ٻولين جي سامراجيت

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻولين جي سامراجيت

    نصير اعجاز

    ٻولين جي رٿابندي ھڪ اھڙو عمل آھي جنھن تحت ٻولين کي سڌاري معياري بنائڻ، انھن جو گرامر ۽ ڊڪشنريون تيار ڪرڻ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ڪنھن ھڪ ٻولي ڳالھائيندڙ ڪميونٽيءَ يا برادريءَ جي ماڻھن کي لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ سولائي ٿئي جيئن ٻولين جي ماھر اينار ھوجن Einar Haugen سال 1959 ۾ ان جي تشريح ڪئي ھئي جنھن ۾ سياسي پھلوءَ جو ڪو عمل دخل ڪونه ھو ـ سندس چوڻ موجب اھي سرگرميون خالص ان مقصد سان ھونديون آھن ته عام ماڻھن جي فائدي لاءِ ٻولين جي زير زبر، اُچارن، گرامر ۽ استعمال بابت رھنمائي ڪئي وڃي ـ پر انھيءَ جي اُبتڙ ڪُوپر Cooper (1989) ۽ پالسٽن Paulston (1983) توڙي ڪجھه ٻين ماھرن ان عمل کي لئنگويج پاليسي سڏيندي سياست سان ڳنڍيو آھي ـ ٻولين بابت رٿابندي ڪِن رياستن يا سماجن پاران ٻولين کي استعمال ڪري ڪي مقصد حاصل ڪرڻ جو عمل آھي ـ انھن مقصدن پٺيان سياسي ۽ اقتدار وارا عنصر ڪارفرما ھوندا آھن ـ ايئن چئي سگھجي ٿو ته ٻولين جي رٿابندي سياست ۽ گورننس سان لاڳاپيل ھوندي آھي يا ايئن چئجي ته ٻولين جي رٿابندي سياسي مفادن تحت ڪئي ويندي آھي ـ ڪُوپر بھرحال ان ڳالھه سان سھمت آھي ته ٻولي يا ٻولين جي رٿابندي ماڻھن جي رَوَش ۽ مزاج تي اثرانداز ٿيڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش آھي ـ ھتي “اثرانداز ٿيڻ” جو مطلب اختيارن جو سڌو يا اڻسڌو استعمال آھي جنھن سان عوام کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ آڻجي ٿو ـ جيڪي سگھارا طبقا آھن اھي سندن ٻولي ٻين جي مٿان مسلط ڪن ٿا جنھن کي “ٻولين واري سامراجيت” چيو ويو آھي ـ ٻولين جي ھڪ ماھر فلپسن Phillipson ان سامراجيت کي ھنن لفظن ۾ بيان ڪيو آھي : “ٻوليءَ واري سامراجيت سماجي سامراجيت جي برابر آھي، جيڪا ٻوليءَ ذريعي سماجي ڍانچي تي اثرانداز ٿئي ٿي.”
    ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته سگھارا طبقا پنھنجي ٻوليءَ ذريعي محڪوم طبقن تي اثرانداز ٿي کين سندن پنھنجي ثقافتي ڍانچي ۾ آڻي حڪمراني ڪن ٿا ـ ان کي ڪي ماھر ثقافتي سامراجيت به سڏين ٿا ـ
    ٻولين جي رٿابنديءَ واري ڪم کي ڪُوپر ۽ ٻين ماھرن حڪومتي سطح تي ھنن ٽن حصن ۾ ورھايو آھي (1) ٻوليءَ جي حيثيت بابت رٿابندي Status Planning (2) حاصلات واري رٿابندي Acquisition Planning ۽ (3) سُڌاري واري رٿابندي Corpus Planning ـ
    پھرين قسم جي رٿابندي حڪومت جي پاليسيءَ جو حصو ھوندي آھي جنھن ۾ اقتداري طبقا پنھنجي سياسي مقصدن خاطر فيصلو ڪندا آھن ته رياست جي قومي يا سرڪاري ٻولي ڪھڙي ھجڻ گھرجي ۽ پوءِ پنھنجي اختيارن جو استعمال ڪندي رياستي ادارن ذريعي انھيءَ ٻوليءَ کي عوام جي مٿان مڙھيندا آھن ۽ رائج ڪندا آھن ـ ٻئي نمبر تي اھي اقتداري طبقا يا حڪومت مقامي طور اڳ ۾ ئي ڳالھائجندڙ ٻولين کي رد ڪري تعليمي ادارن ۾ نئين ٻوليءَ کي تعليم جو ذريعو بنائيندا آھن ته جيئن سندن اختيار ڪيل ٻولي ڳالھائڻ وارن جو تعداد وڌي ـ ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ميڊيا کي به استعمال ڪيو ويندو آھي ـ اھو سڀ ڪجھه ڪرڻ لاءِ ان اقتداري ٻوليءَ جو معيار سڌارڻ لاءِ اُپاءَ ورتا ويندا آھن ـ ٽيون عمل سرڪاري ٻوليءَ جي سڌاري سان تعلق رکي ٿو جنھن ۾ انھيءَ جو گرامر سڌارڻ، جديد زماني مطابق نوان لفظ ٺاھڻ ۽ ڊڪشنريون تيار ڪرڻ به شامل آھي ـ ان حوالي سان آمريڪا جو مثال اھم آھي جتي ويھين صديءَ جي اوائل ۾ ڪيترين ئي رياستن خانگي اسڪولن ۽ گھرن ۾ جرمن ۽ ٻين پرڏيھي ٻولين جي پڙھائڻ ۽ ڳالھائڻ تي بندش وجھي ڇڏي ھئي جنھن کي آمريڪا جي سپريم ڪورٽ 1923 ۾ ختم ڪيو ـ
    اھي ته ٿيون رياستي سطح تي سرگرميون، پر ڪي ٻولين جا ماھر انفرادي طور به پنھنجي ٻولين تي ڪم ڪندا آھن ۽ پنھنجي ٻولي يا ٻولين جي سڌاري، نوان لفظ ٺاھڻ، ڊڪشنريون تيار ڪرڻ ۾ رُڌل رھندا آھن ـ رياستي سرپرستيءَ ھيٺ ٺھندڙ ٻوليءَ واري پاليسي رياستي ادارن ذريعي لاڳو ڪئي ويندي آھي جنھن ۾ ڪاموراشاھي توڙي ٻين اقتداري طبقن جا مفاد شامل ھوندا آھن ـ اھڙو رياستي عمل اڪثر گھڻ نسلي يا گھڻ قومي ملڪن ۾ اختيار ڪيو ويندو آھي جنھن ۾ مختلف ٻولين ۽ ڪلچرن کي پوئتي ڌڪي ھڪ مخصوص طبقي جو ھٿرادو قومي ڪلچر ۽ ٻولي مٿن مڙھي ويندي آھي جيئن يورپ جي اڳوڻين ڪالونين ۽ انگلينڊ ۾ انگريزي ۽ فرينچ ٻولين جو مثال اسان جي آڏو آھي ـ پر اھڙن معاملن ۾ رياست ۽ اقتداري طبقن کي مزاحمت پيش ايندي آھي جيئن اڳوڻي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ 1948 کان 1954 تائين ٻوليءَ واري تحريڪ ھلائي وئي جڏھن بنگالي ٻوليءَ کي پوئتي ڌڪي اردو مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ـ
    اقتداري طبقن پاران پنھنجي ٻولي ٻين تي مڙھڻ جا مثال يورپ ۾ به ملن ٿا ـ مثال طور فرانس ۾ اقتداري طبقي جي مخصوص لھجي واري زبان Dialect کي معياري ٻولي ڪوٺي ٻين مٿان مڙھيو ويو ۽ فرينچ ٻوليءَ جي ٻين لھجن کي رد ڪيو ويو ـ انھن مان ڪيترائي لھجا مڪمل طور الڳ ٻوليءَ جھڙا ھئا جن کي نه اسڪولن ۾ پڙھايو ويو ۽ نه ئي لٽريچر توڙي ميڊيا ذريعي ھمٿايو ويو ـ
    انگلينڊ ۾ ڪوبه ٻوليءَ وارو ادارو ڪونه ھو پر اوڀر مِڊلينڊ ۾ ڳالھائجندڙ لھجي کي معياري انگريزيءَ جو درجو ڏئي اڳتي آندو ويو ـ انھيءَ ٻوليءَ ۾ ڊڪشنريون تيار ڪيون ويون ۽ ھر قسم جا اُپاءَ وٺي انھيءَ مخصوص انگريزي ٻوليءَ کي تعليمي ادارن، انتظامي کاتن، عدالتن، ريسرچ، ادب ۽ ميڊيا ۾ رائج ڪيو ويو ـ انھن اُپائن سان انگريزي ٻولي ايتري ته سگھاري ٿي وئي جو انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ ۽ ويلز ۾ ٻيون ٻوليون پوئتي ڌڪجي ويون ـ ٻولين جو ماھر گِريلو Grillo (1989) لکي ٿو ته مخصوص انگريزي ٻولي مڙھڻ سان انگلينڊ جون ٻيون ٻوليون مري ويون ۽ اسڪاٽ گائلڪ ٻولي اسڪاٽلينڊ جي فقط ڪجھه حصن ۾ پساھه کڻي رھي آھي ـ
    ٻولين جا ماھر چون ٿا ته اقتداري طبقن پاران رياستي ادارن ذريعي ھڪ مخصوص ٻوليءَ کي قومي ٻولي پڌرو ڪري ان کي ترقي وٺرائڻ جو سواءِ انھيءَ جي ٻيو ڪوبه سبب ڪونھي ته اھي ٻين غيراقتداري قومن ۽ طبقن کي پوئتي ڌڪي ھٿرادو قومي نظرئي کي ھٿي وٺرائي پنھنجو اقتدار قائم رکڻ گھرن ٿا ـ
    ڪنھن مخصوص ٻوليءَ کي مڙھڻ خلاف مزاحمت ڪندڙن کي ٻولين جا ماھر Proto-Elites سڏين ٿا ـ راس Ross، شِلز Shils، ڪونر Conner، وليمس Williams، گليزر Glazer ۽ ڪي ٻيا اسڪالر چون ٿا ته سرڪاري طور مڙھيل ٻولين جا مخالف اصل ۾ ٿورائيءَ وارن انھن ماڻھن جي نمائندگي ڪن ٿا جيڪي ھڪ ئي نسل سان واطو رکن ٿا ۽ پريشر گروپن ذريعي ٻولي ۽ نسل وارا سوال اُٿاري سياسي اقتدار ۾ حصيداري وٺڻ گھرن ٿا ـ
    حقيقت ۾ ٻولي ڪنھن به قوم جي سُڃاڻپ ھوندي آھي ـ پنھنجي قومي سڃاڻپ لاءِ ئي آئرلينڊ جي قومپرستن آئرش گائلڪ ٻوليءَ لاءِ ھلچل ھلائي ھئي ۽ نتيجي ۾ آزاد آئرش رياست قائم ٿي ـ اھڙي طرح وري ڪئناڊا ۾ فرينچ ٻولي ڳالھائيندڙن پنھنجي ڌار سڃاڻپ لاءِ ٻوليءَ جي بنياد تي جاکوڙ ڪئي ۽ ويلز ۾ به اُتان جي ٻوليءَ ماڻھن جي پنھنجي سُڃاڻپ قائم رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ـ بيلجم ۾ اُتان جي پيڙھيل طبقي پنھنجي ٻوليءَ لاءِ تحريڪ ھلائي مٿن مڙھيل فرينچ ٻوليءَ مان جان ڇڏائي ۽ اسپين ۾ ڪئٽالوني ۽ باسڪ ٻولين خودمختياريءَ واري ھلچل ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي ۾ ڪئٽالونيا ۾ 1978 کان وٺي ڪئٽالوني ٻوليءَ جو استعمال تمام گھڻو وڌي ويو ـ اڳوڻي سوويت يونين ۾ اسٽالن “قومي ٻولين ۽ ڪلچر” وارو نظريو ڏنو ھو پر عملي طرح روسي ٻولي ھر سطح تي حاوي ھئي جنھن ڪري سينٽرل ايشيائي رياستن ۾، جيڪي ان وقت سوويت يونين جو حصو ھيون، قومپرست تحريڪون ھلايون ويون ته جيئن ٻين مقامي ٻولين کي حق ملن ـ انڊيا ۾ ڏاکڻي رياستن وارن 1965 ۾ ھندي ٻوليءَ کي مٿن مڙھڻ ۽ سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ خلاف مزاحمت ڪئي ـ دراوڙي ڪلچر رکندڙ انھن ڏکڻ انڊيا وارن پنھنجي ٻوليءَ ذريعي نه رڳو سندن سڃاڻپ قائم رکڻ ٿي گھري پر اُتان جي نوجوانن کي اھو به انديشو ھو ته ڏکڻ جا ماڻھو ھندستان جي اُتر وارن ماڻھن سان روزگار جي حوالي سان چٽاڀيٽي نه ڪري سگھندا جو انھن جي ٻولي ھندي آھي ـ تحريڪن جي نتيجي ۾ ھندستان جي حڪومت انگريزي ۽ ھنديءَ کي وفاقي ٻولين جو درجو ڏنو ۽ رياست جي ٻولي اسڪولن ۾ پڙھائڻ لازمي ڪئي وئي ـ وزير اعظم نھروءَ ٻين اقليتي برادرين کي به سندن ٻوليون سکڻ ۽ پڙھڻ جو به حق ڏنو ھو ـ
    جن ھنڌن تي ٻولين جي حوالي سان ڪوبه سرچاءُ نٿو ڪيو وڃي، اُتي مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ آبادين وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ٿي ـ مثال طور سريلنڪا ۾ 1956 ۾ سنھالي حڪمران طبقي سنھالي ٻولي مڙھي زور زبردستيءَ وارين پاليسين ذريعي ملڪ کي ھڪ ٻوليءَ واري رياست ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي تامل اقليتي آباديءَ مخالفت ڪئي ۽ تامل ٻوليءَ لاءِ قومي ٻوليءَ جي درجي جي گھُر ڪئي ـ سريلنڪا ۾ سنھالين ۽ تاملن ۾ ورھين جا ورھيه ھلندڙ ويڙھه جو اصل بنياد اھو ئي ھو ـ
    ٻولين جي ماھرن موجب انھن مثالن مان سمجھي سگھجي ٿو ته ٻولين جو اقتدار سان سڌو سنئون واسطو آھي ـ اقتداري طبقا ھڪ ٻولي مڙھي مختلف قوميتن کي دٻائي ھڪ قوم ۽ ھڪ قومي رياست ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ پنھنجي سڃاڻپ (ٻولي ۽ ڪلچر) ۽ سياسي اقتدار خطري ۾ ڏسي ڌرتيءَ ڌڻي مزاحمتي تحريڪون ھلائي حق حاصل ڪندا آھن ـ اقتداري طبقا اھڙيون قومي تحريڪون ھلائيندڙن کي رياست خلاف بغاوت ڪرڻ جي الزامن ھيٺ چٿڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ـ

    (ليکڪ جي اڻ ڇپيل ڪتاب “ٻولين جي اقتصادي اھميت” مان خاص افيئر ميگزين لاءِ کنيل ۽ تازي شماري ۾ ڇپيل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو