منهنجي طرفان ..12 ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * جن کي سنڌ سرڪار خلاف پوسٽنگ ڪرڻيون آهن سي هڪ نه پر ڀلي 100 پر الڳ ڪن ـ غير واسطيدار بحث ۾ اهڙي ٽنگ اڙائڻ جو مقصد، اصل موضوع تي بحث کي ختم ڪرڻ هوندو آهي ـ مون اڳ به ڪيترا ڀيرا سوشل ميڊيا تي لکيو آهي: جنهن موضوع تي سوال پڇجي پهريان ان جو جواب ڏيو، پوءِ واسطيدار مسئلن تي لکو پر اها ڳالهه دوستن کي، سمجھائڻ باوجود سمجھه ۾ نٿي اچي ـ
    * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طرفان بلوچستان کان سينيٽ جي نئين چونڊيل چيئرمن صادق سنجراڻيءَ جي چونڊ تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ نئين چيئرمن کي هڪراءِ چونڊڻ جي پڻ آڇ ڪئي آهي ـ حڪمران نواز ليگ سان واسطو رکندڙ وزيراعظم اها به دعوا ڪئي ته سينيٽ جو نئون چيئرمن صادق سنجراڻي ايمان ۽ ضمير خريد ڪري چيئرمن بڻيو آهي...مون وزيراعظم جي بيان تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته اها ڳالهه ته پوءِ ڪبي پر پهريان ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سنڌين سان ڪيڏي نفرت رهي آهي ۽ ڇو؟
    * 60 کان مٿي سنڌي قومپرست جن جو واسطو دادو، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن سان آهي سي قومپرست سياست کان توبنهن تائب ٿيا ـ
    * مڪاني ٽي وي چينل ڪوهنور نيوز دعوا ڪئي آهي ته هنن کدڙي عورت کي، نيوز ريڊر طور مقرر ڪيو آهي ـ
    * سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مظاھري جي وڊيو ڏٺم. ھڪ بينر به سنڌيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ـ
    * جميعت العلماءُ اسلام (فضل گروپ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سچ چيو: مارشل لا لڳي ته مان ان جي آڏو ديوار بڻجي بيهندس ....مان سمجھان ٿو سچ چيو اٿس پر ساڳي وقت اهو به ياد رکڻ گھرجي ته جيڪڏهن کيس “مال” مليو ته هو ديوار ڊاهڻ ۾ دير نه ڪندو ـ
    * سنڌين ۽ غيرسنڌين ۾ فرق ظاهر آهي . غيرسنڌي ته ٺهيل قانون مان، ناممڪن شيءَ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ڪارڻ ڳوليندا آھن پر سنڌي وري ممڪن کي ناممڪن بڻائڻ جو ڪارڻ ڳوليندا آهن ـ مثال: 1972 جو ٻولي ايڪٽ جنھن ۾ سنڌي، سنڌ صوبي جي سرڪار جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي پر ڪي سنڌي سياسي مخالفت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻه لساني صوبي جو راڳ ڳائيندا رهن ٿا ـ
    * سنڌي قومپرستن کي گذارش آهي ته ٻه لساني صوبي جو ناٽڪ هاڻ بند ڪريو، ممتاز ڀٽي به مڃيو آهي ته 1972 ٻولي ايڪٽ هيٺ، سنڌي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي ـ
    * جنرل مشرف جي سنڏ جي وڏي وزيرارباب رحيم، واسطيدار ادارن جي مخالفت باوجود چوڪنڊيءَ جي تاريخي قبرستان جي سوين ايڪڙ زمين پنهنجي ماڻهن کي ڏني هئي ـ اهڙي خبر تن ڏينهن ۾ ميڊيا ۾ به ڇپي هئي ـ
    * ڀارت جي رياست ڀوپال جي وڏي وزير شيوراج سنگھه چوهاڻ 28 پاڪستاني سنڌين کي، ڀارتي قوميت ڏني ـ
    * ڀارت جي هندو قومپرست پارٽي، آر ايس ايس جي سربراهه مسلمانن ۽ عيسائين کي زوري هندو بڻائڻ واري تڪراري مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو