سنڌ جو سائنسدان، رياضيدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير جمشيد اختر ٽالپر طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2018۔

  1. مير جمشيد اختر ٽالپر

    مير جمشيد اختر ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو جان محمد
    ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا


    [​IMG]


    ڊاڪٽر مير نور محمد 15 فيبروري 1935ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان 1950ع ۽ 1952ع ۾ ورتل مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جي امتحانن ۾ ترتيبوار فرسٽ ڪلاس ٽيون نمبر ۽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. رياضيءَ سان دلچسپي هئڻ ڪري، رياضيءَ کي خاص مضمون طور اختيار ڪيائين. اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.ايس. سي (آنرز) ۽ 1956ع ۾ ايم. اي (رياضيءَ) جون سندونحاصلڪيائين. ٻنهي امتحانن ۾ ٻئي دفعا فرسٽ ڪلاس، فرسٽ آيو ۽ سونوٻلوحاصلڪيائين. جلدي کيس ميرٽ اسڪالر شپ ملي ۽ اعليٰتعليمحاصلڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿيو،جتيکيس امپيريل ڪاليج لنڊن مان ايم.ايس. سي جي ڊگري ملي. ساڳئي سال ساڳئي ڪاليج مان ڊي. آءِ. سي (ڊپلوما آف امپريل ڪاليج) جي ڊگري بهحاصلڪري ورتائين.انکان پوءِ موٽي اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ سينيئر ليڪچرار طور رياضيءَ جي شعبي سان وابسته ٿيو. مگر رياضيءَ جي وڌيڪ حاصلات واري خيال کيس آرام سان ويهڻ نه ڏنو ۽ 1964ع ۾ ڪولمبو پلان فيلوشپ تحت رياضيءَ جي اعليٰتعليملاءِ ٻيهر لنڊن روانو ٿيو. آخرڪار ڊسمبر 1967ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ”پروفيسر ڊبليو. ڪي. جي مان“ جي نگرانيءَ هيٺ رياضيءَ ۾ ”پي. ايڇ. ڊي“ جي ڊگري وٺي وطن واپس وريو. 1968ع ۾ شعبي جو ريڊر ۽ 1970ع ۾ پروفيسر ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رياضيءَ جو موجوده شعبو سندس ڪوششن جو ثمر آهي. شعبي جي ترقيءَ لاءِ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيائين، سندس قابليت جو اعتراف ڪندي پوريپاڪستان۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي رياضيءَ جي شعبي کي ”خالص رياضيءَ جو اعليٰ مرڪز“ (Center of Excellence in Pure Maths) قرار ڏنو ويو. انهيءَ ڳالهه جو کيس هميشه اونو رهندو هو ته ڪيئن پنهنجي زندگيءَ ۾انڳالهه جو عملي ثبوت ڏئي، پر اهوخوابسندس حياتيءَ ۾ پورو ٿي نه سگهيو. بهرحال اهو سڀڪجهه سندس ڪوششن جو ئي نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن 75-1974ع جي بجيٽ ۾، رياضيءَ جي شعبي کي انسٽيٽيوٽ جي حيثيت ڏني.
    ڊاڪٽر مير نور محمد رياضيءَ جي ميدان ۾بينالاقوامي شهرت ۽ سڃاڻپ جو مالڪ هو. هو هڪ ئي وقت رياضيءَ جي ڪيترين ئيبينالاقوامي تنظيمن ۽ سوسائٽين جو ميمبر هو، جهڙوڪ:جنوري1970ع کان ”لنڊن مئٿميٽڪل سوسائٽي“ جو باقاعدي ميمبر رهيو.انکانسواءِجنوري1971ع کان ”آمريڪن مئٿميٽڪل ايسوسيئيشن“ جو ميمبر رهيو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رياضيءَ جيبينالاقوامي سيمينارن ۾ شرڪت ڪيائين. 1962ع ۾ نيشنل سائنس فائونڊيشن طرفان رٽگرس يونيورسٽي، نيو برنس وڪ، نيو جرسي (آمريڪا) ۾ رياضيءَ جي استادن لاءِ ٿيل ڪورس ۾ شامل ٿيو. رياضيءَ جي وڌيڪ اڀياس جي سلسلي ۾ فيڊرل ريپبلڪ آف جرمنيءَ طرفان دعوت ملڻ تي پهرينآڪٽوبر1971ع کان 15 ڊسمبر 1971ع تائين جرمنيءَ ۾ رهيو. وريآڪٽوبر1973ع کانآگسٽ1974ع تائين سينئر فل برائٽ اسڪالرشپ تي ”الينوائس يونيورسٽي“آمريڪا۾ وزيٽنگ اسڪالر جي حيثيت سانتحقيقڪيائين. 1975ع ۾ “Complex Analysis” جي سلسلي ۾ اٽليءَ ۾ ٿيندڙبينالاقوامي سيمينار ۾ شرڪت لاءِ 17 مئي تي روانو ٿيو، پر 21 مئي تي سيمينار شروع ٿيڻ کان اڳ سندس موت واقع ٿيو، اهو شڪ پيدا ٿيو ته کيس زهر ڏئي قتل ڪيو ويو.
    ڊاڪٽر مير نور محمد جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن. خاص طور گذريل ڏهن سالن ۾ نصاب جي تجديد (Modernization) جون جيڪي به تبديليون آيون، انهن ۾ سندس وڏو هٿ هو.انڏس ۾ سينٽرل بيورو آف ڪريڪيولم رياضيءَ جي قومي ڪاميٽيءَ جو هو چيئرمن به رهي چڪو هو.انکانسواءِ 7 مئي 1967ع تي لاهور ۾ تعليمي ماهرن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ”رياضيءَ ۾ کوجنائون ۽ نصاب ۾بينالاقوامي سڌارا“ موضوع تي هڪ عالمانه تقرير ڪئي هئائين. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڏهه ساله رپورٽ (1958-1968ع) ”پاڪستان۾ رياضيءَ جيتعليمجي تجديد“ سندس هڪ فاضلانه تحرير آهي. مطلب ته مڊل اسٽينڊرڊ کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين نصاب جي نواڻ ۾ سندس خدمتون قابل قدر آهن. 1970، 1971 ۽ 1972ع ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين ”نئين ابتدائي رياضي“ جي ڪتابن لکڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جو سهرو سندس سر تي آهي.انکان سواءِ 1971ع ۾ پوريپاڪستانسطح تي يونورسٽي گريجوئيٽ ڪورسن لاءِ رياضيءَ جي ڪتاب ”Calculus and Analytic Geometry“ جوايڊيٽر۽ هڪ ليکڪ ٿي رهيو.اسلامآباد۾ يونيسڪو طرفان ٿيل ڏکڻايشياجي ملڪن تي هسٽري آف سائنس جي انتظام تحت ”الخوارزميءَ جو رياضياتي ذهن“ Mathematical genius of Al-khwarzami) )تي هڪ تفصيلي مقالو پڙهيو هئائين.”سنڌ صدين کان“بينالاقوامي سيمينار ۾ ”ميرن جا ڪتبخانا“ عنوان تي به هڪ مقالو پڙهيو هئائين. انهن مضمونن ۽ مقالن کا سواءِ ٻيا به ڪيترائي مضمون لکيائين. جيڪي آلپاڪستانسائنس ڪانفرنس ۽ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي ڪانفرنسن ۾پڙهياهئائين.
    ڊاڪٽرٽالپرصاحب ايترين مشغولين ۽ سرگرمين ۾ مصروف هئڻ جي باوجود رياضيءَ سان پنهنجو دلي لڳاءُ قائم رکيو ۽ پنهنجي وڌيڪتحقيقجاريرکندو آيو.انڪري چڱي انداز ۾ تحقيقي مضمون (Research Papers)بينالاقوامي شهرت وارن رسالن ۾ ڇپيا هئس ۽ ڪجهه ڇپجڻ لاءِ منظور ٿيا هئس.

    ڊاڪٽر صاحب انهيءَٿوريعرصي دوران قوم ۽ ملڪ جي وڏي خدمت ڪئي.انجو سبب صاف ظاهر آهي ته منجهس ڪم ڪرڻ جو عزم ۽ اتساهه موجود هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي رياضي جي شعبي جو 1967ع کان وٺي 1973ع تائين سربراهه ٿي رهيو ۽ وقت بوقت شماريات جي شعبي جي پڻ واڳ سنڀاليائين.انعرصي دوران يعني 1968، 1969 ۽ 1970ع ۾ ڪاليجي استادن لاءِ جيڪي نئين نصاب ۾ مختلف ڪورسز ترتيب ڏنا ويا هئا،تن۾ ليڊر ٽرينر جي حيثيت سان فرائض سر انجام ڏنائين.انکانسواءِپاڪستانجي مختلف تعليمي ۽ سائنسي جماعتن جي ميمبر هئڻ جي حيثيت ۾ سندن هٿ ونڊائيندو رهيو. مثال طور هو سنڌ صوبي جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر، نيشنل سائنس ڪائونسل جو ميمبر،پاڪستان سائنس فائونڊيشنجي ٽرسٽيز جو ميمبر، يونيوسٽي گرانٽس ڪميشن جو نمائندو ۽ ميمبر، لاهور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي نيشنل ميوزيم جو ميمبر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر هو.انسان گڏ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو بنياد رکندڙ ميمبر ۽ آخر وقت تائين سوسائٽيءَ جو خزانچي ٿي رهيو. وفاقي وزارتتعليموارن کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڀال تحت، رياضيءَ تي هڪ سيمينار منعقد ڪرائڻ لاءِ ڪافي پئسا منظور ڪرايا هئائين. پاڻ 17 مئي 1975ع تي اٽليءَ ۾ ٿيندڙ هڪ سيمينار ۾ شريڪ ٿيو ته هڪ سازش تحت کيس زهر ڏياري 21 مئي 1975ع تي شهيد ڪيو ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو