شعور رکندڙ دوستن جي خدمت ۾

'تعارف' فورم ۾ سعيد عباس ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2018۔

  1. سعيد عباس ٻرڙو

    سعيد عباس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊيٽي آهي
    ماڳ:
    خيرپور
    اڄڪلھ ڪيڏا نه وڏن وڏن عالمن سڳورن جا نالا ٻڌڻ ۾ ٿا اچن ۽ ڪيڏا نه وڏا تن جا لقب آهن قبلا، مولانه، حجت الاسلام ول مسلمين وغيرا وغيرا هر عالم سڳوري جو نالو هڪ ٻن لائين جو ٿو وڃي بيهي.
    هڪ بهري حضرت امام علي عليه سلام وٽ هڪ اصحابي سڳورو آيو ۽ اچي ڪري عرض ڪيائين ته سائين مومن ڇا ٿو ڪري سگهي؟
    امام علي عليه سلام جن وراڻيون ته مومن اگر ڪنهن بيجان شئي کي چئي ته هلڻ ڇرو ڪر، ته اها شئي هلڻ ڇرو ڪندي ان ڳالھ جي ختم ٿيندي ئي سامهو واري ڀت هلڻ لڳي ان اصحابي سڳوري امام علي عليه کان پڇو سائين اوهان هن ڀت کي هلڻ لاءِ ته نه چيو آهي باقي هي ڀت ڇو هلڻ لڳي آهي؟؟
    امام علي عليه سلام جن وراڻيو ته آءُ اميرالمومنين آهيان منهنجو ارادو ڪرڻ ڪافي آهي.
    مان اتي هر شعور فرد کان سوال ڪندو هلان ته اڄ جو هر ملو پاڻ کي حجت الاسلام ول حجت المسلمين ٿو سڏائي ڇا ان حجت جي زبان ۾ هڪ مومن جي زبان جيترو اثر اٿس اگر ها تب هو صرف هڪ مومن نڪي حجت.
    حجت الاسلام صرف هڪ آهي جيڪو هن وقت پردي ۾ موجود آهي.
    يقين آهي ته پڙهيل لکيل دوستن کي ڪجھ هن مان سبق ملندو.
    هن موضوع تي مان ڪتاب لکي ٿو سگهان پر ڪنهن جي ڪري ملن کي رعايت آ.
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين سٺي ڳالهه آهي ته اوهان لکڻ جي جسارت ڪئي آهي ، سنڌ سلامت سٺو مقعو فراهم ٿي ڪري ته اوهان پنهنجي معلومات ونڊ ڪيو پر ان جو اهو مطلب ڪونهي ته جيڪا رويت توهان ڪنهن کان ٻڌي سان سڌي ريت بنا ڪنهن تصديق جي ۽ بنا ڪنهن پنهنجي ساڃهه جي جئين جو تئين ونڊ ڪري ڇڏجي...اوهان جي يقينن عقيدت ان هستي سان آهي ۽ تا قيامت رهندي سٺي ڳالهه آهي پر توهان جي ڳالهه ۾ ايڏو وزن ڪونهي چو ته جيڪا اوهان معلومات ونڊ ڪئي آهي ان لا اوهان جي پنهنجي کوجنا مظبوط هجڻ گهرجي پر توهان جي پنهنجي تحقيق ۽ ڄاڻ ڪمزور ٿي لڳي... اوهان لکندا رهو پر پوري معلومات پوري تحقيق ۽ پنهنجي مطالعي ڪرڻ ڱان پو لکو... ڇو توهان ان عظيم هستي بابت ڪا به روايت بيان ڪندئو ۽ اها جيڪڏهن ڪٿي غلط ظاهر ٿي پوي ته ان جو گناهه اوهان تي پوندو ۽ ماڻهن کي جواب ڏِيڻ اوهان کي مشڪل ٿي پوندو..
     
    سعيد عباس ٻرڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سعيد عباس ٻرڙو

    سعيد عباس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊيٽي آهي
    ماڳ:
    خيرپور
    مانوارا سائين منظور ڪلهوڙو صاهب

    تمام بهتر اصلاح پر شايد مون جيڪو لکيو آهي اهو صحيح آهي، ان ۾ متعلق ڪا معلومات گهرجي ته اوهان مونسان رابطو ڪري سگهو ٿا.

    پهرين ڳالھ ته مان مسلمان هجڻ جي بنا تي هي پوسٽ نه ڪئي آهي. ۽ ٻي ڳالھ ته ان پوسٽ ۾ مون ڪنهن شخصيت کي نشانو نه بڻايو آهي توهان مهرباني ڪري ٻيهر پڙهو ۽ پنهنجي اصلاح ڪريو.

    رهي ڳالھ باقي پوسٽ ۽ منهنجي علم جي الله جي مهرباني سان ان وقت تائين عرب توڙي هندو سنڌي انگريز جا 204 ڪتاب پڙهي ويٺو آهيان، جن جو تعلق تاريخ فلسفو ادب سان آهي مهرباني ڪري پنهنجي اصلاح پاڻ وٽ رکو باقي رهيا ماڻهن جا سوال ته مان اوهان جي عليٰ سماعت جي نظر هڪ ڳالھ ڪندو هلان ته سوال هميشه جاهليت ڪندي آهي ۽ جاهليت ئي ان جواب ڏيندي آهي اگر ڪنهن جاهل سوال ڪري وڌو ته مان به پنهنجي جاهليت مان ان جو جواب ڏيندس اوهان جي وڏي مهرباني

    اوهان جو ڀاءُ سعيد عباس ٻرڙو
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو