Ghafar Jamali......................جيئن مون ڏٺو....

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2018۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جيئن مون ڏٺو....
    ڊاؤ يونيورسٽي اسپتال ۾ سنڌي ڳالھائڻ تي ڪارڊيالوجي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر فھيم عامر طرفان CCU ۾ عملي سان ڪيل بدتميزي جو اکين ڏٺو احوال..
    6 مارچ 2018 تي مون پنھنجي والده جو چيڪ اپ ڪرائڻ لاء ڊاؤ يونيورسٽي اسپتال جي او پي ڊي ۾ ويس جتي شعبه ڪارڊيالوجي جو اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر فھيم عامر موجود ھيو جنھن کي والده جي طبيعت ڏيکاري جنھن طبيعت ڏسڻ بعد طنزيه انداز ۾ چيو ته "جاؤ کھاؤ پیو ملک لوٹو سندھ سے آ کر کراچی لوٹو" مون ان تي ڪجھ جواب ڏيڻ چاھيو پر والده جي منع ڪرڻ تي خاموشي سان ان کي وٺي اٿي ھليو ويس پر ان جا اھي معني خيز طنزيه لفظ مسلسل ذھن ۾ گردش ڪندا رھيا،
    9 مارچ 2018 تي مون پنھنجي والده کي ٻيو چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ ٻيھر ڊاؤ يونيورسٽي اسپتال وٺي آيس جتي ڊاڪٽر فھيم عامر منھنجي والده جي لاء اينجيو گرافي تجويز ڪئي ۽ مونکي اينجو گرافي لاء 14 مارچ جي اپائنٽمينٽ ڏني وئي،
    14 مارچ 2018 بروز اربع صبح جو تقريبا 9:15 بجي منھنجي والده کي شعبه ڪارڊيالوجي جي CCU ۾ داخل ڪيو ويو، ڪجھ دير بعد ڊاڪٽر فھيم عامر اندر CCU ۾ آيو ته ڊاڪٽر رابعه ۽ ٻيو عملو پاڻ ۾ سنڌي ۾ ڳالھائي رھيا ھئا جنھن تي ڊاڪٽر فھيم عامر ڊاڪٽر رابعه ۽ ٻئي عملي کي انتھائي ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو ته "ڪنھن کي به سنڌي ڳالھائڻ جي اجازت ناهي يا ته اردو ۾ ڳالھايو يا ڪا ھندستاني زبان ڳالھايو، ھي ڪراچي جي ڊاؤ اسپتال آھي ڪو اوھان جو گھر ناھي" جنھن تي ڊاڪٽر رابعه ڪو به جواب نه ڏنو، ياد رهي CCU ۾ داخل اڪثر مريض سنڌي ھئا، ڪجھ دير بعد ڊاڪٽر فھيم عامر ٻيھر اندر آيو ۽ منھنجي والده جو فائيل چيڪ ڪرڻ وقت چوڻ لڳو ته "الطاف حسين جیسا بندہ ہو جو ان کو (سندھی بولنے والے عملےکو) نکیل ڈالے" جنھن تي مون جواب ۾ فقط ايترو چيومانس ته "وہ الطاف جو لوگوں کو قتل کرواتا اور پاکستان کو توڑنے کی بات کرتا تھا؟" جنھن تي وراڻيائين ته "یہ زبان آپ کو رینجرز نے دی ہے" ان کان پهريان جو مان ڪجھ چوانس ھا، فائيل رکي ھليو ويو، شام جو تقريبا 5:30 وڳي ڊاڪٽر فھيم عامر CCU ۾ آيو ۽ مارننگ ڊيوٽي ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر جنھن جو نالو منھنجي ذھن تي نه آھي کي نائٽ ڊيوٽي جو به حڪم ڏنو، ان کان بعد والدہ کي روٽين مطابق ڊسچارج ڪيو ويو، مان والده کي گاڏي ۾ ويھاري سڌو رجسٽرار ڊاڪٽر امان الله عباسي جي آفيس ويس ته کانئس اھا وضاحت وٺان ته ڇا واقعي به ڊاؤ يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالھائڻ تي پابندي آھي ۽ ڇا ھڪ اسسٽنٽ پروفيسر کي ان جي کلي اجازت آھي ته ھو اسپتال ۾ علاج لاء ايندڙ مريضن سان نسلي ۽ سياسي تعصب جو ورتاء ڪري... پر رجسٽرار صاحب ان وقت پنھنجي آفيس ۾ موجود نه هو پر ان جو موبائل نمبر اتان مليو جيڪو ڪئي دفعا ملائڻ جي باوجود رسيو نه ٿو ڪيو وڃي.
    ھڪ بھترين ۽ معياري اداري مان احساس محرومي، نسلي تعصب ۽ افسوس جو شڪار ٿي اسپتال مان ٻاھر نڪتس اھا اميد رکي ته شايد آھي رويا ڪجھ وقت ۾ پنھنجي موت پاڻ مري وڃڻ. ....Ghafar Jamali coppied​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو