ذهني ڪيفيتون ۽ انساني رويا.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان جي زندگيء ۾ ڪو ڏينهن اهڙو به هوندو آهي جنهن ڏينهن تي اسان جا سمورا ڪم سولا ٿي پوندا آهن.ان ڏينهن اسان اهڙو ڪم به ڪري ويندا آهيون جنهن جي ڪرڻ جي اسان کي پاڻ مان اميد ئي ناهي هوندي پر اهي ڏکوئيندڙ ساعتون به اسان مان گھڻن جي ذهن ۾ تازيون هونديون جڏهن اسان جو ڪيل ڪو سبتو ڪم به ابتو ٿي ويو.ڪو ٺهيل ٺڪيل مامرو به منجھي ويو.هزار ڪوششن باوجود صرف ناڪاميون ئي منهن پونديون آهن.ماڻهو ته اهو ساڳيو آهي پوء ايڏو فرق ڇو؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪو جڏو رانديگر به شاندار ڪارڪردگيء جو مظاهرو ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪو شاندار رانديگر به ٻڙي ڪارڪردگي ڏيندو آهي.اصل ۾ فرق هوندو آهي ذهني ۽ جسماني ڪيفيتن جو جن ۾ ڪم جي وقت انسان هوندو آهي.انهن ڪيفيتن مان هرهڪ جي هڪ قوت آهي پوء اها قوت هاڪاري هجي يا ناڪاري.ڪجهه ڪيفيتون اسان کي اڳتي جڏهن ته ڪجهه پوئتي ڌڪين ٿيون.ڪجهه ڪيفيتون چست ۽ ڦڙت جڏهن ته ڪجهه سست ۽ بيزار بنائين ٿيون.

    مثال؛ اعتماد،پيار،اندر جو يقين،خوشي ۽ وجدان جون ڪيفيتون انساني ذات مان طاقت جا عظيم ڦوهارا ڦوڙي ٻاهر ڪڍن ٿيون جڏهن ته ذهني ڏڦير، انتشار،خوف،پريشاني، ڊپريشن، بيچيني،غم ۽ مايوسيء جون ڪيفيتون اسان جي عضون ۽ اعصابن کي مفلوج ڪري بي طاقت ۽ ڪمزور بنائين ٿيون.انهن ڪيفيتن جو مشاهدو اسان کي هروقت پنهن جي روزمره جي زندگيء ۾ ٿيندو رهندو آهي ۽ اسان هروقت زندگيء جي وڻندڙ يا نه وڻندڙ ڪنهن نه ڪنهن صورتحال مان گذرندا رهندا آهيون. مثال؛اسان ڪنهن هوٽل ۾ وياسين ته آرڊر وٺندڙ بيري اسان سان جنهن انداز سان ڳالهايو ان مان سندس بيزاري يا غصو صاف طور تي بکي رهيو هو.هو ڪوشش جي باوجود به سندس منهن جي اڻ وڻندڙ تاثرات کي لڪائي نه پيو سگھي.جيڪر اسان سمجھون ٿا ته ان بيري جو اهو رويو سدائين ان نموني جو هوندو ته اسين غلط آهيون.جيڪر ايئن هجي ته پوء اهو ان هوٽل جي نوڪري هن وقت تائين وڃائي چڪو هجي ها.گھڻو امڪان اهو آهي ته اڄوڪو ڏينهن شايد ان بيري لاء سٺو ناهي رهيو. ٿي سگھي ٿو ته هن کي ڪا ذاتي قسم جي پريشاني لاڳو ٿي هجي يا هن جي ڪنهن گراهڪ سان منهن ماري ٿي هجي.هو ذاتي طور تي هروڀرو ڪو خراب انسان نه هوندو پر ان وقت هو جنهن ڪيفيت جو شڪار آهي سندس رويو ان ڪيفيت جو ئي مظهر آهي.اسان سندس ذهني ڪيفيت کي تبديل ڪري سندس رويي کي بدلائي سگھون ٿا.مطلب اهو ته اصل صورتحال جي ڄاڻ ئي ڪنهن تبديليء کي سمجھڻ ۽ گھربل مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪنجي آهي.ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي ته اسان جو رويو اسان جي ڪنهن اندروني ڪيفيت يا ذهني حالت جو عڪس هوندو آهي،هاڻي اچو ته اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته اهي ذهني ڪيفيتون آخر ڇا هونديون آهن ۽ انهن کي ڪيئن تبديل ڪري يا ضابطي هيٺ آڻي سگھجي ٿو؟

    اسان جي اندر هر وقت وقوع پذير ٿيندڙ لکين نيوراليجيڪل پروسيس ( Neurogical Process) جي مجموعي کي ڪيفيت (State) چئبو آهي.ٻين لفظن ۾ وقت جي ڪنهن به وقفي يا عرصي ۾ اسان جي ٿيندڙ ڪنهن مشاهدي يا تجربي جي ردعمل جي نتيجي ۾اندر ۾ پيدا ٿيل ذهني صورتحال کي ڪيفيت چئجي ٿو.ڪيئي ڪيفيتون اسان جي پاران ڪنهن شعوري ڪوشش يا هدايت سواء پاڻمرادو پيدا ٿين ٿيون.اسان ڪا شيء ڏسندا آهيون ۽ ان جو ردعمل ڪنهن خاص شڪل ۾ ظاهر ڪندا آهيون. اها ڪيفيت مثبت به ٿي سگھي ٿي ۽ منفي پڻ.پر اسان مان گھڻا انهن ڪيفيتن ۾ توازن يا انهن تي ضابطو رکڻ ۾ ناڪام ويندا آهن.ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن ۾ فرق ئي اهو آهي جو ڪامياب ماڻهو لاڳيتو پنهنجي اندر اهي ڪيفيتون قائم رکڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا جيڪي انهن جو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ انهن جون مددگار ثابت ٿين ٿيون.جڏهن ته ناڪام ماڻهو ڪنهن ردعمل جي نتيجي ۾ پنهن جي اندر پيدا ٿيندڙ ناڪاري ڪيفيتن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. عام طور تي ماڻهن جي اها خواهش رهي ٿي ته گھربل مثبت ڪيفيتون امڪاني ۽ اتفاقي طور تي پاڻمرادو کين ملي وڃن پر اسان جي زندگيء جو خمير جنهن نموني جڙيل آهي انهيء ۾ ايئن ڪڏهن ٿيندو ناهي.ڪيتريون ئي ڪيفيتون آهن جن کي اسان پاڻ جنم ڏيئي سگھون ٿا. مثال؛ پيار،محبت،اعتماد،احترام،وغيره جن ۾ خوشيء جي هڪ جادوئي ۽ طاقت سمايل هوندي آهي.محبت،خوشي يا ٻي ڪا طاقت جن لئي انسان سالن کان تلاش ڪندو رهيو آهي انهيء جي ڪنجي انسان جي پنهن جي رهبري پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت ۾ لڪيل آهي ۽ اها صلاحيت تيستائين حاصل نٿي ٿئي جيستائين پنهن جي ذهني ڪيفيتن جي رهنمائي ۽ تنظيم جو فن نه ايندو هجي. وري پنهن جي ذهني ڪيفيتن جي رهنمائي ۽ انهن کي پنهن جي گھربل مقصد حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ جي ڪنجي پنهن جي ذهن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي سکيا ۾ آهي.انهيء ڪم لاء انسان کي پهرين اهو سمجھڻو پوندو ته اهو ڪم ڪيئن ٿيندو؟ انسان صدين تائين پنهن جي ذهني ڪيفيتن کي بدلائڻ ۽ پنهن جي مشاهدي جي طرز کي تبديل ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو آهي.هن بک،نشي وارين شين،،مناجات، موسيقي،لباس، خوراڪ، جنس،پوڄاپاٽ وغيره مطلب ته سمورا طريقا آزمايا آهن پر هاڻي وڌيڪ طاقتور ۽ موثر ذريعا ڳولهيا پيا وڃن.سوال اهو ته جنهن ڪيفيت ۾ اسان آهيون انهيء کي پيدا ڪير ٿو ڪري؟ ڪيفيت جا ٻه بنيادي جزا ٿين ٿا.پهريون جزو اسان جي اندروني صورتن (Presentations) جو آهي ۽ ٻيو جزو اسان جي جسماني صورتحال ۽ ان جو استعمال.توهان ڪهڙين شين کي ڪهڙي تصوير ڏيو ٿا،ان جي باري ۾ ڪهڙي ۽ ڪيئن راء پيدا ڪيو ٿا.اها ڪيفيت جنهن ۾ توهان آهيو ان کي پنهنجي ذهن ۾ هڪ شڪل ڏيو ٿا ۽ پوء توهان جا پيدا ڪيل رايا توهان جي روين مان ظاهر ٿين ٿا. مثال؛ توهان پنهن جي اولاد جي دير سان گھر موٽڻ تي ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ٿا؟ انهيء جو گھڻو دارومدار توهان جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيت تي هوندو.جيڪر توهان ڪلاڪن کان ذهن ۾ اها تصوير ٺاهي ويٺا آهيو ته شايد ڪو خوني حادثو ٿي ويو هجي،خبر ناهي ته هو زنده بچيو به هجي يا نه؟ان ڪيفيت ۾ توهان جو ڪو پيارو دير سان گھر موٽندو ته اوهان لڙڪن،محبت.بي قراري،خوشي ۽ حيرت يا گرمجوشيء سان هن جو آڌرڀاء ڪندا ۽ هن کي ڏسي سک جو ساه کڻندا.پر جيڪر توهان جي ذهن جي ڪيفيت ڪا ٻي آهي ته ان جي موٽڻ تي اوهان جو رويو ان ڪيفيت جو مظهر هوندو.

    هاڻي اچون ٿا ڪيفيت جي ٻئي جزي يعني جسماني صورتحال طرف.اسان دنيا کي ڪيئن ڏسون ٿا ۽ ان کي ٻين سامهون ڪيئن پيش ڪيون ٿا،ڪيفيت جو ٻيو جزو به ان ۾ بنيادي عامل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. جسماني ڇڪ.ٿڪاوٽ.بيزاري،کاڌخوراڪ.ڪا جسماني بيماري يا ڪمزوري وغيره اهي سڀ جسماني حالتون اسان جي روين تي اثرانداز ٿين ٿيون.

    ماڻهن جي عام طور تي اهائي خواهش هوندي آهي ته اهي جنهن ڪيفيت ۾ آهن انهيء کي تبديل ڪن ڇو ته ڪوبه هميشه غمگين ۽ پريشان رهڻ نٿو گھري.انهيء تبديليء لاء اهي مختلف شيون ڪندا آهن.مثال؛ ٽي وي ڏسڻ،کل ڀوڳ جي ڪنهن محفل ۾ ويهڻ،گھر کان ٻاهر ڪنهن آئوٽنگ تي هليو وڃڻ،سگريٽ جا دونهان لڳائڻ يا نشي وارين شين جو استعمال ڪرڻ وغيره پر انهن شين جو نتيجو به دائمي نه پر عارضي هوندو آهي.جيئن ئي ٽي وي شو ختم ٿيو،يا نشي جو اثر گم ٿيو يا ماڻهو محفل ڇڏي اڪيلائيء جو شڪار ٿيو ته ساڳيون ڪيفيتون انسان کي گھيريو وڃن.

    ڪاميابيء جي عروج تي پهچڻ وارا ماڻهو پنهنجي ذهن جي اعليٰ صلاحيتن کي جاڳائڻ تي پورو عبور رکندا آهن ۽ اهو ڪمال ئي انهن کي ٻين کان ممتاز بنائي ٿو.بس ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جون ڪيفيتون پنهن جي اندر زبردست طاقت رکن ٿيون ۽ جيڪر انهن تي ضابطو آڻڻ جو فن اچي وڃي ته انسان کي حالتن جي رحم ڪرم جو محتاج ٿيڻو نٿو پوي.

    (انٿوني رابنز جي ڪتاب”Unlimited Power” مان رهنمائي ورتل)
     
    خدابخش جويو ۽ الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي
  2. الھي بخش

    الھي بخش
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    ھوت جو اھڻ
    واه ادا واه زبردست ڪوشش توھان کان ڪئين رابطو ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏھن وقت ملي ته ھن لنڪ ته رابطو ڪندا مھرباني!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو