عطــائــي ماســتـــر

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    اوهان لفظ ” عطائي ڊاڪٽر “ تہ ضرور ٻڌو هوندو ڇو تہ هر هڪ شهر ۾ ڪجھ نہ ڪجھ تعداد ۾ عطائي ڊاڪٽر دستياب هوندا آهن يا وري نمودار ٿيندا آهن

    عطائي معني بنا ڊگري وارو، يا کڻي ائين چئجي تہ هٿ ٺوڪيو، جڳاڙي، سنئون سڌو ائين تہ ٻہ ڏينهن ڪو ڪم سکي ڪري، بنا ڪنهن قانوني گُهرجن، بنا ڪنهن سرٽيفيڪٽ جي اهو سکيل ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪري تہ پاڻ ان کي عطائي لفظ جي خطاب سان نوازينداسين

    پاڻ هتي ڳالھ ڪنداسين هڪ نئي گروھ جي جيڪي عطائي ڊاڪٽرن کان پوءَ اُڀري ڪري عطائي ماستر جو خطاب حاصل ڪري چڪا آهن

    ادا عطائي ماستر اُنهن کي چئبو آهي جيڪي بنا ڪنهن پروفيشنل ڊگري جي ڪجھ ڏوڪڙن عيوض ڪنهن خانگي اداري ۾ پڙهائن، ڀلي پاڻ انهن کي ڪجھ اچي يا نہ اچي پر انهن جي ڪلهن تي قوم کي سڌارڻ جو ذمو جو عائد ٿيل هوندو آهي

    انهن عطائي ماسترن لفظ استاد جي جيتري قدر هن معاشري ۾ تذليل ڪرائي آهي ايترو شايد ڪنهن ٻي گروھ لفظ استاد جي تذليل ناهي ڪرائي، عطائي استاد ويچارا اڪثر پاڻ مئٽرڪ يا انٽر پاس هوندا آهن، پر پڙهائيندا وري سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جي ڪلاسن کي آهن

    حالانڪ سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جي شاگردن کي پڙهائڻ لاءَ هڪ مڪمل تربيت يافتہ ۽ قابل استاد جي ضرورت هوندي آهي جيڪو پنهنجي سبجيڪٽ جو ماهر هجي، پر ڇا ڪجي ادا، روزي روٽي بہ تہ ڪرڻي آهي نہ، اسان جو ڇا قوم جي ٻارن جي مستقبل سان، اسان کي جي ٻہ چار هزار ملن ٿا تہ واه واه

    قوم ڄاڻي، قوم جي قسمت ڄاڻي …

    ٻارن پڙهن يا نہ پڙهن ان سان اسان جو ڇا وڃي ڀلا ؟؟

    اسان ڪي کپن ڪجھ ڏوڪڙ، جن جي عيوض اسان پنهنجو گذر سفر ڪري سگهون، ڪو سک جو ساه کڻي سگهون، حڪومت تہ نوڪري ڏيڻ کان صفا نبيريون ويٺي آهي، اسان ڀلا پنهنجو بندوبست پاڻ نہ ڪريو تہ ٻيو ڀلا اچي ڪري اسان جي وات ۾ ڄڻ گرھ وجهندو…

    وڏي ڳالھ تہ اها آهي جو هنن عطائي ماسترن جي ڪلاسن ۾ شاگردن جو جهجو تعداد موجود هوندو آهي، هڪ هڪ عطائي ماستر کي پنجاه کان سٺ تائين شاگرد مليل هوندا آهن جن کي هڪ ئي وقت پڙهائڻ يقنن مشڪل هوندو آهي، پر هي يار انهن کي پڙهائيندا آهن

    پڙهائيندا وري ڇا آهن، مڙئي وقت جو گذر پيا ڪندا آهن تہ جئين مهينو پوري ٿي تہ اسڪول جي هيڊ کان پگهار وصول ڪريون، شاگرد ڀلي ڪلاس ۾ راند روند ڪن يا وري حرڪت وغيره ڪن پيا سو ڪن پيا، ڀلا هڪڙو ماڻهو ڪنهن ڪنهن تي ضابطو آڻي، ڪنهن کي سمجهائي

    تعليم جي اصولن مطابق هڪ استاد کي وڌ ۾ وڌ ٽيھ ٻار ڏنا وڃن جن کي اهو هڪ استاد هڪ ئي وقت ڪجھ پڙهائي سگهي يا وري کين ڪجھ سيکاري سگهي، پر هتي انهن عطائي ماسترن وٽ ڪو بہ اصول يا ضابطو ڪارڳر ثابت نہ ٿو ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو