منهنجي طرفان ـ 11 ـ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوڙي دعوا ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سنڌي ٻوليءَ جي بل کي ختم ڪرڻ جي ڪوڙي دعوا
    محمد خان سيال / 20 مارچ 2018

    فيس بوڪ تي لاڙڪاڻي جي هڪ شخص شاهنواز شيخ اها ڪوڙي دعوا ڪئي آهي ته آرڊيننس جاري ڪري، سنڌي ٻوليءَ جو بل ختم ڪيو ويو. مون کيس جواب ڏنو آهي:
    اوهان جوبيان پڙهي ڏاڍوافسوس ٿيو. لڳي ٿو اوهان ذاتي ناپسند جي بنياد تي، ڄاڻي واڻي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي ـ ٻين تي ته اجايا الزام هڻو ٿا پر اوهان پاڻ ڇا آهيو جو ايڏي وڏي غلط بياني ڪئي اٿو جنهن جو سچائي سان ڪوبه واسطو ڪونهي؟
    ڇا ايڏي وڏي غلطفهمي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي دشمني، ڀٽي دشمنيءَ ۾ ڪيو اٿو؟ مون کي اوهان مان اهڙي اميد هرگز نه هئي ته اوهان به ڪنهن شخص سان ناپسنديدگيءَ سبب “سنڌ جي ٺيڪيدارن” وانگيان، سنڌي ٻوليءَ کي نقصان پهچائيندي دير نه ڪندئو؟ هاڻ مان جيڪو جواب لکان ٿو سو غور سان پڙهو جيتوڻيڪ لڳي ٿو اوهان جھڙن سان بحث اجايو آهي ـ

    * اوهان لکيو آهي ته ٻوليءَ جو آرڊيننس جاري ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو ويو. ائين هرگز ناهي، سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ وارا لفظ ڪٿي به لکيل ڪونهن. منهنجو اوهان کي چيلينج آهي؟ آرڊيننس پاڻ پڙهو. آرڊيننس جو نالو “وضاحتي آرڊيننس” هو ـ وضاحتي ۽ نئين آرڊيننس ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي، جيڪو سخت هنگامن کانپوءِ ڪڍيو ويو جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته اردو اڳ ئي قومي ٻولي آهي، سا پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي ـ هونئن به منهنجي تجزئي موجب ڪنهن جي همت ناهي جو اردوءَ کي قومي ٻولي طور ختم ڪري سگھي ـ

    * تازو ممتازڀٽي به 1972 ۾ ٻوليءَ واري آرڊيننس جي بحاليءَ جو ذڪر ڪيو آهي، هن ڄاڻايو آهي ته سنڌي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي ـ هن ڪٿي ڄاڻايو آهي ته اهو قانون ختم ڪيو ويو آهي؟

    * جنرل (ر) حميد گل جو راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ بيان مون لنڪ سميت فيس بوڪ تي ٻه يا ٽي دفعا لڳايو هو جنهن ۾ هن چٽيءَ ريت ڄاڻايو هو ته ڀٽي صاحب سنڌ جي اڪيلي سنڌي ٻولي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ڪري سنڌين سان دشمني ڪئي آهي ـ ڇا اوهان نه پڙهيو هو يا ڄاڻي واڻي بي خبر ٿي ويا آهيو؟

    * وڏن هنگامن کانپوءِ، جيڪا ميٽنگ ٿي هئي تنهن ۾ سنڌ جي نمائندگي قاضي فيض محمد ڪئي هئي، ڇا اوهان اهڙن حب الوطن شخصيت جي نيت تي شڪ ڪندئو؟

    * گذريل سال ايم ڪيو ايم جي هڪ شخص سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءَِ پيش ڪيو هو جيڪو رد ٿي ويو ته سنڌي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر آهي سو اردو کي سنڌ جي اڪيلي سرڪاري ٻولي ڊڪليئر ڪريو يعني سنڌي کي ختم ڪريو...سوال آهي ته سنڌ جيڪڏهن ٻه لساني صوبو ڊڪليئر ٿيل هجي ها يا اوهان جي ڪوڙي دعوا موجب سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو ويو ته هن اهڙو ٺهراءُ ڇو پيش ڪيو؟

    * اها ميڊيا ۾ خبر آئي هئي ته ڀٽي صاحب وضاحتي آرديننس کان اڳ، سائين جي ايم سيد سان مشورو به ڪيو ـ
    بهرحال، اوهان جو بيان پڙهي افسوس ٿيو، آئيندي قومي مسئلن تي سوچي سمجھي بيان ڏيو ۽ پنهنجي ذاتي ناپسند تي، سنڌي ٻوليءَ بابت غلط بياني نه ڪريو ته بهتر ـ تنقيد جو ته سڀني کي حق آهي پر ذاتي ناپسند تي سنڌي ٻوليءَ بابت غلطفهمي پيدا ڪرڻ جو نه ـ جيڪڏهن غلطي جو احساس اٿو ته سڀني جي اڳيان مڃيو، ۽ جيڪڏهن هروڀرو ذاتي ناپسند تي ضد اٿو ته پوءِ اهڙن سان بحث اجايو آهي، سنڌي ٻوليءَ بابت غلفهميون پيدا ڪندڙ ته فرينڊز لسٽ ۾ به نه هئڻ گھرجن ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو