منهنجي طرفان...15 ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    *سانگھڙ وڏي واڪي اعلان پيو ڪري ته ان کي تباهه ڪرڻ وارو ٻيو نه پر فنڪشنل ليگ آهي: بلاول ڀٽي زرداريءَ جي کپريَ ۾ تقرير ـ
    * پ پ پ غريبن کي مفت علاج جي سهوليت ڏني، نيون يونيورسٽيون ۽ ميڊيڪل ڪاليج ٺهرايا، صحت ۽ تعليمي شعبن ۾ وڏو ڪم ڪيو ۽ پاڻيءَ جا آر او پلانٽ به لڳرايا : بلاول ـ
    *گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي ايَ) سياسي يتيمن جو ٽولو آهي: اڇڙي ٿر لاءِ وڇايل 240 ڪلوميٽرن جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي افتتاح جي موقعي تي بلاول جي تقرير ـ
    * سانگھڙ ۾، 50 ورهين تائين حڪومت ڪرڻ باوجود، فنڪشنل ليگ سانگھڙ واسين لاءِ ڪجھه به نه ڪيو: بلاول ڀٽي زرداريءَ جي تقرير ـ
    * وفاق سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ڏيئي، ان مسئلي تي سنڌ سڀ کان گھڻي متاثر ٿي آهي، ارسا سنڌ کي پاڻيءَ لاءِ سڪائي ٿي، سنڌ ويران ٿي رهي آهي: بلاول ـ
    *ارڙهين آئيني ترميم، صوبائي خودمختياريءَ جي خاطري ڪرائي آهي پر نواز ليگ خاتمي جي سازش ڪري پيئي سا برداشت نه ڪبي: بلاول ڀٽو زرداري ـ
    * فنڪشنل ليگ سياست کي لاوارث بڻايو، هاڻ سياست کي پيري مريديءَ کان ڌار ڪرڻو پوندو: بلاول ڀٽي جي کپريَ ۾ تقرير ـ
    * سنڌ سرڪار، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 39 ورسيءَ جي موقعي تي اربع 4 اپريل تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ـ
    * ممبئي: نامياري سنڌي اديب ۽ گھڻ شخصيتي اسڪالر دادا رام پنجواڻيءَ جي 31 ورسي 31 مارچ تي ملهائي وئي *نواز ليگ، گھر جي ”لونڊي“ بڻجي وئي آهي، شايد پارٽيءَ سان هاڻي رشتو نه رهي: عمران خان ۽ زرداريءَ جا هٿ ملائڻ سٺي ڳالهه آهي: چوڌري نثار، اڳوڻو وفقي گھرو وزير ـ
    * ڪراچيءَ ۾ اضافي لوڊ شيڊنگ ختم ڪرايو: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو جو وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ کي خط ـ
    * عدالت جي تمام گھڻن فيصلن کي تاريخ قبول نٿي ڪري، پاڪستان لاءِ ڪم ڪندڙن کي عدالتن ۾ گھليو ۽ ڪڍيو وڃي ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ـ
    * مليشيا جي گاديءَ واري شهر ڪوالالمپور جي فائيو اسٽار هوٽل جي تقريب ۾ فلپائيني صنعتڪار مارگريٽ جي زال ڊانس ڪرڻ لاءِ چيو پر مون کيس چيو ته مونکي ڊانس نه ٿي اچي سو هن سيکارڻ جي ڏاڍي جاکوڙ ڪئي پر مونکي ڪا گھڻي ڪاميابي ڪانه ٿي (محمد خان سيال) ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو