وقت ۽ آڪاش جابدلجندڙ رنگ !

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    457
    ورتل پسنديدگيون:
    600
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    جڏهن زندگيء جي هر موڙ ۽ هر قدم تي ماڻهن جو ميلو گڏ گڏ هلندو هجي ته انسان اهو ئي سمجھندو آهي ته انيڪ ماڻهو مون سان صرف ان ڪري گڏ آهن ته جيئن آئون ڪٿي ڪري پوان ته اهي مون کي هٿ ڏيئي سنڀالي وٺندا ۽ اهي مون کي اول ته ڪرڻ ئي نه ڏيندا پر جيڪر ڪري پيس ته اهي سڀ جا سڀ پتنگن جيان مون تي مڙي مون کي وري اٿاري بيهاريندا پر اها تمام وڏي ڀل هوندي آهي.انهيء گڏ هلندڙ هجوم ۾ اڪثر اهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي رڳو ان ڪري به گڏ هوندا آهن ته اهي ڪنهن کي ڪرندو ڏسن ته اهو ڪهڙي انداز سان ڪري ٿو،انهيء ٺوڪر جي نتيجي ۾ سندس چيلهه ٿي چٻي ٿئي يا سندس سنڌ ٿا ٽٽن،هن جو مٿو ٿو ڌوڙ ٿئي يا سندس لٽا ٿا لٽجن.زندگيء جا لاها چاڙها به اڀ جي رنگن جيان ٿين ٿا.انساني جيون ۽ آڪاش جي منظر ۾ هونئن ته ظاهر ۾ ڪا هڪجهڙائي نظر نٿي اچي پر جيڪر اونهي نظر سان پسبو ته حقيقيت ۾ هڪ وڏي هڪجهڙائي نظر ايندي.زندگي روپ بدلائي ٿي ۽ آڪاش رنگ!زندگيء جا لاها چاڙها به ايترا ئي نرالا آهن جهڙا آسمان جي ڪينواس تي جرڪندڙرنگ! ٻنهي معاملن ۾ هڪ شيء ساڳي آهي سا اها ته نه آسمان جي بدلجندڙ رنگن تي انسان جو ڪو اختيار آهي ۽ نه ئي زندگيء جي هيٺ مٿانهين تي ڪو وس هلي ٿو.آسمان جيان زندگيء ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڏکن جا ڪارا ڪڪر ڇانئجن ٿا.نا اميدين جي انڌوڪار چئني پاسين پکڙجي وڃي ٿي،وقت خوف جي چادر اوڍي وٺي ٿو،دردن جا واچوڙا لڳڻ شروع ٿين ٿا.ڪڏهن خوشين جي برسات ۽ مهر جون بوندون وسن ٿيون ۽ ڪڏهن صاف آسمان جيان زندگيء ۾ دل جي سڪون واري خاموشي هوندي آهي.ان وقت زندگي هڪ هنڌ رڪجي وڃي ٿي،نه مهر ڀريو ڪو مينهن ۽ نه ئي قهر ڀريو ڪو طوفان!جڏهن برسات بعد گھلندڙ ٿڌڙي هير روح کي راحت پهچائيندي آهي ۽ آسمان تي اڀريل ست رنگي انڊلٺ جا رنگ انسان جي جيون ۾ به سمائجي ويندا آهن.محبت جو ڳاڙهو رنگ،آسمان جهڙين بلندين کي ظاهر ڪندڙ نيرو رنگ،اميدن جو ترجمان پيلي روشنيء وارو رنگ،سوچن جي تازگي ۽ ذهن جي ساوڪ کي ظاهر ڪندڙ سائو رنگ،دانائي ۽ روحاني احساسن کي اجاگر ڪندڙ زيتوني رنگ. پر آڪاش جي رنگن ۽ انساني جيون جي ڏيکن ۾ هڪ ٻي شيء به هڪجهڙي آهي سا اها ته ٻئي نظر جو دوکو آهن.آڪاش به ظاهر ۾ ڪڏهن اونهو نيرو ڪينواس معلوم ٿئي ٿو جنهن تي هر پل نئون منظر ۽ نئين مصوري نقش ٿيل نظر اچي ٿي،ڪڏهن وري آڪاش جي ڳاڙهاڻ ان جي نيري ڪينواس تي حاوي ٿيندي محسوس ٿئي ٿي.ڪڏهن ڪڪر ترندا ۽ ترڪندا نظر اچن ٿا ڪڏهن ڪڪرن جي اوٽ مان جھاتيون پائيندڙ روشن سج اداسين ۾ اڙيل ۽ دردن جي ڌٻڻ ۾ داڦوڙا هڻندڙ ڪنهن شخص لاء اميدن جو سنيهو کڻي نروار ٿئي ٿو.ڪڏهن صاف نيري آسمان پويان لڪيل گھاٽا ڪارا ڪارونڀارجيئن زندگيء ۾ پيش ايندڙ ڪنهن مصيبت جي اچڻ جي آهٽ اڳم۾ ئي محسوس ٿيندي هجي.پر سچ اهو آهي ته نه مٿي ڪنهن نيري ڪينواس جو ڪو پختو وجود آهي ۽ نه ئي ان جي جرڪندڙ رنگن جي ڪا حقيقت! جيڪو نقشو اسان کي اها جادوئي مصوري ڏيکاري ٿي اهو نظر جي دوکي سواء ٻيو ڪجهه ڪينهي.اسين اهو ئي ڏسندا آهيون جيڪي ڪجهه اسان ڏسڻ چاهيندا آهيون.پنهنجن سوچن مطابق منظر ڪشي ڪندا آهيون،جيڪر ڪنهن ٻئي جي نظر سان ڏسنداسين ته منظر ڪجهه ٻيو هوندو.ڳالهه سڄي ڏسڻ واري نڪتي جي آهي ۽ جيڪر ڏسڻ جو نڪتو بدلجي وڃي ته ڪافي شين جون حقيقتون خود بخود بدلجي وڃن.زندگيء جو اسٽيج نيري ڪينواس جيان،وقت ڪڪرن جيان،زندگيء جون حالتون تصويري نقشي جيان ۽ اميدن جا ڪرڻا سج جي ڪرڻ جيان آهن پر فرق اهو آهي جو انسان جيڪو آسمان جي بلندين،گھرائين ۽ وسعت جي باري م روزبروز کوجنائون ڪندو ٿو وتي سو پنهن جي زندگيء جي حقيقت کان اڃا اوپرو آهي.زندگيء جي اڻٽر حقيقتن ۾ پهرين حقيقت وقت آهي جنهن تي ڪنهنجو به اختيار ناهي.اهو اهڙي ته نه محسوس ٿيندڙ تيزيء سان گذري ٿو جو ان جو احساس صرف ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اهو هٿن مان هليو وڃي ٿو.جڏهن وقت سان گڏ سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري وڃي ٿو ته انسان رڙ ڪري ٿو ته ”اف! هي ڇا ٿي ويو؟” وقت وڏو بي رحم آهي،اهو ڪنهن سان به وفا نٿو ڪري.وقت هٿان لتاڙيل،ستايل ۽ مٽيء ۾ ملايل عظمتن،شان شوڪت،ٺٺ ٺانگر،غرور ۽ تڪبر جي داستانن مان عبرت وٺڻي هجي ته ڪنهن قبرستان ۾ قبرن تي لڳل ڪتبا ضرور پڙهڻ کپن جن ۾ سمهڻ وارن جي اڪثريت جو زندگيء ۾ اهو گمان هو ته اهي دنيا جي ڪاروهنوار لاء بنهه اڻٽر آهن پر وقت جو سفر انهن سواء اڄ به جاري آهي.سياڻا سموري سچائي سمجھي وقت سان وڙهڻ بدران پنهنجون سوچون بدلائيندا آهن پر حڪمران طبقي جو اهو ازلي الميو رهيو آهي جو اهي طاقت جي جنهن گھوڙي تي سوار ٿي پنهنجن حدن جا سڀ ليڪا لتاڙيندا آهن انهن کي آخر تائين اهو احساس ئي نه ٿيندو آهي ته وقت جو گھوڙو جنهن تي هو سوار آهن اهو انهن جي پنهنجي اختيار ۾ ناهي.انهن جي اندر ڪو بناوتي نقص آهي جونه ڪا نصيحت انهن تي اثر ڪندي آهي ۽ نه ئي تاريخ جي صفحن مان ڪا عبرت حاصل ڪندا آهن. هو سمجھندا آهن ته وقت ۽ حالتون به ٻين شين وانگر سندن غلام آهن ۽ اهي سدائين سندن حق ۾ ئي رهنديون.طاقت ۽ دولت جو نشو انهن کي اکين تي پردا،سندن ڪنن ۾ ڪپهه ۽ سندن سمجھه تي تالا هڻي ڇڏي ٿو.قذافي،هٽلر،مسوليني،صدام حسين،جمال عبدالناصر ۽ شاهه ايران،سميت سڀيئي پنهنجو پاڻ کي ناقابل شڪست هيرو سمجھندا رهيا پر سندن انجام ڇاٿيو؟ڪنهن آپگھات ڪيو ته ڪو ڦاهيء تي ٽنگجي ويو.ڪو نهايت ئي اذيتناڪ موت جو شڪار ٿيو ته ڪنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ ٻه گز زمين قبر لاء نه ملي.سندن منصوبا،سوچون ۽ خواب آسمانن کان به بلند هئا پر سندن منظر تان هٽڻ سان ئي سڀ مٽيء ۾ ملي ويا.وارث جي لاء ٻي شادي ڪئي ويئي،وارث به مليو پر اهو تخت ئي نه رهيو جنهن تي اهو وارث ويهي سگھي.اها آهي وقت جي وير جي بيرحم تيز رفتار جيڪا وقت جي سمورن ڪوڙن خدائن کي پڪاري ياد ڏياري ٿي ته “ اوهين وقت ۽ حالتن تي حڪومت ڪرڻ جون لکين ڪوششون ڪيو پر وقت ۽ حالتن تي ڪنهن ٻئي جي اڪيلي حڪومت آهي،اوهان جي نه!”

    اسان وٽ به ته اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. “ايندڙ واري وري فلاڻي جي! ” اسان جي ان حڪمران طبقي کي به ساڳي غلط فهمي آهي ته انهن جو مٽ يا نعم البدل ٻيو ڪوبه ناهي. پر تاريخ جي عبرتناڪ غلطين،خطرناڪ تجربن ۽ اذيتناڪ نتيجن مان ڪنهن به سبق ناهي سکيو.اهي جيڪي خدا جي زمين کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجھن ٿا انهن کان پهرين چنگيز،هلاڪو، تيمور، سڪندر، دارا ۽ ٻين انيڪ انسانن طاقت ۽ دولت جي نشي ۾ ڌت ٿي اها ئي روش اختيار ڪئي هئي پر اڄ نه انهن جي قبر جو ڪو نشان ڪٿي لڀي ٿو ۽ نه ئي اتي ڪو ڏيئو ٻارڻ وارو آهي.اها طيء ٿيل سچائي اڃا به اسان جي حڪمرانن جي سمجھهه ۾ نٿي اچي ته تاريخ جي صفحن ۾ صرف اهي ئي نالا جرڪن ٿا جيڪي خدا جي خلق سان پرخلوص پيار رکندا آهن.انهن کي تختن ۽ تاجن جي محتاجي نٿي رهي.وقت جي ورتاء کان هروقت ڊڄڻ گھرجي.خوشامدڙين جي ميلي ۾ تيستائين “سڀ ڪجهه صحيح ”واري صدا ئي ٻڌڻ لاء ملندي آهي جيستائين وقت جي وير انسان کي لوڙهي اڪيلو نه ڪري ڇڏي.جيئن ئي وقت ۽ حالتن پاسو ڦيريو ته سڀ ڪجهه ڦريو وڃي. موسمي پکي پنهنجي لاء مناسب موسم جي تلاش ۾ پر پکيڙڻ لڳن ٿا.اوهان انهن کي “ لوٽن” جو نالو ڏيو يا ٻيو ڪجهه پر بيوفائين جي اها ڪهاڻي ازل کان هلي پيئي ۽ ابد تائين جاري رهندي.هن وقت ٿوري نظر ڊوڙايو ته حڪمران پنهنجن ڪرتوتن ۽خوش فهمين جي ڪري وقت ۽ حالتن جي جنهن وڪڙ ۾ اچي چڪا آهن اتي سڏڻ وارو ته هوندو آهي پر سڏ جي جواب ۾ هڪ مڪمل خاموشي،قبرستان واري ڀوائتي خاموشي! ٻاهر جي موسم تي جيڪا خزان ڪرندي آهي سا پنهن جي جڳهه تي پر هتي ته پنهنجن ئي محلن جا ڏيئا جھڪا،ديوارون اداس ۽ اڱڻ ويران ٿي ويندا آهن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اڍيالا جيل جا اڱڻ ٻهاريا پيا وڃن،شايد جيل جو اداس ماحول پنهنجن ڪن “خاص” مهمانن جي آمد جي انتظار ۾ آهي.اڍيالا پنهنجن مهمانن جي آڌرڀاء لاء ضرور آتو هوندو پر انهيء استقبال واري مرحلي تائين پهچندي پهچندي شايد محبت ۽ وفائن جون مٺڙيون ٻوليون ٻوليندڙ اڪثر پکي پنهن جي لاء نون آشيانن جي تلاش ۾ ڪنهن ٻئي پار اڏري چڪا هوندا جو وقت وڏو ظالم آهي۽ وقت جي اهائي ريت رهي آهي.اسان جي نازڪ مزاج شهزادن جي لاء جيڪر اهو ڪو وڏو سانحو هجي ته ان سانحي تي نه ته عوام جو ڇوليون هڻندڙ ڪو سمنڊ اٿلندو ۽ نه ئي خلق خدا جي دلين جي موسم اداس ٿيندي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو