هاءَ گهوڙا - ماستري وئي !!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    سنڌ حڪومت جڏهن کان وٺي ڪري استادن جي نئي ڀرتي عيوض اخبار ۾ اشتهار ڏنو آهي تڏهن کان وٺي ڪري ڪجھ احمقن عجيب و غريب ريگهنٽ شروع ڪيو آهي

    کين اعتراض آهي تہ اسان کي بنا بي ايڊ جي ماستري ڏني وڃي، بي ايڊ جو شرط ختم ڪيو وڃي

    يعني ڀلي اسان کي اها خبر ئي نہ هجي تہ پڙهائبو ڪئين آهي ؟؟
    سمجهائبو ڪئين آهي ؟؟؟
    لکرائبو ڪئين آهي، لکبو ڪئين آهي ؟؟؟

    استاد جو پيشو ڪيترو مهذب ۽ معتبر آهي ؟؟؟

    استاد تي قوم جون ڪهڙيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون ؟؟؟

    استاد پنهنجي علم، فن ۽ ڏاهپ سان ڪهڙو انقلاب برپا ڪري سگهي ٿو ؟؟؟

    شاگرد ڇا هوندا آهن، انهن کي ڪهڙي نموني پر اثرائتي تعليم مهيا ڪري سگهجي ٿي ؟؟؟

    ٻارن جي نہ پڙهڻ واري عادت کي پڙهڻ واري صلاحيت ۾ ڪئين تبديل ڪجي ؟؟؟

    استاد ۽ معاشري جو پاڻ ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي ؟؟؟

    مطلب تہ اسان کي ڀلي ڪجھ بہ خبر نہ هجي پر ماستري ملي سان بہ بنا بي ايڊ ڪرڻ جي، وري مٿان اعتراض اٿن تہ هڪ سال واري بي ايڊ ڪرڻ وارا سڀ جا سڀ نا اهل آهن، انهن کي ڪجھ اچي ئي ڪو نہ ٿو

    جيڪو ڪجھ اچي ٿو سو اسان کي اچي ٿو، اسان کي قابل آهيون باقي سڀ نا اهل آهن، اسان ئي مهذب ۽ معتبر باقي سڀ ڪورا ڄٽ ۽ جاهل آهن

    سو ان لاءَ ماستري بہ اسان جو حق آهي، سنڌ حڪومت اصلي اسان کان اسان جو حق کسيو ٿو وڃي، ڦريو ٿو وڃي، اصلي وڏي ويڌن آه اسان سان

    هاءَ گهوڙا اسان سان ظلم اڙي ظلم،

    يا حسين ڪو اسان جي دانھ ٻڌي، اسان جي ماستري اسان جي هٿان پئي وڃي

    انهن اسان جي احمق دوستن جي ان احمڪاڻي رد عمل تي آءُ انهن کان صرف ايترو پڇندس تہ

    اڄ اوهان چئو ٿا تہ اسڪول جي ماستر جي لاءَ بي ايڊ جي ڊگري ڇو ؟؟؟

    تہ پوءَ اهو ٻڌايو …

    ڊاڪٽري لاءَ ايم بي بي ايس جي ڊگري لازمي ڇو آهي؟؟؟

    نرسنگ، هيلٿ ٽيڪنيشن، يا وري ڊسپينسري وارو بہ تہ ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿو نہ، آخر ايم بي بي ايس جي ڊگري وارو ئي صرف ڊاڪٽر ڇو ٿو بڻجي؟؟؟

    وڪالت لاءَ ايل بي بي جي ڊگري لازمي ڇو آهي ؟؟؟

    ماڻهو تہ ٻہ سال جي منشي گيري ڪري بہ وڪالت ۽ ڪورٽ جي سڀني معاملن کي سمجهي ويندو آهي پوءَ ڀلا ٽي سال يا وري پنج سال وڪالت ڇو ٿو ڪري ؟؟

    کيس ڪهڙي کُٽي کنيو آهي جو وتي ٿو قانون پڙهندو، سنئون سنڌو ٻہ سال منشي گيري ڪري وڪيل ڇو نہ ٿو ٿي وڃي ؟؟؟

    پوءَ تہ اُهي ڇوڪرا چريا ۽ چوت چئبا نہ جيڪي چار چار سال انجنئرينگ ڪري پاڻ کي انجنئير سڏرائن ٿا؟؟؟

    انهن لاءَ ڀلو ناهي تہ ٽن سالن جي ڪنهن ڪاليج مان ڊپلوما ڪري وڃي وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان انجئير سڏارائن ۽ انجئير ٿي ڪري ڪم کي هلائن، هرو ڀرو چار سال ڇو ٿا لوڙين ؟؟؟

    در اصل هاڻ مسئلو اهو آهي تہ هاڻ تعليم کاتي ۾ دلچسپي رکندڙ اميدوار کان علاوه اهيرو گهيرو نٿو خيرو اچي ڪري ماستر ڪونہ ٿي سگهندو

    ان لاءَ سڄي سنگت اچي ڪري ريگهنٽ شروع ڪئي آهي تہ جيڪر اُهي بہ گهر ويٺي ماستر ٿين ها ۽ قوم جو ٻيڙو اڃا بہ وڌيڪ ٻوڙين ها

    جن کي تعيلم کاتي جي الف بہ ۽ پڙهائڻ جي توڙي ڪنهن بہ طور طريقي جي خبر ئي ڪونہ آهي اُهي بہ ماستري جا خواب پيا ڏسن

    پر اتفاقن سان سندن خوابن کي هاڻ ٻنڏو اچي چڪو آهي جيڪا ڳالھ کين پسند نہ پئي اچي ۽ اچي ڪري بي وقتو ريگهٽ شروع ڪيو اٿن تہ ماستري لاءَ بي ايڊ ڇو ؟؟؟

    اصل ۾ هنن يارن اڄ تائين ماستري کي مفت واري ۽ آسان نوڪري پي سمجهي آهي، تڏهن ئي جيڪو فرد سڄي عمر ڪجھ بہ ڪونہ ٿي سگهندو هو اُهو آخر ۾ ماستر ٿي ويندو هو

    هي سڀ يار اڄ تائين ان خام خيالي جو شڪار هئا تہ ماستري ملي ويندي پر هاڻ تعليم کاتي جي نئي پاليسي سندن دونها ئي ڪڍي ڇڏيا آهن، اصلي اکڙين تان خمار ئي لهي ويا اٿن

    وتن ٿان رڙيون ڪوڪون ڪندا تہ اسان تي رحم ڪريو، اسان بنا بي ايڊ وارن کي وچ ڪرڻ ڏيو تہ جئين اسين بہ ماستر ٿيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو