ٻول : منھنجي محبوب کي وڃي چئو سڪ ڏاڍي لڳي آھي

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    منھنجي محبوب کي وڃي چئو سِڪ ڏاڍي لڳي آھي،
    جي رُٺل آ مونسان دلبر تھ ڏيو پرچائي.
    منھنجي محبوب کي وڃي چئو..........


    پنھنجي جاني کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍو بيتاب آھيان،
    ڇو ٿو مجبور ماڻھوءَ کي ھُو ستائڻ چاھي،
    منھنجي محبوب کي وڃي چئو سِڪ ڏاڍي لڳي آھي...


    منھنجي تڙپڻ جو خدارا ڪُجهہ احساس ڪريو،
    آڻيو گڏ پاڻ سان پيارو، ھِي ڪرم فرمائي.
    منھنجي محبوب کي وڃي چئو سِڪ ڏاڍي لڳي آھي..


    نماڻي نور احمد جو اٿؤ ھِي عرض مِٺا!
    جانِي ھڪ ڀيرو مڙوئي جي اچي ڳل لائي..
    منھنجي محبوب کي وڃي چئو سِڪ ڏاڍي لڳي آھي..



    ٻول : نماڻو نور احمد
    آواز : شمن علي ميرالي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو