منهنجي طرفان....04 ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * سنڌين جي شهر الهاس نگر (سنڌو نگر)، ڀارت ۾ مونکي عربي سنڌيءَ ۾ ڪيترن دڪانن جا بورڊ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي: محمد خان سيال ـ

    * سنڌين خلاف نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ سندس سنڌ جيَ وڏي وزير ارباب رحيم بابت منهنجي بي ريا ڇنڊڇاڻ: ارباب رحيم سنڌ دشمن، عقل کان وانجھو ۽ بدتميز شخص هو: محمد خان سيال ـ

    * چون ٿا ته پنهنجو پچايل کاڌو، پنهنجي لکڻي، پنهنجو ٻار ۽ پرائي زال، سدائين وڻندا آهن. تبصرو ڪريو ته ڇا ائين آهي؟ محمد خان سيال ـ

    * آمريڪا ۾ سفير اعتزاز چوڌري مارچ 2017 ۾ 3 سالن لاءِ مقررٿيو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي “ڪاروباري پارٽنر“ جي پٽ علي صديقيءَ کي نوازڻ لاءِ، کيس نئون سفير مقرر ڪيو آهي جڏهن ته انهيءَ جو نه ڪو سياسي پسمنظر آهي ۽ نه ئي کيس سفارتي تجربو آهي ـ اهڙي ماڻهوءَ کي نوازڻو هو ته کيس ڪينيا يا گڏيل عرب رياستن ۾ سفير مقرر ڪجي ها ته ڪير به اعتراض نه ڪري ها. آمريڪا جھڙي اهم ملڪ ۾، پڪ سان اهڙن غيرسياسي پر “ڪاروباري پارٽنر“ جي پٽ جي مقرري بدنامي جو ڪارڻ بڻبي ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو