1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ٻاراڻي آکاڻي “ سرڪش گهوڙي سواري ”

'ٻاراڻو ادب' فورم ۾ اظهر سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2018۔

  1. اظهر سولنگي

    اظهر سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سرڪش گهوڙي سواري
    اظھر آدرش سولنگي (ميهڙ)

    ياسر جڏھن به اڪيلو ڪٿي سير ڪرڻ لاء نڪرندو آھي ته هن جو پراڻو خواب گهوڙي سواري وارو شدت سان اڀرندو آھي. گهوڙي سواري جو ننڍپڻ کان ئي شوق اٿس، جڏھن جڏھن به هو اڪيلو اڪيلو هلندو آھي ته هو ائين محسوس ڪندو آھي جيئن گهوڙي سوار هجي، سندس هلڻ جي رفتار به وڌي ويندي آھي ۽ ڪلهن کي هيٺ مٿي ڪري اهو محسوس ڪندو آھي ڄڻ واقعي گهوڙو ڊوڙي رهيو آھي. ''هو اڄ به واهه جي ڪناري سان اڪيلو اڪيلو هلي رهيو هو ۽ ذھن ۾ به اهو ئي سوچي رهيو هو ته آئون گهوڙي سواري ڪري رهيو آھيان. اڃا ايترو ئي مس سوچيائين ته پويان سنبن جا آواز ٻڌائين ۽ تيزي سان پوئتي ڪنڌ ورائي مس ڏٺائين ته گهوڙو اڳيان اچي هڻ هڻ ڪري بيهي رهيو، گهوڙو بيهندي ڏسي ياسر حيران رهجي ويو ته هن گهوڙي جو مالڪ ڪيڏانهن ويو ۽ مالڪ کي جانچڻ لاء هيڏانهن ھوڏانهن لوڻا هڻي ڏسڻ لڳو ته آخر گهوڙو ڪنهن جو آھي ۽ مالڪ آخر ڇو ساڻ ڪونه اٿس. ياسر اهو سوچي اڃا ٻئي طرف جانچڻ جي ڪئي ته گھوڙي وري وڏي آواز سان هڻڪڻ شروع ڪيو، ياسر سوچيو ته گهوڙي جي سواري ڪرڻ منهنجي پهرين خواهش آھي جيڪا خواهش منهنجي بلڪل مفت ۾ پوري پئي ٿئي، پر خبر ناهي گهوڙو ڪنهنجو آھي ڪٿي ائين نه ٿئي جو آئون گهوڙي تي لانگ رکان ۽ مٿان اچي مالڪ پهچي ته پوء اهو صحيح ته ناهي. ايتري ۾ گھوڙو ٽيون دفعو به هڻڪڻ سان گڏ سنب به زمين ۾ هڻڻ لڳو. ان مهل ياسر ٽپ ڏئي گهوڙي تي چڙھي پيو، جڏھن گهوڙي هلڻ شروع ڪيو ته هن کي ويساهه نه پئي آيو ته آئون ۽ گھوڙي جي سواري ڪري رهيو آھيان. ۽ وڏي فخر منجهان هلي رهيو ھو ۽ هن جي سوچ جيان بلڪل نه هو ته گهوڙو تڏ ڏئي هلندو ته مونکي وڏا وڏا لوڏا ايندا پر هي گهوڙو هاڻي يڪسان رفتار ۾ ھلڻ لڳو هو ڪو لوڏو ڪو ڌچڪو نه پئي محسوس ڪيائين. جڏھن هن ٿوري پاسي کان نگاهه وڌي ته هو حيران رهجي ويو ته گهوڙي جي ايتري وڏي اسپيڊ ڪئين ٿي ٿئي سگهي. گهوڙي جي اسپيڊ ڏسي ياسر کي خدشو ٿي پيو ته ڪٿي هي غيبي گهوڙو ته ناهي.. جيڪو مونکي ڏورانهين ديس نه وٺي وڃي. هن جي دل ڌڪ ڌڪ ان مهل ڪرڻ لڳي جڏھن هن ڏٺو ته ھاڻي شام ٿي چڪي آھي پر گهوڙو اڃا به مينهن واء هڪ ڪيون پئي هليو. هن جي پريشاني وڌڻ لڳي هئي ۽ گھوڙو پنهنجو سفر تيزي سان ڪندو اچي هڪ سرسبز علائقي ۾ پهتو هو. جتي گلن جا باغيچا ۽ مختلف ميون جا وڏا وڏا باغ ھئا، ياسر ليمن جي هڪ باغ مان ليما هلندي پٽي کاڌا جيڪي عام ليمي کان ڪافي وڏا ليما هئا ۽ وڌيڪ کٽا پڻ. هن جي دل باغ بهار ٿي وئي جڏھن هن ڏٺو ته پوري علائقي جي زمين ڪٿان به خالي نه هئي سموري زمين تي ڇٻر ۽ گاهه ڦٽل هئو صرف گهوڙي جي هلڻ واري جاء هڪ سنهي پيچري تي ٿوري ٿوري مٽي ظاهر پئي ٿئي. ياسر سوچيو هي راند کيڏڻ لاء تمام سٺو گرائونڊ آھي. گهوڙو پنهنجي اسپيڊ سان هلندو رهيو ۽ ياسر باغ ۽ باغيچن جا مختلف ۽ ڏاڍا خوبصورت نظارا ڏسندو پئي آيو. باغن جا سلسلا اڃا هلندڙ ئي هئا ته گهوڙو هڪ اهڙي جڳهه تي اچي بيٺو جتي بلڪل سناٽو ڇانيل هئو جڳهه ٻه منزله هئي ۽ مٿي ڇت تي هڪ ننڍو ڪمرو پڻ هيو، جڳه جون ديوارون ڪاريون هيون ۽ اڳيان هڪ قديمي ڊگھو ۽ ويڪرو وڻ بيٺل هئو جنهن جون شاخون برفباري جي ڪري سڪل هيون جڳهه ۾ اندر داخل ٿيڻ لاء ڪاٺ جي ٺھيل ٽن ڏاڪن واري سيڙھي هئي. ياسر هي سڀ ڪجهه خاموشي سان ڏسندو رهيو، هو اڃا تائين گهوڙي تي ويٺل پر خوفزده هيو، ڪافي وقت گذري ويو پر هو هيٺ نه ٿي لٿو گهوڙو هن جو وزن کنيو زمين ۾ منهن هنيون بيٺو هو. هاڻي ياسر سوچي رهيو هو ته جيڪو گهوڙو تيز رفتار سان پئي آيو ۽ منهنجي چڙھڻ مهل هڻڪي به رهيو هو ته سنبن سان زمين کي پٽي به رهيو هو، اهو گهوڙو ايتري خاموشي سان ڇو بيٺو آھي. جيڏانهن ڪيڏانهن سناٽو ڇانيل هو، ياسر پهريان کان هاڻي وڌيڪ پريشان ۽ خوفزده ٿيڻ لڳو هو. ڪاري رات ۾ هن جي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي، هو ڪڏھن ان جڳه ڏانهن نهاري رهيو هو ته ڪڏھن ان گهوڙي ڏانهن جيڪو زمين ۾ منهن هنيون ڇپ هڻي بيٺو رهيو هو، هن وري گهوڙي جي ڪنن ڏانهن ڏٺو جيڪي بلڪل به سڌا لڳا بيٺا هئا. گهوڙي جي خاموشي هن کي ويتر پريشان ڪري ڇڏيو هو، هو هاڻي بلڪل سُنُ ٿي چڪو هو هڪ بي ساهي لڪڙي وانگر. ۽ هاڻي هو پنهنجي گهوڙي سواري واري خواب کان نفرت ڪرڻ لڳو هو ۽ هو ويران جڳهه ڏانهن نظرون ڄمائي ڏسڻ لڳو هن ڏٺو ته اوچتو باهه جي روشني ٿي پئي ۽ اها روشني هڪ لاٽ جي صورت اختيار ڪري ٻرڻ لڳي.ياسر هاڻي سمجهيو ته جڳهه ۾ ڪا مخلوق رهي ٿي پر اها ڪير ٿي سگهي ٿي. انسان يا جن.. هو باهه ٻارڻ واري مخلوق جي باري ۾ سوچي رهيو هو ته اچانڪ اها روشني گهوڙي جي اڳيان اچي پهتي هئي هن باه جي روشني ۾ ڏٺو ته هڪ خوبصورت ڇوڪري آ جنهن جي هٿن ۾ هڪ سونهري ٻرندڙ پيتي آھي ان ڇوڪري هن جي هٿ کي ڇهڻ جي ڪئي ته ياسر خوف مان هٿ پري ڪري گهوڙي جي ٻئي طرف بل ڏنو ۽ وڃي ڦھڪو ڪري کٽ تان هيٺ ڪريو'' ماڻس هڪل ڪري چيس پٽ اڃا تائين کٽ تي سمهڻ به نه سکيو آھين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو