قرآن ۽ سائنسي راز ؛ آڱرين جا نشان.

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    قيامت جو انڪار ڪندڙ ان ڳالهه کي مڃڻ لاء بلڪل تيار ناهن ته اهو انسان جنهن جون هڏيون مرڻ کان پوء سڙي ۽ ڳري وڃن ٿيون،قيامت جي ڏينهن ان کي واپس زندهه ڪيو ويندو.اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هر انسان پنهنجي اصل شڪل ۽ صورت ۾ واپس ٻيهر جيئرو ٿي پوي! ربتعاليٰ قرآن ڪريم ۾ انهيء سوال جو جواب هن طرح ڏيڻ فرمايو آهي ته

    ” ڇا انسان اهو سمجھي ٿو ته اسان سندس هڏيون ( ٻيهر) جمع نه ڪري سگھنداسين. ڇو نه،اسان ته ان ڳالهه تي به قدرت رکون ٿا ته سندس آڱرين جي پورن کي به (واپس) ٺيڪ ٺيڪ بنائي وٺون.” ماء جي پيٽ ۾ حمل جي چوٿين مهيني ٻار جي آڱرين تي نشان ٺهن ٿا جيڪي پئدائش کان وٺي مرڻ تائين هڪجهڙا رهن ٿا.آڱرين جا اهي نشان آڏين، ڦڏين،گول ۽ وڙن وڪڙن وارين لڪيرن تي مشتمل ٿين ٿا جيڪي انساني چمڙيء جي اندروني ۽ ٻاهرين حصن جي ملاوت سان جڙن ٿا.ڪنهن به انسان جي شناخت ۽ سڃاڻپ لاء هٿ جون لڪيرون بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون پر ان ڳالهه جو انسانذات کي پتو نه هو.ٻه سو سال پهرين آڱرين جا اهي نشان ايتري قدر اهم نه هئا ڇو ته اوڻويهينء صدي جي آخر ۾ اها ڳالهه دريافت ٿي هئي ته سمورن انسانن جي آڱرين جا نشان هڪٻئي کان مختلف آهن. 1880ع ۾ هڪ انگريز سائنسدان “ هينري فالڊس” پنهنجي هڪ مقالي ۾ جيڪو “نيچر ” نالي رسالي ۾ شايع ٿيو هو تنهن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته ماڻهن جي آڱرين جا نشان سڄي عمر تبديل نٿا ٿين ۽ انهن جي بنياد تي اهڙا شڪي ماڻهو جن جي آڱرين جا نشان ڪنهن شيء مثال، شيشي وغيره تي رهجي وڃن ٿا انهن تي مقدمو هلائي سگھجي ٿو.1884ع ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو جو آڱرين جي نشانن جي سڃاڻپ جي بنياد تي قتل جي هڪ ملزم کي گرفتار ڪيو ويو هو.ان ڏينهن کان آڱرين جا نشان سڃاڻپ جو اهم ۽ ڪامياب ذريعو بڻجي چڪا آهن.تنهن هوندي به اوڻويهينء صديء کان پهرين شايد ماڻهن ڀلجي به ڪڏهن اهو نه سوچيو هوندو ته انهن جي آڱرين جون لهردار لڪيرون به ڪا معنيٰ رکن ٿيون ۽ انهن تي تحقيق به ڪري سگھجي ٿي. ۔ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ مطابق ؛ “ دنيا ۾ ڪنهن به ماڻهوء جي آڱرين جا نشان ڪنهن به ٻئي ماڻهوء جي آڱرين جي نشانن سان نٿا ملن توڙي جو اهي جاڙا ڀائر ئي ڇو نه هجن.اهو ئي سبب آهي جو بين الاقوامي طور تي به پوليس ڏوهارين جي سڃاڻپ لاء فنگر پرنٽس جو طريقو ئي اختيار ڪري ٿي.”

    بناوت جي لحاظ کان انساني چمڙي ٻن تهن تي مشتمل آهي،هڪڙو ٻاهريون تهه جنهن کي “ برادما” يا Epidermis چئبو آهي جيڪو “ايپيٿيليل اوڄن ” جو ٺهيل آهي جيڪي پاڻ ۾ هڪٻئي سان گھڻو ڳنڍيل هوندا آهن،ان جي اندران هڪڙو ٻيو ٿلهو تهه ٿئي ٿو جيڪو “ادما ” يا Dermis سڏائي ٿو.ادما جو مٿاڇرو ڪيترن ئي هنڌن تي آڱرين وارن اڀارن وانگر اڀريل هوندو آهي.اهي اڀار هٿن توڙي پيرن جي ترين تي سڀ کان گھڻو ظاهر هوندا آهن.خاص طور تي هٿن ۽ پيرن جي آڱرين جي سڌي طرف انهن اڀارن جون قطارون ايتريون ته واضح ٿين ٿيون جو انهن جا نشان ڪنهن ڪاغذ يا ڪنهن ٻي شيء تي حاصل ڪري سگھجن ٿا.هر ماڻهوء جي آڱرين ۽ آڱوٺن ۾ انهن اڀارن جي ترتيب ۽ نمونو بلڪل جدا جدا ٿئي ٿو.يعني ڪنهن شخص جي آڱرين جا اهي نشان ڪنهن به ٻئي شخص سان نٿا ملن ايستائين جو جاڙن ٻارن جا به نه! پر ساڳئي ماڻهوء ۾ اهي اڀار هڪجهڙا رهن ٿا ۽ زندگيء جي ڪنهن به مرحلي ۾ نٿا بدلجن البته عمر وڌڻ سان گڏ اهي سائيز ۾ وڌندا ۽ وڏا ٿيندا ويندا آهن. انهن اڀارن جي ڪنهن به حالت ۾ نه بدلجڻ واري خاصيت جي ڪري ئي اهي نشان ڪنهن به انسان جي ذاتي سڃاڻپ جو بهترين ذريعو آهن.جيئن ته پگھر جي غدودن جون ناليون برادمي اڀارن جي چوٽين ۾ کلن ٿيون جنهن ڪري جيئن ئي ڪنهن سڌي سطح کي ڇهجي ٿو ته آڱرين جا اهي نشان انهيء شيء تي نقش ٿيو وڃن.

    جديد سائنس ويجھڙائيء ۾ ئي اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ڏوهن جي جاچ ۾ پوليس کي تمام جلد آڱرين جي نشانن ذريعي ماڻهن جي طرز زندگيء جي باري ۾ به اهڙي معلومات ملي سگھندي جنهن ذريعي ڏوهارين تائين پهچڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي. برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيقات ۾اهڙا امڪان پيدا ٿيا آهن جن مان سگريٽ نوشي،منشيات جي استعمال يا آڱرين جي نشانن ۾عمر سان گڏوگڏ پيدا ٿيندڙ تبديلين جو پتو لڳائي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر جڪيلز جو چوڻ آهي ته جڏهن انسان ڪنهن شيء کي ڇهي ٿو ته ڪجهه نامياتي مرڪب آڱرين جي پورن مان ان شيء تي لڳي وڃن ٿا.هن چيو ته آڱرين جي پورن ۾ ڪيترائي نامياتي مرڪب پاتا وڃن ٿا ۽ اهي ڪيترن ئي امڪانن کي جنم ڏين ٿا.ان نموني جو ئي هڪڙو نامياتي مرڪب “ سڪيولين “ آهي جنهن مان ڪوليسٽرول ٺهي ٿو،وڏي مقدار ۾ آڱرين جي پورن ۾ موجود آهي.ڊاڪٽر جڪيلز مطابق؛ بالغن،ٻارن ۽ پوڙهن جي آڱرين مان مختلف قسمن جا نامياتي مرڪب شين کي ڇهڻ سان انهن شين تي رهجي وڃن ٿا.ان کانسواء منشيات استعمال ڪندڙ ماڻهن جي آڱرين جي پورن مان جيڪي نامياتي مرڪب شين تي لڳن ٿا انهن ۾ نشي وارين شين جا اثر به موجود ٿين ٿا . رب تعاليٰ مٿين آيت ۾ انڪار ڪندڙن کي جواب ڏيندي فرمائي ٿو ته هو نه صرف سمورن انسانن جي هڏين کي ٻيهر به اهڙيء طرح جوڙي ڇڏيندو جهڙيء طرح اهي پهرين هيون بلڪه انهن جي آڱرين جي پورن جا نشان به ساڳي طرح ترتيب ڏيئي ڇڏيندو جيئن اهي پهرين هئا.قرآن هتي انسانن جي سڃاڻپ جي حوالي سان آڱرين جي نشانن کي آخر ايتري اهميت ڇو ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته 1880ع کان اڳ آڱرين جي نشانن ذريعي انسانن جي انفراديت ۽ شناخت جو ڪو تصور ئي موجود نه هو. اربن کربن انسانن جي موت بعد قيامت جي ڏينهن ٻيهر انهن کي جيئرو ڪرڻ جڏهن انهن جون هڏيون ذرا ذرا ٿي سڙي ۽ ڳري وييون هونديون،ٻيهر انهن کي سندن اصل صورت ۾ پيدا ڪرڻ بلڪه آڱرين جي پورن جي به ساڳي ترتيب بحال ڪرڻ،رب تعاليٰ جي عظمت،وڏائي،قوت ۽ قدرت جو چٽو ثبوت اهي.ان ڪري اها ڳالهه ڪنهن دليل جي محتاج ناهي ته رب تعاليٰ انسان جي آڱرين جي نشانن ۾ جيڪو راز لڪيل رکيو آهي سو سندس قدرت جي نشانين مان هڪ نشاني آهي ۽ رب تعاليٰ جيڪا بي مثال انجنيئرنگ ۽ ڊزائيننگ صرف چند چورس سينٽي ميٽرن جي ايراضيء ۾ ڪئي آهي ڪنهن انسان جي وس جي ڳالهه ناهي. قرآن حڪيم اڃ کان 1400 سال اڳ ئي انسان جي انفرادي سڃاڻپ ۽ شناخت جي حوالي سا ن سندس آڱرين جي پورن ۽ نشانن جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي،علم،عقل ۽ داڻش جا گھوڙا انهيء نڪتي تي هاڻي پهتا آهن.
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    قرآن حڪيم اڃ کان 1400 سال اڳ ئي انسان جي انفرادي سڃاڻپ ۽ شناخت جي حوالي سا ن سندس آڱرين جي پورن ۽ نشانن جي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي،علم،عقل ۽ داڻش جا گھوڙا انهيء نڪتي تي هاڻي پهتا آهن.

    هڪ سوال آهي ته جيڪو اسين يا ڪو وڏو عالم پڻ چوندو آهي ته اڄ کان 1400 سال هي ڳالهه هُئي، فلاني ڳالهه هُئي، بحرحال جيڪو ڪجهه به قرآن پاڪ مان جنهن به ڳالهه جو حوالو ڏنو ويندو آهي ته ان کي 1400 سالن کان ڳڻيو ويندو آهي، ڇا ائين نه آهي ته قرآن پاڪ آسمان تان 1400 سال اڳ لاٿو ويو، جڏهن ته قرآن پاڪ لوح محفوظ ۾ ان کان به اڳ کان موجود هيو، پر اهو به پنهنجي جڳهه تي آهي، ٻي ڳالهه ته الله پاڪ سهڻي حبيب صلي الله عليه وسلم کان اڳ 124000 انبيا ڪرام مبعوص فرمايا ٿي سگهي اهو به هجي ته اهڙي سائينس ۽ انساني جوڙ جڪ جا مثال اڳ به انهن نبين مٿان موڪليل آسماني ڪتابن صحيفن ۾ پڻ هجي پر انسان ان جي تحقيق نه ڪري سگهيو هجي،،،... منهنجو مطلب صرف اهو آهي ته قرآن پاڪ جي حڪمت، علم ۽ ان ۾ موجود ڄاڻ جنهن مان انسان هاڻ لاڀ حاصل ڪري رهيو آهي ان کي 1400 سالن تائين محدود نه ڪيو وڃي، يعني جڏهن کان خدائي آهي تڏهن کان الله پاڪ اهو سڀ انسان لا پيدا ڪري ڇڏيو هئائين بس اسان مٿان ان جو ظهور هان ٿيو آهي. يعني جڏهن اسان جو عقل ان طرف مائل ٿيو آهي.
     
  3. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    توهان پاڻ ئي ا ن سوال جواب ڏيئي چڪا آهيو ته
    “جڏهن کان خدائي آهي تڏهن کان الله پاڪ اهو سڀ انسان لا پيدا ڪري ڇڏيو هئائين بس اسان مٿان ان جو ظهور هان ٿيو آهي. يعني جڏهن اسان جو عقل ان طرف مائل ٿيو آهي.”
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو