ڪويتا ________ساقي ارشاد لورڙ او ساھَ سيباڻا پرين ، تو کي ڪيئن ٻڌايان ته منهنجي من مندر ۾ ، تنهنجي تصوير جڙيل آهي ۽ تون ئي منهنجي ، هر ساھَ ۾ سمايل آهين ، مان جاڳندي سمهندي ، گهمندي کلندي کائيندي پيئندي ، تنهنجي ئي تات تنوار ۾ رهان ٿو ، منهنجي من مندر ۾ هر پل تنهنجي ئي يادن جا گنڊ وڄندا رهن ٿا ، اهي مڌر آواز ٻڌي مان عجب ڪشمڪش ۾ اچي ويندو آھيان ، ته وري ڪنهن پل نراس ، سوچن جي ساگر ۾ قيد ، تنهنجي يادن جي تانيئڙن ۾ وڪوڙبو ويندو آ هيان ، تنهنجي دؤريءَ جي درد ۾ اماڻڪو ٿي روئي پوندو آهيان ، ته وري ڪنهن پل هوائن سان ڳالهائيندي ، توڏي سلام موڪليندو آهيان او منهنجا مٺڙا پرين ، مان ته هر ساھَ کي سيني ۾ لاهڻ سان گڏ توکي سنڀاريندو رهان ٿو ، تو کي پاڻ ۾ سموئيندو رهان ٿو ، مڃان ٿو حالاتن پاڻ کي عارضي دور ته ڪيو آ پرين ، پر مون توکي نه وساريو ، نه وساريندس ، نه ئي وساري سگهان ٿو ، ڀلان ڪو انسان ساھُ کڻڻ بنا رهي سگهي ٿو ڇا ؟ جو مان دلربا پرين توکي وساري جيئان يا جيئڻ جو سوچي سگهان …!! تون آهين ته مان آهيان . منهنجا مٺڙا دلربا پرين .……!!!؟؟؟