ بنياد 21 جون 1963ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب ايس علمدار رضا (csp)جن رکيو. جڏهن ته ان آفيس جو افتتاح ڪمشنرحيدرآباد ڊويزن جناب مسرور حسن خان 25 آگسٽ 1965ع تي ڪيو. شھر ۾ تفريح خاطر پُراڻ جي ڪپ تي پبلڪ پارڪ ۽ سخي جان محمد سٽيزن ڪلب پڻ قائم ڪرايو، جنهن جو افتتاح 11 نومبر 1966ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب فضل الاهي ڪيو. جنھن لاءِ چار ايڪڙ زمين ميرصاحب پاڻ ڏني. پبلڪ پارڪ سان گڏ ٽائون ڪميٽي جي نئين عمارت پڻ ٺھرائي. 1966ع ۾ ٽائون ڪميٽي ٽنڊو جان محمد وجود ۾ اچي چڪي هئي. ٽائون ڪميٽي جي نئين عمارت جو افتتاح ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب ڌڻي بخش جن 19 جنوري 1970ع تي ڪيو. ساڳئي طرح سان مير صاحب ڪوششون وٺي ربو روڊ تي ڪميونٽي سينٽر ڪم يونين گھر (يونين ڪائونسل آفيس) مير خدا بخش جي بلڊنگ ٺهرائي، جنهن جو سنگ بنياد 17 مئي 1968ع تي ان وقت جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بنيادي جمهوريت جناب محمد عباس صديقي رکيو ۽ ان جو افتتاح 7 سيپٽمبر 1968ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب فضل الاهي ملڪ ڪيو. انهي کانسواءِ مير صاحب اسلامي ڪلب ٺھرايو ۽ شهر ۾ ٽائون ڪاميٽي طرفان دڪانن لاءِ ھڪ مارڪيٽنگ سينٽر پڻ ٺهرايو. جنهن جي لاءِ مير صاحب سندس زمين بطور عطيه مفت فراهم ڪئي. انهي سينٽر جو افتتاح 25 آڪٽوبر 1968ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪرجناب فضل الاهي ملڪ ڪيو. ميرصاحب پنھنجي ذاتي ڪوششن سان شھر ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسپتال قائم ڪرائي. جڏهن ته سندس ئي دور ۾ شھر جي لاءِ بئنڪ، پوسٽ آفيس ۽ ٽيليفون ايڪسچينج ۽ ڪميونٽي سينٽر پڻ قائم ٿي ويا. 1964ع جي آيل زبردست طوفان دوران پاڻ سوين شهرين سان گڏ جھُڏو لڳ پراڻ جو بند ٽوڙايو ۽ شهر جي ماڻهن سان گڏ پراڻ جي بندن تي ڏينهن رات بيٺا رهيا ته جيئن شهر کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائي سگھجي. انهي ٻوڏ دوران پاڻ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي.

    ميرصاحب جو چيئرمينشپ جو دؤر تقريبن يارھن سال رھيو، پاڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جا ميمبر رهيا،انھي کانسواءِ پاڻ اولهه پاڪستان جي اسيمبلي جا ٻه دفعا ميمبر M.P.Aبه ٿي رھيا، جنھنڪري پاڻ علائقي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا، راڄوڻي فيصلا پڻ ڪيا جنھن سان علائقي ۾ عدل و انصاف قائم ڪرايو ۽ علائقي جي پسمانده عوام جي خوشگوار مستقبل لاءِ رھنمائي فرمائي. پاڻ نھايت سادا، سٻاجھا، رحمدل ۽ ٻاجھارا انسان هوندا هئا، هر امير و غريب جي شادي و غمي ۽ ڏک سک ۾ خود شريڪ ٿيندا هئا.

    تعليمي خدمتون: تاريخ اندر جن ماڻهن انسان ذات جي سجاڳيءَ لاءِ تعليم کي اهم سمجھي ان جي ڦهلائڻ لاءِ جاکوڙيو ۽ جدوجھد ڪئي آهي اهي خود به تعليم جي زيور سان آراسته هئا. پرشهر ٽنڊو جان محمد جا مير صاحب گھٽ تعليم يافته هئڻ جي باوجود به تعليم جي ترقيءَ لاءِ جيتري ڪوشش ڪئي ان جھڙو مثال ورلي ملندو. سخيءَ مير حاجي خدابخش خان ٽالپر جي خاندان جي اها دلي تمنا هئي ته هي شهر علم و ادب جو گھوارو بڻجي. انهي مقصد لاءِ انهن جاني ۽ مالي مدد ڪئي. ديني ۽ دنياوي تعليم جي حاصلات لاءِ مدرسا ۽ اسڪول قائم ڪرايا. بلڪه شاگردن ۽ استادن جي لاءِ مفت کاڌي پيتي ۽ رهائش جو انتظام ڪيو ۽ غريب شاگردن لاءِ وظيفا به مقرر ڪيا ته بوڪ بئنڪ به قائم ڪرايا.ميرصاحب به شهر ٽنڊو جان محمد ۾ تعليم جي ترقي لاءِ بيحد گھڻي جاکوڙ ڪئي.پاڻ ميراحمد خان ۽ ميرقادربخش جي تعليم جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي اڳتي وڌائيندي انھن کي پايهءِ تڪميل تائين پھچايو.پاڻ هن شهر ۽ علائقي جي عوام کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري، اڻٿڪ محنتون ۽ ڪوششون وٺي جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا اهي اهل بصيرت کان لڪل ڪيئن آهن .

    پرائمري تعليم: جيئن ته شهر ۾ بنيادي تعليم سخي مير جان محمد ٽالپر جي دور کان ئي ڏني پئي ويئي. ھن مسلمانن کي ديني تعليم ڏيارڻ خاطر ڳوٺ ۾ ھڪ وڏو ديني مدرسو قائم ڪرايو ھو، جتي اسلامي تعليم سان گڏوگڏ عربيءَ ۽ فارسي زبانون پڻ پڙھايون وينديون ھيون. ان وقت فارسي زبان ملڪ جي دفتري زبان هوندي هئي. جنھنڪري پري پري کان ٻار ھتي اچي ديني توڙي دنياويءَ تعليم حاصل ڪندا ھئا. سائين امولڪ ٿري صاحب ماهوار ’امرتا‘ جي نومبر 2007ع واري شماري ۾ پنهنجي مضمون ” مير خدابخش ٽالپر (شخصيت ۽ سماجي خدمتون)“ ۾ ڄاڻايو آهي ته: پرائمري اسڪول جو بنياد 1886ع ۾ پئجي چڪو هو ان لاءِ حڪومت 1912ع ۾ ٽي ڪمرن تي مشتمل ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ طرفان عمارت ٺهرائي ڏني.اڳتي ھلي مير حاجي قادر بخش خان جنھن کي غريبن جي تعليم جو تمام گھڻو اونو ھوندو ھو، تنھن 35_1934ع ڌاري جناب عطا حسين موسوي صاحب ائڊمنسٽريٽو آفيسر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر، جي تعاون سان انگريزي تعليم جو بنياد رکيو. پھرين سنـڌي سان گڏ ٽي درجا قائم ٿيا، ڪجھ عرصي کان پوءِ جدا انگريزي اسڪول قائم ڪرايو. ميرصاحب تعليم جي واڌاري لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي، ھاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ھئا ته حياتي سندس ساٿ نه ڏنو، پاڻ 1937ع ۾ ھن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويا. جڏهن ته پرائمري اسڪول جو بنياد مير جان محمد ثاني جي دور ۾ 1886ع ۾ ئي پئجي چڪو هو. ان لاءِ حڪومت1912ع ۾ 3 ڪمرن تي مشتمل ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي طرفان عمارت ٺهرائي ڏني. وقت گذرڻ سان گڏ ٻارن جي وڌندڙ تعداد کي ڏسندي ٻن هنڌن تي ڪجھ وڌيڪ ڪمرا مسواڙ تي حاصل ڪيا ويا. ان هوندي به جڳهه جي پورائي نه ٿي سگھي ته مير صاحب پاڻ 6 ڪمرن واري هڪ جاءِ بنا مسواڙ جي پرائمري اسڪول حوالي ڪئي. مير حاجي خدابخش ٽالپر صاحب جي ذاتي ڪوششن ڪري حڪومت طرفان 1967ع ۾ 5 ڪمرن تي مشتمل پرائمري اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائي ڏني وئي. هن وقت شهر ۾ سرڪاري سطح جا ٻه بوائزپرائمري اسڪول هلي رهيا آهن.
    ساڳئي نموني سان ڇوڪرين جي تعليم لاءِ مير احمد خان ٽالپر 1938ع ۾ جدا گرلس پرائمري اسڪول قائم ڪرايو. اهو اسڪول پنهنجي عمارت نه هئڻ سبب ڪڏهن مسواڙ ته ڪڏهن بنا مسواڙ تي مختلف جاين تي هلندو رهيو. اڳتي هلي 1967ع ۾ ان وقت جي اولهه پاڪستان جي صوبائي وزيرتعليم بيگم محموده سليم خان گرلس اسڪول جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو. هن وقتاان عمارت ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول هلي رهيو آهي.

    سيڪينڊري تعليم: مير حاجي قادر بخش ٽالپر جنهن کي غريبن جي تعليم جو تمام گھڻو اونو هوندو هو تنهن 1934ع ۾ جناب عطا حسين موسوي صاحب، ائڊمنسٽريٽر آفيسر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي تعاون سان شهر ۾ انگريزي تعليم جو بنياد رکيو. پهريائين سنڌي سان گڏ انگريزي جا ٽي درجا قائم ٿيا. ڪجھ عرصي کان پوءِ الڳ انگريزي اسڪول قائم ٿيو. مير حاجي قادر بخش هر وقت تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڪوششان رهيو، پاڻ شهر ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ جا خواهشمند هئا ليڪن زندگي وفا نه ڪئي ۽ پاڻ 1937ع ۾ رحلت فرمائي ويا. سندس ڀاءُ مير حاجي احمد خان ٽالپر ۽ سندس خاندان هن جي مشن کي پايهءِ تڪميل تائين پهچايو. مير احمد خان ٽالپر صاحب 1944ع ۾ ان وقت جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن جناب ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جناب سيد غلام حيدر شاهه صاحب جي تعاون سان شهر ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرايو. سندس جي ڪوشش هئي ته هاءِ اسڪول کي گورنمينٽ جي حوالي ڪيو وڃي، انهي ڪري پاڻ 25 هزار رپيا روڪ ۽ سورنهن ايڪڙ زمين اسڪول جي نالي ڪئي ۽ ائين 1950ع ۾ هن هاءِ اسڪول جو انتظام حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ورتو.مير حاجي قادر بخش ٽالپر جي ڪيل بيباڪ خدمتن عيوض هن اسڪول تي سندس نالو مير حاجي قادر بخش هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمدMIR HAJI KADER BUX (MHK) GOVERNMENT HIGH SCHOOL TANDO JAN MUHAMMAD رکيو ويو. جنهن جو پهريون هيڊ ماستر محترم جناب غلام صديق بلوچ کي مقرر ڪيو ويو جيڪو 30 ڊسمبر 1950ع کان 13 جون 1952ع تائين رهيو.
    مير حاجي خدابخش ٽالپر جي شهر جي واڳ سنڀالڻ جي شروعاتي ڏينھن ۾ ئي سندس ڪوششن سان ھاءِ اسڪول ۽ ھاسٽل جون فلڪ بوس عمارتون ٺھيون. 1955ع ۾ دولت مشترڪه طرفان پاڪستان کي ڪولمبو پلان ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن تحت پاڪستان ۾ 1956ع کان 1961ع تائين پهريون پنج ساله اقتصادي منصوبو شروع ڪيو ويو. مير صاحب ۽ ان وقت هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر محترم محمد بچل خاصخيلي صاحب جي تعاون ۽ ڪوششن سان 1956ع ۾ هاءِ اسڪول جي هاسٽل، مسجد، هيڊ ماستر جو ڪوارٽر ۽ اسٽاف جي رهائش لاءِ ڪوارٽر ٺهيا. جڏهن ته هاءِ اسڪول جي عمارت جو سنگ بنياد ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب محمود اقبال صاحب 30 ڊسمبر 1958ع تي رکيو.جنهن جي لاءِ مير احمد خان ٽالپر صاحب پهريائين ئي سورنهن ايڪڙ زمين ڏئي ويو هو، جڏهن ته پاڻ بقايا پنجويھ ھزار رپيا ۽ چار ايڪڙ اضافي زمين پڻ ڏني.ساڳئي طرح سان پنجاهه هزار رپيا ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر طرفان جاري ڪيا ويا.1962ع ۾ هاءِ اسڪول جي اها عاليشان عمارت ٺهي راس ٿي. جنهن جي اوپننگ سيريمني ان وقت جي سيڪريٽري تعليم اولهه پاڪستان محترم جناب انور عادل سي ـ ايس ـ پي صاحب جن 29 جولاءِ 1962ع تي هڪ شاندار تقريب دوران پنهنجي دست مبارڪ سان ڪئي. اڳتي هلي پراڻي عمارت ۾ پوسٽ آفيس قائم ڪئي ويئي. هاءِ اسڪول قائم ٿيڻ کان پوءِ هتي مڊل اسڪول اسڪالرشپ،مڊل اسٽينڊرڊ اسڪالرشپ، ايليمينٽري، انٽر ڊرائنگ ۽ سيڪنڊري توڙي هائر سيڪنڊري سطح جي امتحانن جا سينٽر قائم ٿيندا رهيا. جڏهن ته هي اسڪول ان وقت ضلعي ٿرپارڪر جي بهترين اسڪولن ۾ شمار ٿيندو هو. ان وقت هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ پري پري کان هزارين شاگرد اچي رهائش پذير ٿيندا هئا. شاگردن جي فين ۽ ڪتابن لاءِ بوڪ بئنڪ قائم ڪرايا ويا،جڏهن ته استادن ۽ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو سڄو خرچ مير صاحب پاڻ پنهنجي گھران ڀريندا هئا.
    مير صاحب جي دور ۾ 1962ع ۾ ٽنڊو جان محمد ۾ پھرين گرلس مڊل اسڪول قائم ٿيو جنهن جي عمارت ٽائون ڪاميٽي طرفان مهيا ڪئي ويئي. جنهن کي 1972ع ۾ گرلس ھاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. ۽ ان لاءِ الڳ عمارت تعمير ڪئي ويئي.اڳ ۾ ڇوڪريون بوائز ھاءِ اسڪول ۾ گڏيل تعليم پرائينديون ھيون، الڳ اسڪول قائم ٿيڻ ڪري ھتي جي ڇوڪرين ۾ به تعليمي رجحان وڌڻ لڳو.

    اعلى تعليم: ستارءِ خدمت سخيءَ مير حاجي خدابخش ٽالپر صاحب جو تعليم جي ميدان ۾ وڏو ڪارنامو ٽنڊو جان محمد شھر ۾ ڪاليج قائم ڪرائڻ آھي.ان وقت اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويجھو ڪوبه ڪاليج نه هو، صرف ٿرپارڪر ضلعي جو واحد ڪاليج ميرپورخاص شهر ۾ قائم ٿيل هو. ميرحاجي خدابخش خان ٽالپر جيڪو علم جي شمع کي هميشه روشن رکڻ جو پانڌيئڙو هو تنهن1964ع ۾ ڪجھ اعلى آفيسرن ۽ قريبي علائقي جي معززين جي مخالفت جي باوجود اعلىعملدارن سان ملي ڪري فوري طور ڪاليج لاءِ سورنھن ايڪڙ زمين ۽ گھربل پيسا ڏئي ڪاليج ٽنڊو جان محمد شھر ۾ منظور ڪرائي ورتو.جيڪو عارضي بنيادن تي هاءِ اسڪول جي هاسٽل جي عمارت ۾ قائم ڪيو ويو. ان جو پهريون پرنسپل مشهور ماهر تعليم پروفيسر سيد مسعود علي کي مقرر ڪيو ويو، جنهن 26 آگسٽ 1964ع تي چارج ورٺي ڪم شروع ڪري ڏنو. تنھن کانپوءِ مير صاحب ڪاليج جي عمارت جو به بنياد رکرايو.جنهن جو سنگ بُنياد 1967ع ۾ ان وقت جي اولهه پاڪستان جي وزير تعليم بيگم محموده سليم خان رکيو. ڪاليج جي بلڊنگ جنهن ۾ سائنس ۽ آرٽس ڊپارٽمينٽ ۽ انهي سان گڏ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جي عمارت جنهن ۾ هن وقت زولاجي جو شعبو قائم آهي، مير صاحب طرفان اسڪول لاءِ ڏنل اضافي چار ايڪڙ زمين واري ايراضي ۾ ٺاهي ويئي. ڪاليج جي عمارت 1978ع ۾ ٺهي. ان کان پهرين ڪاليج عارضي بنيادن تي اسڪول جي هاسٽل ۾ هلايو ويندو هو.مير صاحب ڪاليج لاءِ ھاسٽل به منظور ڪرائي، جنھنجي عمارت سندس ڏينھن ۾ ٺھي راس ٿي.ڪاليج جي هاسٽل جو سنگ بنياد 6 جولاءِ 1970ع ۾ ان وقت جي ڪمشنر حيدرآباد جناب اخلاق حسين رکيو.هڪ سال اندر هاسٽلجي تمام وڏي، خوبصورت ۽ بهترين عمارت ٺهي راس ٿي جنهن جو افتتاح ان وقت جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن جناب غلام رضا ڀٽو صاحب29 مارچ1971ع تي ڪيو.ھاسٽل ٺھڻ کانپوءِ ھن ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌڻلڳو، پري پري کان علم جا اڃايل ھتي اچي علم جي پياس اجھائيندا ھئا. شروعاتي دور کان ئي شاگردن ۽ استادن جو سڄوخرچ به ميرصاحب پاڻ ڀريندا ھئا.15 اپريل 1972ع تي ان وقت جي صدر پاڪستان جناب ذوالفقارعلي ڀٽو طرفان ملڪ ۾ نئين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو ويو، جنھن سان ھن ڪاليج کي سنـڌ يونيورسٽي طرفان 1973ع ۾ ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو.اڳتي هلي 1983ع ۾ هن ڪاليج ۾ ڪامرس جو شعبو کوليو ويو.جناب پرنسپل پروفيسر سراج الدين قريشي صاحب تمام گھڻيون ڪوششون وٺي 1990ع ڌاري ڪاليج ۾ ڊگري ڪلاسز لاءِ نئون پورشن منظور ڪرايو، جنهن جي بلڊنگ 1994ع ۾ ٺهي راس ٿي.جنهن ۾ هن وقت ڊگري ڪلاسز هلن ٿا ۽ فزڪس، باٽني ۽ ڪمپيوٽر سائنس جون ليبارٽريز به شامل آهن.اھڙي طرح ھن ڪاليج مان ڪيترائي شاگرد گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جا ڪورس ڪرڻ لڳا، جنھن سان عام شاگردن ۾ تعليم جو رجحان وڌيڪ پيدا ٿيو. 2009ع ۾ پرنسپل پروفيسر عباس علي خان قائمخاني جي ڪوششن سان بيچلر آف ڪمپيوٽر سائنس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي جي الحاق سان متعارف ڪرائي ويئي ۽ انهي سان گڏ ڪاليج مينيجمينٽ ڪاميٽي(CMC) جي تعاون سان انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر ليبارٽري، آڊيٽوريم هال، پرنسپل آفيس، اسٽاف روم ۽ ڪلاس روم جي تزئين و آرائش جو ڪم به ڪرايوويو. پاڻ ٻه دفعا ڪاليج مئگزين باب الاسلام شايع ڪرايو.

    گرلس ڪاليج: اڳتي هلي شهرين ۽ خاص طور پروفيسر مير غلام محمد ٽالپرطرفان ڪوششون وٺي شاگردياڻين جي لاءِ الڳ گرلس ڪاليج منظور ڪرايو ويو، جنهن لاءِ محترم مير علي احمد ٽالپر صاحب پنهنجي چار ايڪڙ قيمتي زمين مفت ۾ ڏني، جتي گرلس ڪاليج جي شاندار عمارت ٺاهي ويئي.گرلس ڪاليج ۾ 2004ع کان انٽر ليول تائين تدريسي عمل شروع ٿي ويو.نسرين صبا ٽالپر کي گرلس ڪاليج جي پهرين پرنسپل مقرر ڪيو ويو . 2007ع ۾هن ڪاليج کي اپ گريڊ ڪري ڊگري ڪلاسز به شروع ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته ڪاليج کي گورنمينٽ طرفان هڪ بس ۽ هڪ وين ڏني ويئي آهي. جنهنڪري شهر ٽنڊو جان محمد، ڊگھڙي ۽ جھُڏو جي شاگردياڻين کي ڪاليج ۾ پهچڻ لاءِ آساني ٿي پيئي آهي. انهي کانسواءِ 2012ع ۾گرلس ڪاليج ۾ هاسٽل جي تمام وڏي عمارت پڻ ٺاهي ويئي آهي. 2016ع ۾ ڪاليج طرفان پهريون دفعو ڪاليج ميگزين ”جوت“ شايع ڪرايو ويو آهي.

    مير حاجي خدابخش ٽالپر صاحب تعليمي ادارن اندر نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين کي اوج تي پهچائڻ ۾ به وسان نه گھٽايو. ۽ ڪاليج جو نالو روشن ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مير خدابخش جي ذاتي ڪوششن سان هن ڪاليج ۾ سيرت النبيءَ ﷺ ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي وڏي عالم دين مولانا احتشام الحق ٿانوي صاحب مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ جشن لطيف جو پروگرام پڻ ڪافي دفعا ترتيب ڏنو ويو،۽ اهڙي طرح ٻيا ڪيترائي سماجي ثقافتي پروگرام ترتيب ڏنا ويا،جن ۾ ان وقت جي چوٽيءَ جي اسڪالرن، اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ريڊيو ۽ اسٽيج جي فنڪارن حصو ورتو هو.
    اهو مير حاجي خدابخش ٽالپر جي اعلى ۽ ارفع آدرشن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ به ھزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون ھن ئي عظيم الشان تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ائين علم جي ڏيئي کي روشن ڪندا پيا اچن. اڄ به انھن تعليمي ادارن طرفان ڪيترائي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪرايا وڃن ٿا. جن ۾ ڊرامه، ڪانفرنسون، ثقافتي ميلا منعقد ڪرائڻ،اديبن، فنڪارن سان شام ملھائڻ، اعلى شخصيتن ۾ ايوارڊ تقسيم ڪرڻ شامل آھن، جن ۾ شھر ٽنڊو جان محمد ۽ پسگردائي جو عوام ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندو آھي ۽ ائين ھن شھر جا رھواسي فن ۽ ادب جي ماھرن ۽ علم جي عالمن کان لطف اندوز ٿيندا رھندا آھن. انھي کانسواءِ ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ وڏا وڏا گرائونڊ ھئڻ ڪري وقت به وقت تعليمي ادارن طرفان راندين جا مقابلا به ڪرايا وڃن ٿا، جن ۾ شاگرد توڙي شاگردياڻيون ڀرپور نموني سان حصو وٺن ٿا.

    ادبي خدمتون: مير صاحب نه صرف تعليمي ادارن جو بنياد رکيو بلڪه تعليمي ادارن ۾ نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين سان گڏ شهر ۾ علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي به عروج تي پهچايو.1952ع ۾ اسڪول ۾ مقرر عربي ٻولي جي برک استاد مولانا غلام مصطفى دادوي جي معرفت علامه دائود پوٽو سان خط و ڪتابت ڪري شهر ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي “جو بنياد رکيو. اڳتي هلي انهي سوسائٽي جي پليٽ فارم تان ”آل سنڌي عربي ڪانفرنس“، ”سيرت النبيءَ ڪانفرنس“ ۽ لنواري شريف جي حوالي سان اخبار ”پيغام ڪُل“ شايع ڪرائي، ساڳي طرح سان سندس دور ۾مختلف ادبي فنڪشنس، ثقافتي ميلا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام منعقد ڪرائڻ ۽ اخبارون، ميگزين ۽ مختلف ڪتاب شايع ڪرايا ويندا هئا. جن لاءِ پاڻ هر وقت مالي مدد ڪندا رهندا هئا. انهن پروگرامن ۾ نه صرف پاڻ صدارت ڪرڻ فرمائيندا هئا، بلڪه ماهرين تعليم، علمي و ادبي، سياسي و سماجي شخصيتن، دانشورن ۽ اعلى سرڪاري عهديدارن کي به مدعو ڪندا هئا. انهن شخصيتن ۾ پير بادشاهه گُل حسن قدس سرهُ ، علامه دائودپوٽو، احتشام الحق ٿانوي، پروفيسر غلام مصطفى شاهه سابق وفاقي وزير تعليم، پروفيسر غلام رضا ڀٽو،سيد پناهه علي شاهه، بيگم سيده محمود سليم وفاقي وزير تعليم،سيد پناهه علي شاهه صاحب،پروفيسر محمد اڪرم انصاري،جناب عطا حُسين موسوي ۽ ٻيون اهم شخصيتون شامل هيون.

    مير حاجي خدابخش ٽالپر شهر ٽنڊوجان محمد ۽ پسگردائي جي عوام لاءِ علم و ادب جي ميدان ۾ ايتريون ته خدمتون سرانجام ڏنيون جو اڄ جو ھر شاگرد سندس تمام گھڻو ٿورائتو آھي.ميرحاجي خدابخش خان ٽالپر، شهر ٽنڊو جان محمد ۾ تعليم جي حوالي سان جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون انهي سبب پاڻ به علم لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي انهن عظيم ڪردارن واري قطار ۾ بيٺل نظر اچن ٿا جن ۾ حسن علي آفنديءَ، سيد الهندو شاهه، جان محمد جوڻيجو،مير غلام محمد ٽالپر، نورمحمد وڪيل ۽ حاجي خان ميهر خان خواجه شامل آهن.هينئر ان ڳالهه جي پڻ ضرورت آهي ته ڪاليج جي انهي عظيم اداري کي يادگار طور سندس ئي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. سائين امولڪ ٿري صاحب کيس زبردست خراج پيش ڪندي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته: ”مرحوم مير حاجي خدابخش ٽالپر پنهنجي وڏن جي ڇڏيل ميراث کي جنهن ڀلي نموني ۽ انسان ذات جي بهتري ۽ بهبوديءَ جي لاءِ استعمال ڪيو اهڙو مثال شايد مشڪل ملي. پاڻ ٿرپارڪر ضلعي جي پسمانده شهر ٽنڊو جان محمد ۾ تعليم جي جيڪا شمع روشن ڪئي انهي پوري ملڪ اندر علم جو نور ڦهلائي ڇڏيو. اها سندس بي لوث خدمت هئي جو اڄ به سندس نالو انسان ذات جي عظيم محسنن ۾ شمار ٿئي ٿو، کيس هن تر جو ”سرسيد“ سڏجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.

    مير صاحب جي دور ۾ شهر ٽنڊو جان محمد قابل رشڪ ترقيءَ ڪئي. پاڻ سخي ميرجان محمد خان ٽالپر جي خاندان جا آخري چشم و چراغ ھئا،65 سالن جي عمر ۾18 آگسٽ 1975ع بروز سومر ڏينهن سوا ڏهه بجي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري آرام گاھ لنواري شريف ۾ ڪوٽ پاڪ جي اندر سندس مرشد جي مقبري سان لڳ ڏکڻ طرف آھي.​
    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀُونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.​

    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏8 مارچ 2018
  2. مير جمشيد اختر ٽالپر

    مير جمشيد اختر ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو جان محمد
    سنڌ جي اهڙن انمول هيرن کي پوري ڏيهه ۾ اجاڳر ڪرڻ اسان جو فرض آهي...
     
  3. مير جمشيد اختر ٽالپر

    مير جمشيد اختر ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو جان محمد

هن صفحي کي مشهور ڪريو