اڄ تنهنجي هڪ چِٺِي هٿ لڳي !!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    وقت جي بي رحماڻي سلوڪ تي سوچيندي ذهن جا سڀ در بند ٿيو وڃن، دل جي نگري خالي خالي محسوس ٿيڻ لِڳي ٿي، پنهنجي پاڻ کي مصروف عمل رکڻ ۽ ذهن کي ٻي هنڌ منتشر ڪرڻ لاءَ مون شيلف جي اندري خاني کي کولي ڪري انهي منجھ پنهنجي پيار جون رکيل سڀئي ثابتيون ڏسڻ پي چاهيون

    هُون تہ شيلف ۾ انهي پيار مان مليل سڀئي سوکڙين ساڻ منهنجي من جون ڪيتريون ئي آسون ۽ اميدون بہ گڏوگڏ قيد ٿيل آهن، پر پوءَ دل فرمائش ڪئي تہ کين هڪ دفعو وري پسجي

    دل پي چاهيو تہ ڇو نہ دل لڳي جي زماني جي يادن کي تازگي بخشجي، وري انهن پلن کي ياد ڪجي، جيڪي پنهنجي زندگي جا انمول پل ڪوٺيا وڃن ٿا

    ان مقصد سان شيلف منجھ رکيل گلاب جي مرجهايل گُل کي ڏسڻ لڳس، تنهنجي هٿن جي ٺهيل امهل رومال کي ڏسڻ لڳس، تنهنجي هٿان گفٽ ٿيل سنهري رنگ جي واچ ۽ هڪ عدد چاندي منجھ مڙهيل منڊي کي ڪي ئي ساعتون پڻ ڏسندو رهيس

    پنهنجي پيار جون اِهي سڀئي علامتون، منهنجي اڪيلائي جي اڳيان خاموش بڻيون ويٺيون هيون، سڀ جا سڀ مون اڳيان جوابده هئا، ۽ منهنجيون آليون اکيون اُن پراسرار خط کي ڳولي رهيون هيون، جنهن ۾ پنهنجي پيار جا سڀ واعده توڙي وچن، قول توڙي اقرار قلم بند ٿيل هيا

    خط کي تہ ڪاڏي وڃڻو ئي ڪونہ هُو، منهنجي دردن ۾ کيس اڃا وڌيڪ اضافو ڪرڻو هو، ماضي جي يادن کي تازو ڪرڻو هيس، شايد خدا کي بہ اهو ئي منظور هو تہ هڪ فرد پنهنجي سُهانن سپنن جي برباد ٿيڻ جي ڪٿا کي وري ٻيهر هڪ دفعو ورائي ڪري پڙهي، خط شيلف جي ساڄي پاسي کان ڪنڊ ۾ هڪ خاڪي لفافي ۾ ملبوس حالت ۾ مليو

    خط کي ڏسندي ئي منهنجا لنڱ ڪانڊاري ويا، دل ۾ خيال آيو تہ اي ڪاش ! ، جيڪر خط ۾ لکيل هر هڪ لفظ، هر هڪ قول قرار، هر هڪ واعدو وچن، هر هڪ جذبو، هر هڪ اظهار، هر هڪ اميد، هر هڪ آسرو، هر هڪ خواب، جيڪر مشق عنبر سان لکيل هجن ها تہ پوءَ شايد اُهي تڪميل تائين پهچي وڃن ها

    اي قلم
    تو کان ٿي آهي سا هڪ هي خطا
    تو لکيو آهي جو درد جي سا ڪٿا

    شايد انهن جذبن کي تباه ٿيڻ کان پهريان ئي امرتا ملي وڃي ها، اُهي خواب بہ ساڀيان حاصل ڪري وڃن ها جيڪي تو پنهنجي هٿ اکر لکي مون ڏي موڪليا هئا، تنهنجي انهن کليل اکين سان ڏٺل خوابن منهنجي هنن نيڻن مان رات واروي ننڊ هاڻ کسي ڇڏي آهي، منهنجي ذهن کي خواب ڏسڻ جي قابل ئي ناهي ڇڏيو، منهنجو من موئن جو دڙو لڳو پيو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو