هوگو شاويز: هڪ انقلابي ليڊر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هوگو شاويز: هڪ انقلابي ليڊر. . .

    (نصرالله احمد منڱريو)

    20هين به انيڪ بهادر جوڌن کي جنم ڏنو جن ۾ وينيزويلا جو هوگو شاويز به هڪ نمايان ڪردار آهي.
    هوگو شاويز 28 جولاءِ 1954ع تي ''ساريناس'' جي هڪ وسندي 'سبانيتا' ۾ جنم ورتو. هوگو شاويز هڪ مڊل ڪلاس گھراڻي جو فرد هو. شاويز جا والدين باشعور ۽ علمي ادبي پيشي سان وابسته هئا. هوگو شاويز جو پيء هڪ اسڪول جو ماستر پڻ هو. شاويز جو بچپن پنهنجي ڀاءُ ايڊن سان گڏ سندس ڏاڏيءَ جي گهر ۾ گذريو جيڪو پڻ سبانيتا ۾ هو. ننڍي هوندي کان ئي شاويز جو مشغلو مصوري، گلوڪاري ۽ بيس بال هوندا هئا پر اها ڪنهن کي خبر هئي ته هڪ عام رواجي ٻار هڪ ملڪ جو صدر چونڊيو ويندو.
    سترهن سالن جي ڄمار ۾ هن وينزويلين اڪيڊمي باربناس ۾ داخلا ورتي. جتان 1975ع ۾ هن ليفٽيننٽ جي عهدي سان ملٽري آرٽس اينڊ سائينسز ۾ ڊگري ورتائين. ڪُجه ورقت نوڪري ڪرڻ کانپوء ”ڪاراڪس“ جي هڪ يونيورسٽيء ۾ پوليٽيڪل سائينس ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. انهي عرصي دوران هن سياسي توڙي سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. ان وقت هن هڪ ساٿي سان گڏجي کاٻي ڌر جي قومپرستيءَ تي ٻڌل نظريي جي جوڙجڪ ڪري ''بولي ويئرن ازم'' جو نالو ڏنائين. ان ساڳي عرصي دوران شاويز ٽقافتي سرگرمين ۾ پڻ وڌي چڙهي حصو وٺندو رهيو تنهن دوران هن شاعري به ڪئي ۽ انيڪ ڪهاڻيون ۽ ڊراما پُڻ لکيا.
    هوگو شاويز پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ ''باريناس'' ۾ هڪ بٽالين ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. سترهن سالن تائين فوجي نوڪري ڪيائين جنهن دوران هو مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. آخر ۾ هن کي ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي پُڻ ترقي ڏني ويئي. هن وينزويلا جي ملٽري اڪيڊميءَ ۾ پڻ پڙهائڻ جون ذميواريون سرانجام ڏنيون، جتي هن جي گرمجوشي جي ڪري ٻين ساٿين ۾ به گھڻو مقبول ٿي ويو. ''ڪاراڪس'' جي ڪن حساس فوجي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏيئي ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا.
    هوگو شاويز 1992ع ۾ ان وقت جي صدر ”ڪارلوس آندري پيريز“ جي خلاف بغاوت شروع ڪيائين. وينزويلا ان صدر جي حڪومت ۾ معاشي زوال ۽ انتشار جي ور چڙهي ويو هو. ان ڪري شاويز بغاوت شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي. دراصل اها بغاوت پهرين ڊسمبر 1991ع تي ڪرڻي هئي پر حالتن کي ڏسندي اها 1992ع ۾ مقرر ڪئي ويئي. انکانپوءِ مقرر ڪيل تاريخ تي شاويز جي اڳواڻي ۾ پنجن فوجي يونٽن صدارتي محل، وزارت بچاءُ جي آفيس، لاڪارلوٽا ملٽري ايئرپورٽ ۽ تاريخي ميوزيم تي قبضو ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي ويئي ۽ هنن ان وقت پرڏيهي دوري تان موٽندڙ صدر ڪارلوس کي گرفتار ڪرڻ ٿي چاهيو پر اها بغاوت ناڪام ٿي ويئي. ان ناڪامي جو سبب اهو هو ته شاويز جا ڪيترائي ساٿي بيوفائي ڪري ويا ۽ وينزويلا جي فوج جي فقط ڏهين پتي جي حمايت حاصل هئي. اهڙي ريت هو تاريخي ميوزيم ۾ گھيري ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي ساٿين سان رابطي جي به سهولت موجود نه هئي. ٻيو سبب اهو به هو ته شاويز جا ساٿي شاويز جو رڪارڊ ڪيل پيغام به عوام تائين پهچائڻ ۾ ناڪام ويا جنهن ۾ هن عوام کي صدر جي خلاف بغاوت جو پيغام ڏيڻ ٿي چاهيو. ان ويڙه ۾ ڪُل 14 فوجي مارجي ويا ۽ 50 فوجي ۽ 80 شهري زخمي ٿي پيا. پر ان هوندي به شاويز جي ڪُجه ساٿين ٻين شهرين جي مدد سان ويلسينيا، ماراڪو ۽ مارا جهڙن شهرن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. پوء حالتن کي مدنظر رکندي هوگو شاويز پنهنجو پاڻ کي گرفتاري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. گرفتاري کان پوءِ شاويز کي چيو ويو ته هو ٽيليفون ذريعي خطاب ڪري پنهنجي باغي ساٿين کي ڪاروايون روڪڻ جي لاءِ چوي. خطاب دوران هن پنهنجو مشهور جملو ادا ڪندي چيو ته ”اسانجي ناڪامي وقتي آهي“. ان وقت هو آمريت جي مخالفت ڪندڙ اڳواڻ جي حيثيت سان تمام گھڻو مقبول بنجي ويو. ان سموري سياسي بغاوت دوران هو ٻه سال تائين جيل ۾ قيد رهيو جنهنڪري هن جي اکين جي نظر به ڪافي ڪمزور ٿي ويئي هئي.
    ٻه سال کانپوءِ ان وقت جي صدر ”رافيل ڪالڊيرا“ سندس سزا معاف ڪري ڇڏي. جيل مان ٻاهر اچڻ کانپوءِ هن ”ايم بي آر 200“ کي ففٽ ريپبلڪ جو نالو ڏنو. 1998ع ۾ هن صدارتي عهدي جي لاءِ چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي مهم شروع ڪئي. ان دوران ووٽرن سامهون جيڪو پروگرام پيش ڪيو اهو ''بولي ويئرين ازم'' تي ٻڌل هو. ان دوران هن اهو به چيو ته موجوده حڪومت آمريت ۾ بدلجي چڪي آهي ۽ آئين جي ڪابه حيثيت نه رهي آهي. ان مهم دوران هن عوام جون دليون کٽي ورتيون، ڇو ته هو عوام سان سندن ئي زبان ۾ ڳالهائي ٿو.
    سندس عوامي حمايت ۾ واڌارو ٿيندو ويو ۽ نيٺ 6 ڊسمبر 1998ع تي صدارتي عهدي جي لاءِ چونڊ ٿي جنهن ۾ هوگو شاويز 56 سيڪڙو ووٽ کڻي ملڪ جو ٻاهٺهون صدر چونڊجي ڪامياب ٿيو.
    هن حلف کڻڻ کانپوءِ جيڪي شروعاتي ڪم ڪيا انهن ۾ ”پلان بوليوار2000ع“ جي شروعات هئي. ان پروگرام تحت ملڪ ۾ رستا،غريبن لاءِ گھر، وبائي بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. 1999ع ۾ هڪ آئين ساز اسيمبليءَ جوڙي ويئي جنهن ۾ وينزويلا جو آئين تيار ڪيو ويو جنهن ۾ صدر جي عهدي جي مدت 5 سالن مان وڌائي 6 سال ڪئي ويئي ۽ صدر جي عهدي تي هڪ شخص جي چونڊ کي صرف ٻن ڀيرن تائين محدود ڪيو ويو. ملڪ کي ”ريپبلڪا بولي ويرنا ڊي وينزويلا“ جو نالو ڏنو ويو. نئين آئين تحت هڪ ايواني اسيمبليءَ لاءِ 2000ع تي نيون چونڊون ٿيون جنهن ۾ شاويز هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجي ڪامياب ٿيو. صدر چونڊجڻ کانپوءِ هن عوامي ڀلائي لاءِ انيڪ ڪم ڪيا جنهن ۾ زمينون ورهائڻ جو ڪم پڻ ڪيو ويو ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ پڻ شاويز جو نمايان ڪردار رهيو. سال 2002ع ۾ شاويز جي خلاف مخلاف ڌر زبردست قسم جي بغاوت شروع ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن گروپن ڪاراڪس ميٽروپوليٽن پوليس ۽ وينزويلا نيشنل گارڊز وچ ۾ ٽڪراءُ ٿي پيو. جنهن ۾ صدر شاويز کي پڻ قيد ڪري نظربند رکيو ويو پر اها خبر ٻڌي شاويز جي هامين ۾ هلچل مچي پئي ۽ شاويز جي حامي فوجين عوام جي حمايت سان جوابي بغاوت ڪري شاويز کي صدارتي محل مان آزاد ڪرايو ويو. هوگو شاويز آزاد ٿيڻ کانپوءِ ان بغاوت جو سمورو الزام آمريڪا تي هنيو ۽ چيائين ته آمريڪا کيس حڪومت مان هٽائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. شاويز آمريڪا جو ڪٽر دشمن هو ۽ 2006ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بُش کي شيتان پڻ چيو هو. شاويز فري ٽريڊ آف آمريڪا جهڙين پاليسين جو سخت مخالف هو ۽ ڪيوبا کي معاشي طور اڪيلو ڪرڻ واري آمريڪي پاليسي جي پڻ سخت مخالفت ڪيائين ۽ فيڊل ڪاسترو سان دوستيء کي پڻ سگھارو بڻايو. تيل جون قيمتون وڌائڻ جي گھُر سبب آمريڪا کيس پسند نٿو ڪري. هن 2004ع ۾ ”اوپيڪ“ جي ملڪن جو دورو ڪري پنهنجي پاليسي جي حمايت حاصل ڪرڻ ٿي گھري ۽ نار ۾ جنگ کانپوءِ صدر صدام حسين سان ملاقات ڪندڙ پهريون غير ملڪي صدر هو. هڪ وڏي اهم ڳاله اها به هئي ته صدر شاويز ان وقت آمريڪا تي اهو به الزام هنيو ته 11 سيپٽمبر 2001ع تي ”ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ جي هملن پويان صدر بُش جي حڪومت جي رٿا بندي هئي ۽ ان حوالي سان جاچ ڪرائڻ جي گھُر ڪئي ۽ سندس چوڻ هو ته انهن ٽاورن ۾ ڊائناميٽ لڳايا ويا هئا ۽ ڪابه عمارت ائين ڊهي نٿي سگھي جيستائين ان ۾ ڌماڪيدار مادو لڳل نه هجي.
    هوگو شاويز هڪ زمان جو لافاني ڪردار ۽ سوشلزم جو مرڻ گھڙي تائين پيروڪار رهيو. هو سدائين چوندو هو ته ”غربت جي خاتمي جو واحد طريقو اهو آهي ته حڪومت غريبن کي ڏني وڃي“. صدر شاويز جو اهو ايمان هو ته هڪ نئين، سُٺي ۽ ممڪن دنيا جو رستو سرمائيداري نه پر سوشلزم آهي.
    هوگو شاويز کي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڪينسر جهڙي اجگر وبا سان به منهن اٽڪائڻو پيو. 2011ع ۾ ڪيوبا مان هڪ آپريشن ڪرايائين پر پوءِ ان بيماري مان جان آجي ڪرائي نه سگھيو ۽ آخرڪار 05 مارچ 2013 تي وفات ڪيائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو