فڪر لطيف جو مطالعو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ڀٽائي صاحب جي شاعري جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو تہ هوند ان منجھ انساني واقعن، حالاتن، ضرورتن توڙي ڪيفيتن جو چٽو عڪس ذهن ۾ اڀري نروار ٿي ڪري اچي ٿو، ڀٽائي صاحب جي شاعري جو اهم پهلو اهو پڻ آهي تہ اوهين سندس شاعري کي جهڙي ترز عمل ۾ پڙهندا ۽ سوچيندا، اوهان کي سندس شاعري ۾ اهو ئي پيغام ۽ تاثر چٽو ملندو

    اِها خوبي دنيا جي تمام گهٽ شاعرن جي شاعري ۾ هوندي آهي، ڀٽائي صاحب هن اڄوڪي معاشري توڙي عالم انسانيت کي ڏسڻ، جاچڻ توڙي سمجهڻ خاطر ائين فرمائي ٿو تہ

    ”سرمـــــــــو سفيــــــــدي جو، جــــــــڏهن پاتو جن،
    تڏهـــــــــن ڏٺــــــــــي تن، اڇائـــــــي عــــالم جي،“

    مطلب تہ جيستائين انسان پنهنجي اکڙين ۾ سفيدي يعني مثبت سوچ واري نظر نہ ٿو پالي تيستائين اُن کي هن عالم جي اندر سُٺَن توڙي سُهڻَن شين جي سُڌ نہ پوندي، ڇو تہ منفي سوچ توڙي نظر هميشه منفي لاڙن کي ئي جنم ڏيندي آهي

    ڀٽائي گهوٽ جتي دنيا کي پرکڻ جو ڏس اسان کي ڏي ٿو اتي وري سُسُتَ، ٽُوٽِي توڙي ڪاهل ماڻهن کي تبيھ پڻ ڪري ٿو، ڇو تہ ڀٽائي صاحب محنت جي عظمت کان بخوبي واقف هو، تڏهن ئي تہ فرمايائون

    ”اي ڪــــــــــم ڪميڻين، جي سمهن پير ڊگها ڪري،
    لوچين ڇو نہ لطيــــــــف چئي، هاري لئہ هـــــوتن،
    ننــــــڊا نڀـــــــــاڳـــــــــــن کـــــي، اوڀـالا اچـــــــن،
    سي پنهون ڪوھ پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.“

    ڀٽائي صاحب مٿين بيت ۾ سُسُتَ، ڪاهل، ۽ ٽوٽي فردن کي اها تبيھ ڪندي نظر اچي ٿو تہ اوهين لوچيو ڇو نہ ٿا، محنت جي عظمت واري مهاوري تي هلو ڇو نہ ٿا، اوهان پنهنجي پنهون (مطلب تہ منزل) کي ڪڏهن بہ پهچي ڪونہ سگهندئو، جيستائين محنت نہ ٿا ڪريو

    ڀٽائي صاحب جي هر هڪ سٽ اسان لاءِ رهبري جو سبب بڻجي ٿي، اهو انساني فطرت پڻ آهي تہ جتي ان کي فرحت محسوس ٿيڻ لڳندو، انسان ان طرف پنهنجو ڌيان وڌيڪ ڏيندو، ڀٽائي صاحب انساني فطرت جي ان پهلو تي اسان سان هن ريت مخاطب ٿي ٿو

    ”ويٺــــــــــي جــــــني وٽ، ڏکــــــــندو ڏور ٿـــــــئي،
    تون! تنيـــــــــــن ســــــيـن ڪـــــٽ، اوڏا اڏي پکڙا.“

    وري ٻي هنڌ ڀٽائي صاحب، انهي سنگت جي ڪچهري کان پري رهڻ جو تلقين پڻ ڪري ٿو جتي انسان جا ڏک درد گهٽجڻ بجاءِ وڌيو وڃن يا وڌڻ لڳن

    ”ويٺي جــــني وٽ، ڏکـــــــندو ڏاڍو ٿـــــــــــئي،
    سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هو هزار جي.“

    واه ڀٽائي گهوٽ، هڪ جڳھ تي اها تاڪيد تہ جنهن ڪچهري ۾ من هلڪو ٿي، سڪون ملي، اتي ڀلي ويهو، سڪون وٺو، وري جتي دل جا درد دکن، سور جاڳن، روح رنجھ ٿي، اتان لاءِ چئي ٿو سا مجلس ئي مٽ، مطلب تہ ڀٽائي صاحب انسان جي فطرت کي سمجهندي سندس خوش رهڻ توڙي غم زده رهڻ واري ڪيفيتن کي پڻ پنهنجي شاعري وسيلي نروار ڪري ٿو

    اهڙي ريت ڀٽائي جي هر هڪ بيت ۾ ڏاهپ جو انيڪ راهون هموار ٿيل آهن، ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان ڀٽائي جي فلسفانہ شاعري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ انهي منجھ لڪل رازن کي ڳولي لهو جن رازن ۾ اسان لاءِ انيڪ ڀلايون سمايل آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو