1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ذهني صحت ۽ محبت جو مڪسچر.

'صحت سرير جي' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    439
    ورتل پسنديدگيون:
    598
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    بدقسمتيء سان اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۾ هونئن ته عام انساني صحت جي باري ۾به ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي پر خاص طور تي ذهني صحت جي حوالي سان اسان جنهن غفلت،لاپرواهي ۽ بي ڌيانيء جو شڪار آهيون،اها نهايت ئي ڳڻتيء جوڳي صورتحال آهي.جهڙين منجھيل ۽ پريشان ڪندڙ حالتن جو دنيا هن وقت شڪار بڻيل آهي اتي انساني ذهني صحت جو معاملو وڌيڪ سنجيده ۽ قابل ڌيان بڻجي ويو آهي.جهڙيء تيزيء سان انساني قدرن سان گڏ فطري ماحول به متاثر ٿي رهيو آهي،ذهني بيمارين ۾ به اوترو ئي تيزيء سان واڌارو ٿي رهيو آهي.جيڪر ذهني صحت جي متاثر ٿيڻ جي سببن کي هڪ سٽ ۾ بيان ڪجي ته چئي سگھجي ٿو ته ان جو بنيادي سبب روين ۽ ماحول جي گدلاڻ آهي.نارمل رويا هڪڙو مناسب ۽ معياري ماحول جوڙيندا آهن جڏهن ته ايبنارمل ڪردار انهيء معيار کان نابري واري بيهندا آهن.انهيء معيار کان دوريء جي نتيجي ۾ غير رواجي رويا جنم وٺن ٿا ۽ اهڙن متاثر ماڻهن جي ذهن ۽ جسم ۾ اڻ هڪجهڙائي(Conflict) موجود ٿئي ٿو.ذهني صحت جي متاثر ٿيڻ جو هڪ سبب منفي يا ناڪاري سوچ ( (Negativity جو انساني ذهن ۾ پختو ٿيڻ آهي.اهو ئي سبب آهي جو انهن ملڪن ۾ ذهني صحت جي صورتحال نهايت ئي ڳڻتيء جوڳي آهي جيڪي ملڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن ۾ بريء طرح ڦاٿل آهن.ان کان سواء ٻيا به ڪيترا ئي عوامل آهن جيڪي ذهني صحت تي اثر انداز ٿي سگھن ٿا.مثال؛ موروثي اثر،پرورش ۽ تربيت،شخصيت جي نابالغي ( Immature personality)،آس پاس جون حالتون(Surrounded atmosphere) ۽ ماحولياتي گدلاڻ (Pollution)وغيره.
    سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪيئن خبر پوي ته ڪو شخص ذهني طور تي صحتمند (Mentallynormal)ناهي؟ڇو ته عام مرضن جي ڀيٽ ۾ ذهني مرض يا ڪمزوريء جي سڃاڻپ ڪرڻ نهايت ئي مشڪل ڪم آهي.ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا معالج به وقت جي گھٽتائيء سبب معاملي کي صحيح نموني سمجھي نه سگھندا آهن.هڪ قابل ڊاڪٽر ذهني تڪليف جو اندازو مريض جي چرپر،اٿ ويهه،ڳالهه ٻولهه ، روين ۽ زندگيء جي معيار مان لڳائي وٺندو آهي.غيررواجي روين کي(Maladaptive Behaviour) چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ ماحول سان ذهني،جسماني يا عملي اڻ هڪجهڙائيء وارا رويا شامل آهن.اهي رويا ماحول ۾ ڏڦير پيدا ڪن ٿا جنهن سان انسان کي ذهني ۽ جسماني تڪليف ۽ اذيت ٿئي ٿي.حقيقت اها آهي ته ڪنھن جي شخصيت ۾ گھڻي ڳڻتي، اجائي ڪاوڙ،خوف،طبيعت ۾ چلولائي ۽ بيزاري هجي ته ترت معالج سان رابطو ڪرڻ گھرجي.جيڪر ڪنهن سبب جي ڪري ڊاڪٽر تائين پهچي نه سگھجي ته ترت ماحول بدلائڻ گھرجي.اڄ ڪلهه ڪاوڙ ۽ اڳرائيء جا جذبا سماج ۾ عام ٿي ويا آهن ۽ انسان جي رواجي زندگيء جو حصو بڻجي چڪا آهن.بلڪل اهڙي نموني ڳالهه ڳالهه تي شڪايتن جا دفتر کولڻ ، ٻين جي گلا ڪرڻ ۽ ٻيا انساني رويا آهن جيڪي ٻين کي برداشت نه ڪرڻ واري جذبي تي ٻڌل آهن غصو ۽ ڪاوڙ دلي خواهشون پوريون نه ٿيڻ واري عمل جو ردعمل هوندا آهن.ڪنهن انسان وٽ جيئڻ ۽ خوش رهڻ لاء سندس زندگيء ۾ ڪيتري جڳهه موجود آهي يا هو ٻين جي شخصي آزاديء جو ڪيترو احترام ڪري ٿو؟ انهن ٻنهي سوالن جا جواب ڪنهن به شخص جي ذهني صحت کي ماپڻ جي ڪسوٽي آهن.سچ ته اهو آهي جو حقيقتن جي دنيا ۾ مرضيء جو آسمان يا پسند جو اختيار تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب هوندو آهي پر ڪي ماڻهو مضبوط اعصابن جا مالڪ هوندا آهن ،اهي زندگيء جي انهن لاڙن ۽ روين جي تضاد کي سمجھڻ ۽ مناسب نوني جي هلت هلڻ جو ڏانء رکندا آهن ۽ اڪثر پنهن جي ذات کان مٿانهون ٿي سوچيندا آهن. هونئن انسان جي اها فطرت آهي ته هو سدائين پنهن جي ذاتي سک،خوشي ۽ وڻندڙ حالتن جي اميد رکندو آهي پر ظاهر آهي ته حالتون سدائين هڪجهڙيون نٿيون رهن ۽ نه ئي اهي سدائين ڪنهن جي حق ۾ فيصلو ڏينديون آهن. زندگيء ۾ پيش ايندڙ اڻ وڻندڙ شين ۽ واقعن کي رد ڪرڻ يا انهن سان جھيڙڻ جو سبب ئي اهو هوندو آهي جو اسان انهن کي پنهن جي سوچن ۽ اميدن جي عينڪ سان ڏسڻ جا عادي هوندا آهيون.حالتن جي تبديليء جي خواهش رکڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پرزندگيء جي وقتي ناڪامين کي پنهن جو پاڻ تي اهڙيء طرح حاوي ڪري ڇڏڻ جو صحيح ۽ مناسب فيصلي جي قوت ئي مفلوج ٿي وڃي ته اهو رويو بهرحال منفي ئي شمار ڪيو ويندو.تبديليء جي خواهش ۽ ڪوشش سان گڏوگڏ جيڪي ڪجهه غلط يا خراب ٿي چڪو آهي ان کي کليل دل ۽ بلند حوصلي سان قبول ڪرڻ ئي هڪ صحتمند ذهن جي خاصيت آهي.
    انسان جو پنهنجو دشمن سندس ئي ذهن جو هڪ وڏو فتنو “انا جو ڄار” آهي.اها “انا” ئي آهي جيڪا هرڪنهن تي پنهنجو جائز توڙي ناجائز حڪم هلائڻ، ضد، تنگ نظري،هوڏ . حسد ۽ ٻئي کان بدلو وٺڻ جهڙن شخصيت دشمن ناڪاري روين کي جنم ڏئي ٿي جن جي گھٽ ۽ ٻوسٽ ۾ انساني روح جو گلاب ڪومائجي وڃي ٿو.انهيء ۾ شڪ ناهي ته زندگيء ۾ نظم ۽ ضبط جي وڏي اهميت آهي پر نظم ۽ ضبظ جو مظلب اهو ته ناهي جو ٻئي شخص کان سندس ذهني آزادي ۽ ذاتي چرپر جو حق به کسي ڇڏجي!
    جديد تحقيق مطابق ذهني مرضن جي شرح ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي جنهنجي ٻين سببن سان گڏ هڪ وڏو سبب ماحولياتي گدلاڻ کي قرار ڏنو پيو وڃي.هوا جي گدلاڻ زمين جي گولي تي موجود زندگيء لاء وڏو خطرو بڻبي ٿي وڃي.هوا ۾ موجود گدلا ذرا ذهني دٻاء ۾ اضافو ڪن ٿا جيڪي نه صرف وڏين جسماني بيمارين جو سبب بڻجن ٿا پر ذهني بيمارين لاء به رستو کولين ٿا.ڪڏهن ڪڏهن جسماني بيمارين ۾ ورتل مريضن ۾ ذهني دٻاء به حملو ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ جسماني بيماريون وڌيڪ مونجھاري ۽ شدت جو شڪارٿي وڃن ٿيون.جيڪر ڪنهن کي هاء بلڊ پريشر آهي ۽ ان کي تمام گھڻو غصو به اچي ٿو ته اهڙي مريض کي ترت ڪنهن طريقي سان غصي مان جان ڇڏائڻ گھرجي نه ته سنگين نتيجن جو انتظار ڪرڻ گھرجي ڇو ته دل جا مرض جيئن فالج وغيره ڪنهن حد تائين غصي ۽ اڳرائي وارن جذبن جو ردعمل هوندو آهي.

    ٻارن جي تربيت ۾ چند بنيادي روين جي سکيا جو بندوبست ضرور هئڻ گهرجي جهڙوڪ،خود اعتمادي ،سچائي ۽ ٻين کي معاف ڪرڻ وغيره.انهيء کان سواء ٻارڙن کي جسماني ورزش،راند روند ۽ ٻين تعميري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاء ضرور همٿائڻ گھرجي.ٻار جيڪر گھڻو تنگ ڪندا هجن ته سمجھو ته انهن کي سندن ماحول ۾ تبديلي گھربل آهي،وڏي عمر وارن جي ذهني دٻاء جو سبب ٻارن،نوجوانن ۽ ٻين گھروارن جا سندن طبيعتن سان نه ملندڙ رويا هوندا آهن حالانڪ عمر ۽ جسماني تبديلين جي حساب سان اهي رويا فطري ۽ نارمل هوندا آهن پر گھڻا وڏا انهيء کي پنهن جي زندگيء جو روڳ بنائي ويهندا آهن.اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته وڏن کي ئي پنهنجن روين ۽ ڪار وهنوار ۾ وڌيڪ لچڪ ۽ نرميء جي ضرورت هوندي آهي.مائٽن کي پنهن جي اولاد جي تڪليفن ۽ خواهشن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن والدين ٻارن کي مناسب وقت ڏين ۽ انهن سان ويچار ونڊين.ٻار گھڻي حد تائين والدين جو عڪس هوندا آهن.انهن تي والدين جي ظاهري روين کان ويندي سندن اندروني ڪيفيتن جو به اثر ٿئي ٿو.تنهن ڪري حقيقت ۾ پرورش ۽ تريت جو طريقو به ٻارن جي ذهني صحت تي اثرانداز ٿئي ٿو . حد کان گھڻي سختي يا اجائي نرمي به هنن جي شخصيت جو توازن بگاڙي سگھي ٿي.ذهني مرضن سان وڙهڻ لاء انهن بنيادي ڳالهين جو شعور هر ڪنهن لاء ضروري آهي.خاص طور تي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ جعلي پيرن،مڪار عاملن ۽ دوکيباز سنياسي ٻاون جو ڄار وڇايل آهي جيڪي نه رڳو اڻ ڄاڻ مخلوق خدا جا کيسا خالي ڪن ٿا پر ذهني مرضن کي هيڪاري وڌائي ايترو ته گنڀير ڪيو ڇڏين جو ڪڏهن ڪڏهن انهن جو علاج ئي ناممڪن بڻجيو وڃي.انهن ذهني مريضن ۾ اڪثريت اهڙن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هوندي آهي جيڪي خانداني جھڳڙن، غيراخلاقي معاملن، غربت يا وري احساس ڪمتريء جو شڪار بڻجي پنهنجي ذهني صحت متاثر ڪري ويهن ٿا.انهن ۾ موروثي طور منتقل ٿيل بيمارين جا مريض به هوندا آهن.اڻ پڙهيلن کي ڪهڙي ميار ڏجي هتي ته چڱا خاصا پڙهيل لکيل به ذهني طور تي متاثر ٿيندڙ پنهنجي ڪنهن پياري کان يا ته اڻ ڄاڻ رهندا آهن يا وري لاپرواهه!حل اهو آهي ته جيئن ئي ڪنهن شخص جي روين جو تضاد سامهون اچي يا ڪنهن جا انفرادي رويا سندس روزمره زندگيء جي ڪاروهنوار کي متاثر ڪرڻ لڳن يا رواجي لاڳاپن ۽ رابطن ۾ ڦوٽ پوڻ لڳي ته سمجھڻ گھرجي ته ان کي ڪنهن ڏاهي ذهني معالج جي ۽ گڏوگڏ ان کي ٻين جي وڌيڪ ڌيان، وقت،محبت ۽ شفقت جي ضرورت آهي.انهن سمورن منفي روين ۽ رجحانن کي هڪدم ٺيڪ ڪري نٿو سگھجي پر برداشت،سمجھه ۽ مثبت سوچ جي انداز سان ان ذهني انتشار ۽ ڏڦير جو نيٺ خاتمو آڻي سگھجي ٿو.ياد رکڻ گھرجي ته اهڙن مريضن جو همدردي،محبت،شفقت ۽ برداشت کان وڌيڪ اثرائتو ٻيو ڪو درمان ڪونهي.اهڙن ذهني مونجھارن ۽ مسئلن کي غصي،دڙڪن ۽ غيرعقلي روين سان ڪڏهن به حل ڪري نٿو سگھجي. انهن کي حل ڪرڻ لاء صبر ، سمجھه ۽ محبت جو مڪسچر کپي!
    (روزاني عوامي آواز 18 اپريل 2018ع)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو