اءَ دنيـــــا دو رنـگــــي !!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    زندگي جا چار ڏينهن، چئن صدين جيتري ٿڪاوٽ برپا ڪري ڇڏيندا آهن، هر روز نت نون خيالن، نظرين توڙي فردن سان جهڙڻ آسان ڳالھ ناهي، بس بابا وقت جي وهڪري سان هلڻ بہ هڪ قسم جو اعلي فن عطا ڪيل آهي حضرت انسان کي، سندس ان ڪمال اڳيان پوري ڪائنات جا سڀ رنگ نکري نروار ٿين ٿا

    ڪنهن کي ڪو فرد پسند ناهي تہ وري اُهو فرد ڪٿي ڪنهن جو قائد ۽ رهبر نظر اچي ٿو، ڪنهن کي سندس حال چال توڙي ڍال تي اعتراض آهي تہ وري ڪٿي ڪو فرد سندس هر هڪ ادا تي فدا ٿيڻ لاءَ تيار، بس هڪ حڪم صادر ٿيڻ جي دير هجي ٿي

    دنيــــا جا عـجيـب رنــــگ هن سائين !!!

    نہ توهان کي خوش ٿي کلڻ ڏيندا ۽ نہ وري اوهان کي اڪيلائي ۾ سڪون سان روئڻ ڏيندا، اوهان جي خوشين سان کين ساڙ ۽ اوهان جي غمن سان کين تسڪين عطا ٿيندي آهي

    عجيب تہ اُهي ماڻهو بہ آهن جيڪي هر هڪ جي سوچ ويچار ۽ برتاءُ جي حساب سان پنهنجي چهري تي مصنوعي مرڪ جاري ڪري هلندا آهن، سندن اندر ڀلي ٻہ اڌ ٿيل هجي پر مرڪڻ واري روايت ڪئين نہ ڇڏيندا آهن

    ڪڏهن ڪڏهن آسمان تي اسان جي سپنا ڪڏڻ لڳندا آهن، اسان جون نگاهون نيري آسمان جي دل فريبي رنگ ۾ کپي ڪري پنهنجي آئيندي جون ڪجھ جهلڪيون پرکڻ چاهينديون آهن، اسان جون سوچون ڪنهن ويراڳي جو ويراڳ بڻجي ڪري در در ڀٽڪڻ شروع ڪنديون آهن

    پر ساڀيان تہ هر هڪ خواب کي نصيب ناهي ٿيندي نہ مٺا !!!

    ڪجھ سپنا بہ انسانن وانگر اڌورا بڻجي ويندا آهن، انهي اڌوري پن واري ڪيفيت مان گذرندي مون 2013 ۾ هڪڙو عدد غزل لکيو هو جيڪو اوهان سڄڻن جي نظر ڪجي ٿو، پڙهو ۽ سڪون وٺو بابلا …


    زندگي جــــــــــا خـــواب اڌورا
    لکيل ڪتاب جـــــــا باب اڌورا

    وڄنــــدا هيـــا مهلن ۾ جيڪي
    آهن پيا ســـــــــي ربـــاب اڌورا

    وقت جا ويري ٿيا ها جيڪي
    رهجي ويا سي نـــــواب اڌورا

    ڏيکاءُ خاطر خيرات ڪيا جن
    تن جا بہ آهـــــــن ثواب اڌورا

    ” يوسف“ تو هــي ڇا لکيو آهي
    ورق تہ آهن تنهنجا جناب اڌورا

    یوسف جمیل لغاري
     
    ياسين خان شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو