عڪس يار

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    زماني جون گردشون، حالات جون سختيون، وقت کان اڳي آيل زميواريون ڪنهن حد تائين ٿڪائي ٿيون وجهن، من اندر اُڀرندڙ نفيس احساس ڪنهن ڪٺورتا ۾ ڪنورٽ ٿي ڪري دل جي دڙڪن کي تيز هلڻ کان روڪي ٿيون ڇڏين، اکيون لڙڪن کي جاري ڪرڻ کان عاري ٿيون پون، نيڻ خواب ڏسڻ کان پرهيز ڪرڻ لڳن ٿيون، لب مسڪرائڻ کان ڪوھ ڏور پري ڀڄڻ لڳن ٿيون، اهڙي سُنسان حالات ۾ وري جڏهن محبت جا ڪڪر ٺهڻ شروع ٿين ٿا تہ ان موسم جو مزو ئي ڪجھ الڳ هجي ٿو

    وري جڏهن اهڙي سڪار واري موسم ۾ محبت جي بهار واري جهڙ جڙڻ لڳي ٿي تہ ڄڻ بي جان جسمن ۾ ساه پوڻ شروع ٿئي ٿو، ذهن ۾ سبز خيال پرواز ڪرڻ لڳن ٿا، راتين جون رولاڪيون پسند اچڻ لڳن ٿيون، ستارن جي سجاوٽ سهڻي لڳڻ شروع ٿئي ٿي، گل ٻوٽا اڳ کان وڌيڪ حسين محسوس ٿيڻ لڳن ٿا، سڄو سنسار پرين جي عڪس ۾ سمايل نظر اچي ٿو

    عجيب رنگ آه ان دل لڳي ۾، جتي اڙجي وڃي اصلي اتان محبوب پاڪ سان منسوب هر هڪ عنصر سان حد درجي جي عقيدت دل ۾ پاڻ هي پيدا ٿي پوي ٿي، محبوب پاڪ جو گهر پٽ، مٽ مائٽ، اوڙو پاڙو توڙي اُهي روڊ رستا جتان محبوب پاڪ جو گذر ٿئي ٿو انهن سان بہ عقيدت پاڻهي ڄاڻ پيدا ٿي وڃي ٿي
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو