منهنجي طرفان...08 ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * ڪراچيءَ جو ميئر وسيم اختر جنهن جو واسطو ايم ڪيو ايم سان آهي تنهن ايم ڪيو ايم جي ٺاهڻ وارو ڏينهن يعني 18 مارچ (1984) ملهائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي هزار ايڪڙ زمين ورهائڻ لاءِ دعوت ناما جاري ڪري فنڪشن جو بندوبست ڪيو. انهيءَ مان ، 500 ايڪڙ جيولاجيڪل ۽ 350 بوتينيڪل گارڊن جي نالن ۾ اڳ ئي الاٽ ٿيل آهن ـ بهرحال، ايم ڪيو ايم ميئر کي اهڙي غيرقانوني الاٽمنٽ جو ڪوبه اختيار ڪونه هو، هونئن به عام الاٽمنٽ لاءِ سنڌ سرڪار کان اڳواٽ موڪل وٺڻ ضروري هوندو آهي ـ بهرحال، سنڌ سرڪار اينٽي ڪرپشن کي جاچ جو حڪم جاري ڪيو آهي ـ
    ڇا سنڌ سرڪار کي شاباس ڏيون جنهن ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر طرفان غيرقانوني کرب رپين جي هزارايڪڙ زمين پنهنجن کي ليزتي ڏيڻ کان روڪيو آهي؟ اجازت انهيءَ ڪري به ضروري ٿي پيئي آهي جو فيس بوڪ تي ڪيترا دوست، چڱي ڪم کي چڱو چوڻ بدران، کنيل درست قدم کي درست سڏڻ تي به بدتميزي ڪن ٿا ۽ فتوائون جاري ڪن ٿا ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو