منهنجي طرفان: ـ 20ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمن بلاول ڀٽي زرداريءَ چواڻي: وفاقي سرڪار، ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ جا حق غصب ڪري رهي آهي جن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۽ ٻين وسيلن ۾ سنڌ جو حصو ڏيڻ بابت نٽ نٽاءُ شامل آهي ـ
    * سيتا سنڌو ڀون، ممبئي ۾ سنڌيت جي تازو 50 سالگرهه ملهائي وئي.....مون کي ياد آهي ته ڪيترا ورهيه اڳ، پروفيسر رام پنجواڻيءَ منهنجي لاءِ اُتي پروگرام رٿيو هو ـ
    * ڀارت ۾ راجستان پبلڪ سروس ڪميشن، 8012 سينيئر استادن مان 4 سنڌي استادن جي ڀرتين لاءِ آن لائين درخواستون گھرايون آهن: حوالو انگريزي اخبار: انديا ٽه ڊ ي ـ
    * ڪيترا سنڌي گوڏي جي سُور بدران ٽنگ ڪپڻ لاءِ تيار يعني ٻين جي ڀيٽ ۾ گھٽ نقصانڪار پاڪستان پيپلز پارٽيءَکي هٽائي وڏي نقصان واري ايم ڪيوايم کي سنڌ اندر اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ تيار آهن ـ ايندڙ چونڊن ۾ مصطفى ڪمال پريس ڪانفرنس ۾ دعوا موجب پي ايس پي (ايم ڪيو ايم) جو وڏو وزير ٿيو ته سنڌ لاءِ ڪيڏو نه هاڃيڪار ٿيندو؟ بي ريا تبصرو ڪريو ـ
    * ڊان ۾ ”ڪراچي ۽ سنڌ“ الڳ سڏڻ خلاف خط موڪليوهوم، خط 10 اپريل 2018 تي ته ڇپيو آهي پر منهنجو نالو روڪي، اصلي شهر نوابشاهه لکيو اٿن ـ ڊان وارا ڪڏهن ڪڏهن نيڪ نيتي سان ائين به ڪندا آھن ته ڪٿي منهنجي لاءِ تڪراري مسئـلو پيدا نه ٿئي ـ اڳ ۾ به، گھٽ ۾ گھٽ 3 يا 4 اهڙا خط ڇاپي چڪا آهن ـ
    * پي ٽِي آءِ، علي جهانگيرصديقيءَ (چون ٿا ته نون ليگ جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ جو بزنيس پارٽنر آهي) جي آمريڪا ۾ سفير طور رٿيل مقرريءَ تي، تجربي نه هئڻ ڪارڻ سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو ۽ سندس ڪرپشن جي جاچ جو به مطالبو ڪيو ـ
    * سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، ڪڻڪ جي پيداوار متاثر، 5 ارب رپين جو نقصان
    * لاڙڪاڻي لڳ شادي تقريب ۾ فائرنگ ڪارڻ حمل واري لوڪ فنڪارا ثمينا سنڌو(سمون)، گولي لڳڻ ڪارڻ اسپتال پھچي دم ڏنو. ملزم طارق جتوئي سوگھوـ قتل ٿيل ڳائڻي جي ڄمار 24 ورهيه هئي، جتوئيءَ کانئس مطالبو ڪيو ته هوءَ سندس لاءِ اٿي بيهي ڳائي، نه مڃڻ تي کيس گولي هنيائين ـ
    * سنڌ ۾ مينهن جي پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ 58 ننڍا ڊيم اڏيا پيا وڃن، 38 مڪمل ٿي چڪا آهن: نثار کهڙي جو سنڌ اسيمبليءَ ۾ اعلان ـ
    * اڳوڻيَ چيئرمن، فشريز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ نثارمورائيءَ سميت 8 آفيسر سوگها، سنڌ هاءِ ڪورٽ ضمانت رد ڪئي ته نيب کين گرفتار ڪيو ـ
    * ڍاڪا: 1971 جنگ ۾ مري ويلن جي وارثن لاءِ، سرڪاري نوڪرين ۾ اڳ رکيل 56 سيڪڙو ڪوٽا خلاف ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ مظاهرو، سو ڦٽيا، هزارن ڌرڻو هنيو ـ
    * اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، وڌيڪ 28 سياسي پارٽيون رجسٽر ڪيون، ڪل انگ 103 ٿي ويو ـ* ٿرپارڪر ۾ ڏڪار جھڙي صورتحال، کوهه سُڪي ويا ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو