منهنجي طرفان...09 ـ سنڌي ٻولي ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * مونکي خوشي آهي ته پهريون ڀيرو سڀني پارٽين سان واسطو رکندڙ سنڌين عام طور مڃيو آهي ته 1972 ٻولي ايڪٽ هيٺ سنڌي ٻولي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهن ـ مبارڪون ـ

    مون، 1972 وارو ٻولي ايڪٽ پڙهيو آهي جنهن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي پر افسوس ته عبدالخالق جوڻيجي سميت ”سنڌ جا ٺيڪيدار“ گذريل 45 ورهين کان اها لاڳيتي ڪوڙي پرچار ڪندا پيا اچن ته سنڌ ٻه لساني صوبو ڊڪليئر ٿيل آهي ـ اصل ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي دشمنيءَ ۽ ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ، هو سنڌ کي ٽوڙڻ جو قانوني سبب ڳولي رهيا هئا ـ

    * هڪ سوال ـ نصرت عباسي لکيو: جيڪي سنڌي ٻولي سان نفرت ڪن ٿا سي انڊيا وڃن ـ ٺيڪ ـ ڀلا، جيڪي سنڌي، سنڌي ٻولي ڄاڻندي به سنڌي ٻولي نٿا ڳالھائن سي ڪاڏي وڃن؟

    * ڊائو ميڊيڪل جي ڊاڪٽر فهيم عامر ويڊيو ذريعي سنڌين کان معافي ورتي، سنڌي ٻولي پاڻ سکڻ جو عهد ۽ ٻين کي به اهڙي صلاح ڏنائين ـ

    * سنڌي ٻوليءَ کي حق ڏيارڻ لاءِ ڀلي جدوجهد ڪريو پرڊاڪٽر فهيم عامرجي ورتل معافي قبول ڪريو جيتوڻيڪ مان ذاتي طور کيس نٿو سڃاڻان، هونئن به تحريڪن ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو ساڻ کڻبا آهن ـ
     
    آخري ترميم: ‏18 مارچ 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو