منهنجي طرفان ـ 13: محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * سنڌ جي کيرٿر رينج تي بلوچستان جي ڪوڙي دعوا ته کيرٿر سميت 2 لک 48 ايڪڙ زمين سندن آهي: سنڌ جي سينيئر وزير نثار کهڙي جي پريس ڪانفرنس ـ
    شهيد بينظير جي دور سميت ٻه ڀيرا اڳ به سنڌ جي حق ۾ فيصلو ٿي چڪو آهي ـ
    *بلوچستان فساد نه ڪري، اسان پنهنجي ڌرتيءَ جوهڪ انچ به نه ڏينداسون: سنڌ سرڪار جو پختو ارادو ـ
    * بلوچستان جي سرڪار سنڌ جي اڍائي لک ايڪڙن تي دعوا ڪئي آهي، ڇا سنڌ جا ٺيڪيدار بلوچن جي حمايت ڪندا جيئن تربت ۾ 20 سنڌي پورهيتن جي، بلوچ قومپرست ڊاڪٽر الله نظر بلوچ هٿان قومي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪري قتل ٿيل هئا ـ ڊاڪٽر الله نظر گھٽ ۾ گھٽ 2 ڀيرا بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي سنڌي پورهيتن جي قتل جي کليوکلايو مڃتا ڪئي هئي ـ منهنجو سوال ـ
    * ”ڪراچي ۽ سنڌ“ چوڻ وارن کي فيس بوڪ تي سبق سيکارڻ ته ڀلي ڳالهه آهي پرهو پوسٽنگ تڏهن پڙهي سگھندا جڏهن اها انگريزي يا اردوءَ ۾ هجي ـ
    * گجرانوالا ۾ 62 ورهين جي عورت 32 ورهين جي جدوجهد کانپوءِ سوئي ڌاڳن جي مدد سان ڪپڙن تي قران شريف جو انوکو پر سهڻو نسخو تيار ڪيو ـ
    * اسلام آباد: سي پيڪ جو غيرقانوني ٺيڪو چيني ڪمپنيءَ کي ڏيڻ ڪارڻ 166 ارب روپين جو نقصان ٿيو ـ
    * نيب، پير پڳاري پير صبغت الله شاهه راشدي ۽ روينيو عملدارن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو، ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ اهڙي جاچ جي منظوري ڏني وئي ـ پير پڳاري ۽ روينيو بورڊ ڪورنگيءَ جي آفيسرن تي سرڪاري پلاٽ غيرقانوني ڏيڻ ۽ اڏاوتن ۾ 21 ڪروڙ 20 لک رپين جي گھپلن جا الزام ـ
    * سنڌ هاءِ ڪورٽ پهرين اپريل 2018 کان کير جي قيمت 94 رپيا ليٽر مقرر ڪئي ـ
    * وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ جي آمريڪي ايئرپورٽ تي عام ماڻهوءَ وانگيان تلاشي ورتي وئي، سوشل ميڊيا جي حوالي سان بي بي سي جي خبر ـ
    * لاس اينجلس، ڪئليفورنيا رياست، آمريڪا: يونيورسل فلم اسٽوڊيو،هالي ووڊ ۾ بيٺل ڪار کي هڪ هٿ سان پر سولائيءَ سان مٿي کنيم جيڪا اصلي هئي پر خاص طورهلڪڙي ٺاهي وئي هئي (محمد خان سيال) ـ
     
    آخري ترميم: ‏29 مارچ 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو