شاعر گوهر گل ڳورڙ جي ياد ۾ ڪوٺايل مشاعري ۾ پڙهيل مضمون

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ اظهر سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2018۔

  1. اظهر سولنگي

    اظهر سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    دل جي گلستان مان ڇڻيل گل جي ياد

    اظهرآدرش سولنگي



    “توهان کي پهريون دفعو ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ڏٺو اٿم، ڪير آهيو ۽ ڪٿان کان آهيو” هڪ سنهڙي نوجوان مسڪرائيندي پڇيو. مون ان همراه جنهن جي ڳالهائڻ جو انداز ڌيمو ۽ سرائڪي لهجو هئس کي چيو ،“ واقعي هي منهنجو پهريون ادبي پروگرام آهي” ۽ کين پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو . ان ئي وقت هن منهنجي هٿ مان همسري جو پرچو ورتو ۽ پنا اٿلائڻ شروع ڪيا، ڏسندي ڏسندي منهنجي مضمون تي اچي بيهي رهيو ۽ مضمون پڙهندو به رهيو ته مونسان پنهنجي مخصوص لهجي ۾ ڳالهائيندو به رهيو، مضمون پڙهي مئگزين بند ڪري چيائين “ اوهان تمام سٺو پيا لکو ۽ ها..! اسين ٻئي پاڙيسري به آهيون.” پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيائين “ مون به ڪافي دفعا سياسي ڪالم لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر الهاء ڇو دل چاهيندي به لکي ناهيان سگهيو” اڳتي مسڪرائيندي چيائين “ اوهان منهنجي هن فن ۾ ڪا اصلاح ڪيو ته منهنجي دلي خواهش پوري ٿئي..” هن جي اصلاح واري ڳالهه تي مون ڏاڍي ڦڪائي محسوس ڪئي ۽ مئگزين وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. ڪجهه خاموشي کان پوء مون کيس چيو “ اوهان کي منهنجي مضمون تي ڳالهه ٻولهه ڪري منهنجي اصلاح ته ڪرڻ گهرجي ها، ويتر مون تي جهڙو تنقيد پيا ڪريو” چيائين؛ ڇو..؟ مون چيو اوهان شاعر آهيو ۽ اهو به سٺي پائيي جا اوهان کي ته ادب جي هر صنف ايندي آهي”. منهنجي اهو پڇڻ تي هو کلڻ لڳو. “ سائين ائين ناهي جيئن اوهين سمجهو ٿا.” ان کان پوء مون کي پتو پيو ته واقعي هن جي ان مسڪراهٽ ۾ تنقيد نه پر هڪ اتساهه شامل هوندو هيو، پوء هميشه مون هن کي ان ئي مسڪراهٽ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏٺو. ٻن مهينن کان پوء گوهر گل مون کي ملڻ وقت ئي چيائين “مان همسري جو ريگيولر پڙهندڙ آهيان پر خبر اٿئي سڀ کان پهريون اوهان جو ڪالم پڙهندو آهيان.... ڏاڍي کري ڳالهه ٿا ڪئي اٿو آمريڪا جي حوالي سان.. ۽ ها اوهان جي ڪهاڻي به پڙهي اٿم ڏاڍي زبردست.. ”. هي ان انسان جي شروعاتي گفتگو هئي جيڪا صرف منهنجي لاء اتساهه ڀري هئي، گوهر جي انهن لفظن نه صرف مونکي هڪ اتساه ته ڏنو پر مونکي پنهنجي قريب به ڪري ويو.

    گوهر گل هي اهو گل هئو جيڪو نه صرف پنهنجي خوشبو سان مونکي واسيندو هيو پر مون جڏهن جڏهن به ڏٺو ته هميشه ڪنهن نه ڪنهن ڏات ڌڻي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي گفتگو ۾ محو ڏٺو. ڪڏهن غزل تي ته ڪڏهن وري نظم ته ڪڏهن ڪنهن ٻي صنف کوليون پنهنجي هم خيالن سان ويٺي خيالن جا کرار ارپيندو ۽ پيش ڪندو هو. هو تنقيد کان ڪڏهن به ڪين لنوائيندو هيو پنهنجي ڊائري نئين توڻي پراڻي اڳيان رکي چوندو هو ته “ ڏسو هي غزل ٺيڪ لکيل آهي..؟” هڪ ڀيري مونسان به ائين ڪيائين پنهنجي ڊائري مونکي ڏيندي چيائين منهنجو هي نظم پڙهي ٻڌاء تنهنجي پڙهڻ جو انداز ڏاڍو پيارو لڳندو آهي... گوهر تون هي ڇا پيو ڪرين جڏهن ته مونکي شاعري نه ايندي آهي.. پوء مون سمجهيو ته هي گوهر گل تنقيد کان گهڻو وڏو آهي نه ته اڪثر دوست پنهنجيون ادبي تخليقون ائين کولي اڳيان رکڻ ۽ نئين ماڻهو کان پڙهائڻ ۽ ان تي راء وٺڻ کي تمام گهٽ اوليت ڏيندا آهن. ڏاڍو پيار ڪندڙ ۽ احساس ڏياريندڙ هي دوست .. هتي دوست لکان يا همدرد ساٿي جيڪو تخليقڪارن سان ته گڏ هوندو هو پر نظرياتي سياسي ڪارڪنن جو به ساٿي هو. جڏهن هو طبقاتي نظام تي ويهي مونسان ڳالهه ٻولهه ڪندو هو ته مونکي پڪو مارڪسي به ڀاسبو هو، مزدور هارين جي استحصال تي خوب ڳالهائيندي چوندو هيو ته “ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان پورهيت مزدور هڪ ئي رستي سان آزادي حاصل ڪري سگهن ٿا اها آهي بغاوت”.

    گوهر هڪ شاعر هجڻ جي ناتي پنهنجي ديس واسين سان ڏاڍو پيار ڪندو هو، هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي ماروئڙن جي ڳالهه ڪئي، مسڪينن هارين ۽ مزدورن کي به هو پنهنجي ڪلام ۾ ياد ڪري ويو. هو ڌرتي جي سونهن ۽ فطرت جو وڏو عاشق شاعر هو هن پنهنجي هر شعر، غزل ۽ نظم ۾ ڌرتي جي سونهن کي کلي طرح نروار ڪيو آهي.. هن جو مزاج محبتي مزاج هو، هو جڏهن به جنهن سان به ملندو هيو ته هر وقت مسڪراهٽ مک تي رکي ملندو هيو. هن جي گفتگو جو انداز ڌاڍو محبت ۽ پيار ڀريو هيو، منهنجي خيال ۾ هن وٽ هڪ شاعر جي دل هئي، ان شاعر جي دل جنهن ۾ ڪينو نفرت ڪڏهن به سمايل نه هوندي هئي، هن وٽ اها دل هوندي هئي جيڪا دل هر ماڻهو کي پنهنجي هنج ۾ جاء ڏيندي هئي. هن جي دل ماڻهن کي هڪ درس ڏيندي هئي اهو درس صرف محبت جو درس هو جيڪو هڪ شاعر جو ڪم آهي. گوهر پنهنجي پيار ۽ محبت سان هر ماڻهو کي پاڻ سان اڻي وٺندو هيو. هو مزاجي شاعري سان گڏو گڏ مزاحمتي شاعر به هيو، سنڌ جي مسئلن تي هو خوب لکندو هيو جڏهن به سنڌ تي ڪي ڏکيا ڏينهن آيا، ڪارا قانون مڙهيا ويا، ٻٽا قانون جوڙيا ويا، يا ڪنهن سنڌ واسي سان ناجائزي ڪئي ويئي ته گوهر پنهنجي قلم کي ترار جيان هلايو، هو مڙيو ڪونه، هو ويٺو ڪونه...! پنهنجي شاعري جو سنڌ جي ڌرتي لاء خوب نهايت ئي بهتر استعمال ڪيائين.

    گوهر گل ڳورڙ هڪ باڪردار شخصيت هيو سندس شاعري کانسواء شخصي پهلو به شاندار هئا، هي ڀلوڙ شاعر ۽ بهترين دوست پهرين جنوري 2018 تي سڀني کي اڪيلو ڪري وڃي ٻيو پار وسايو. گوهر جي ياد هميشه هڪ گل جي خوشبو جيان رهندي جيڪا ڪنهن کان وسرڻ جهڙي ناهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو