ڳاڙهي قبر خادم گهراڻو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2018۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    ڳاڙهي قبر خادم گھراڻو
    اسلم ڳوٺ جي هڪ غريب هاري جو پٽ هو هن جي خواهش هئي ته آئون محنت ڪري ڪنهن منزل تي پهچان . هن پنهنجي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڳوٺ کان شهر جو سفر ڪيو . جتي هي محنت ڪندو رهيو . هي ڏينهن جي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ جي لاءِ پڙهندو هو شام جو هڪ دوڪان تي مزدوري ڪندو هو جنهن سان پنهنجي پڙهائي ۽ پنهنجي والدين جي مدد ڪندو رهو . هي جنهن ڳوٺ ۾ رهندو هواتي مهيني ۾ ايندو هو دوستن سان ملندو هو . ان ئي ڳوٺ ۾ شينا نالي هڪ ڇوڪري هوندي هئي جيڪا هن سان ڳوٺ ۾ گڏ پڙهي هئي جنهن جو پيءُ هڪ هاري هوندو هو . شينا هن جي مائٽي ۾ نه هوندي هئي پر ڳوٺ جي ڪري هنن جو واسطو هوندو هو . جڏهن انيلا پنهنجي جوڀن تي رسي ته هن جوحسن نکرڻ لڳو . پر هيءَ شرافت جو پتلو هئي ڪوبه هن ۾ بري نظر وجھي نه سگھندو هو . هونئن چوندا آهن ته جيڪڏهن ڪنهن کي ٿوري به لفٽ ڪرائبي ته اهو ڳچي ۾ پوندو آهي . شينا پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندي هئي هن جي اخلاق جي هرڪو واکاڻ ڪندو رهندو هو . هن جي پيءُ کي خيال ٿيو ته ڌيءَ پرائي گھر جي ٿي ويندي آهي اسان هاڻي ان عمر جي حد تي رسي چڪا آهيون جو خبر ئي نه آهي ته ساھ جو سڳو ڪهڙي وقت تي ٽٽي پوي جنهن ڪري نياڻي جو فرض لاهيان اها وڃي پنهنجو گھر سنڀالي جيستائين حياتي هوندي ان وقت تائين پيا جيئنداسين . اهو سوچي هن اسلم جي پيءُ کان ڳالهايو جنهن چيس ته تنهنجي نياڻي منهنجي نياڻي آهي جيڪا چوڏهين جو چنڊ آهي آئون چاهيان ٿو ته اسلم جو کڻي رشتو ڪريون پر جوان ڇوڪرو آهي شهر ۾ رهي ٿو ان کان پڇڻ لازمي آهي نه ته ڳوٺ جي اندر ڪو سٺو رشتو ڳولي نياڻيءَ جا هٿ پيلا ڪبا . مهيني کان پوءِ جڏهن اسلم آيو ته هن کان سندس پيءُ ڳالهه ڪئي جنهن تي هن چيو ته بابا اڃا منهنجو ڪوبه خيال نه آهي جڏهن آئون ڪنهن جاءِ تي رسان شينا جو رشتو ڳوٺ ۾ منهنجي دوست پريل سان ڪريون اهو پنهنجي پيرن تي به بيٺل آهي هر ڳالهه ۾ سٺو آهي منهنجي دوست جو به گھر ٺهي ويندو چاچي وارن تان به فرض لهي ويندو . جنهن تي هن جي پيءُ چيس پٽ جيڪا تنهنجي مرضي آئون شينا جي پيءُ سان ڳالهه ڪندس . ڪجھه ڏينهن کان پوءِ اسلم واپس وڃڻ جي تياري ڪئي پنهنجي پيءُ کي چيو ته بابا آئون ڪجھه وقت لاءِ ٻئي شهر وڃان ٿو پڙهائي جي سلسلي ۾ ٿي سگھي مون کي دير ٿي وڃي . اتان واپس اڇي آئون ڳوٺ ايندس پوءِ دوست جي شادي به ڪرائينداسين تيستائين توهان رشتو پڪو ڪري ڇڏيو . اسلم سڀني کان موڪلائيشينا وارن وٽ ويو شينا کي چيو ته آئون ٻاهر وڃان پيو تنهنجي لاءِ ڇا آڻيان . جنهن تي شينا چيس ته منهنجي لاءِ شادي جو ڳارهو وڳو آڻجان . جنهن کي پائي آئون پنهنجي اباڻي گھر مان رخصت ٿيان اهو منهنجي لاءِ وڏو تحفو هوندو . ائين وقت گذري ويو ويو ٻه مهينا گذري ويا اسلم پنهنجي ڳوٺ واپس نه آيو شينا جو رشتو به هن جي دوست سان ٿي ويو ٻنهي پاسي شادي جي تياري ٿيڻ لڳي ته اسلم اچي ته شادي ڪريون . وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو . ٽن مهينن کان پوءِ اسلم ڳوٺ ڏي اچڻ لڳو جنهن رستي سان هي گذرندو هو اتي رستي ۾ قبرستان ايندو هو جنهن جي پاسي کان رستو ڳوٺ جي طرف ويندو هو هيءُ جڏهن قبرستان جي ويجھو پهتو ته هن جي نظر هڪ قبر تي پيئي جيڪا ڳاڙهي رنگ جي هئي . هي ان قبر کي ڏسي حيران ٿي ويو ته سڃي قبرستان ۾ هيءَ ڳاڙهي قبر ڪنهنجي آهي هي ويجھو ويو ته ڏٺائين اتي هڪ پوڙهو ويٺو هو جنهن جو ڪنڌ مونن ۾ هو هن گھڻا ئي سڏ ڪيو پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو هيءَ سڌو گھر آيي سڀني سان مليو ڪجھه وقت کان پوءِ هن پنهنجي ماءَ کي سڏ ڪيو جيڪا آئي ان کي چيائين ته امان هي ڏس مون شينا جي لاءِ ڳاڙهو وڳو آندو آهي هن ۾ هيءَ ڪهڙي نه سهڻي لڳندي . ماءُ هن کان وڳو وٺي ڏٺو هن کي ڪوبه جواب نه ڏنو جڏهن هن ماءُ جي طرف ڏٺو ته ان جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا وڳي کي چمي رهي هئي هي پريشان ٿي ويو ماءُ کي چيائين ته امان ڇا ڳالهه آهي ؟ جنهن تي هن جي ماءُ چيس پٽ هن وڳي کي پائڻ واري اسان وٽ نه رهي آهي . جنهن تي هن رڙ ڪري چيو ته امان ڇا ٿيو شينا کي ؟ جنهن تي هن جي ماءُ چيس ته ظالمن قهر ڪري ڇڏيو اسان کان اسان جي شينا کسي ويا . جنهن تي هن چيو ته امان مون کي ٻڌائي ته سهي ڇا ٿيو . جنهن تي ماءُ چيس پٽ بڌ هڪ ڏينهن شينا ٻني تي گاهه ڪرڻ ويئي رات ٿي وئي پر واپس ڪانه وري اسان سڀ پريشان ٿي وياسين ته شينا ايتري دير نه ڪندي آهي ڳوٺ جي هر گھر مان پڇا ڪئي وئي پر ڪٿان به ڪوبه ڏس نه مليو پوءِ ڳوٺ وارا گڏجي ٻني جي طرف ويا جڏهن اهي ٻني تي پهتا ته انهن کي شينا ڏسڻ ۾ آئي سڀني سمجهيو ته ننڊ اچي ويئي آهي پر جڏهن ويجھي وڃي ڏسن ته شينا جي روح جو پکي ورپاز ڪري چڪو هو هن جا ڪپڙا به ڦاٽل هئا هر ڪنهن جي ذهن ۾ مختلف خيال آيا . پوليس کي گھرايو ويو جن لاش کي اسپتال پهچايو جتي ڊاٽرن چيو ته نياڻيءَ سان چئن پنجن ڄڻن ڏاڍا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو