منهنجي طرفان....22...محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * ڪو به صحافي اخلاق اندر رهي سوال پڇي ٿو ته ان کي هرصورت ۾ موٽ ملڻ گھرجي. جنهن اڳواڻ وٽ جواب ناهي هوندو، سو نئون ناٽڪ رچائيندو آهي، جيئن نصرت سحر عباسي، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ ميمبر پاڪستان مسلم ليگ (ق)، ڌرتي ٽي وي جي شوڪت زرداريءَ طرفان پڇيل سوال جو جواب ڪونه ڏئي سگھي ـ

    * ايم ڪيو ايم پاڪستان بهادرآباد جي ڊپٽي ڪنوينر نويد جميل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ ) جو وس پڄي ته شهري آباديءَ جو ساهه کڻڻ بند ڪري. هن سنڌ اندر نون صوبن ٺاهڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني ـ

    * اليڪشن ويجھي هئڻ ڪارڻ، ايم ڪيو ايم جا گروپ سنڌين خلاف نفرت پکيڙين ٿا، جيئن نويد جميل جو بيان مٿي ڏنل آهي ـ منهنجي خيال ۾ ان جو علاج اهو آهي: چونڊن تائين صبر ڪريو ۽ ضروري ٿي پوي ته کين سڪون سان جواب ڏيو ـ

    * سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري 29 ورهين کان جيل ۾ بند ذهني مريض ڪنيز فاطما کي ٻڌايل موت جي سزا وقتي طور روڪي ڇڏي ۽ 5 ميمبرن جي بينچ وڌيڪ انڪوائريءَ لاءِ ٺاهي ـ

    * آئين موجب نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏي وزير جو فيصلو سرڪاري ڌر ۽ مخالف ڌر کي پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪرڻو آهي، وفاق، ائين ئي ڪيو آهي ته ڪن فيس بوڪ تي کڻي هنگامو کڙو ڪيو آهي ـ

    * مان گذريل 20 ورهين کان هر ڏهاڙي 2 ڪلو گاريون کائيندو آهيان ۽ اهو ئي منهنجي صحت جو اصل راز آهي: نريندر مودي، وزيراعظم ڀارت، برطانيا جي دوري دوران پڇيل سوال جو اهڙو جواب ڏنو ـ

    * هڪ سنڌي صحافي (علي قاضي) سياست ۾ آيو آھي. مان صحافي آهيان سو ماضيءَ ۾ سندس هڪطرفو خيال رکندو آيو آهيان پر ھاڻ هو سياست ۾ آيو آهي، سندس سياسي بيانن تي بحث ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه ليکڪ دوست، نمبر وڌائڻ لاءِ، مون تي مڇرجي پيا آھن ـ

    * ڪيَ اليڪٽرڪ ۽ سوئي گيس نٿا سنڀالي سگھو ته اسان جي حوالي ڪريو؛ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو وفاق کان مطالبو ـ

    * فيس بوڪ وارن جو چوڻ آهي ته منهنجي پوسٽنگس کي 4 لک 40 هزار ڀيرا لائيڪ ڪيو ويو آهي (محمد خان سيال)


    *سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اردو ٻوليءَ کي نظرانداز ڪرڻ بابت اردو ميڊيا جي ڪوڙي خبر جي ترديد، مون ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترجمان جو بيان فيس بوڪ جي گھٽ ۾ گھٽ 7 گروپن تي شيئر ڪيو آهي ـ

    * سال 2013 جي عام چونڊن ۾ نواز ليگ جي ايم پي اي اميدوار شفيع ڄاموٽ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو سون. هاڻ جيڪڏهن فيس بوڪ تي، پ پ پ مخالف سان ڪنهن اهم مسئلي تي اختلاف ڪريان ٿو ته بيشرميءَ سان فتوا ڏين ٿا مان پ پ پ جو ميمبر آهيان جڏهن ته سچائي اها آهي ته مان ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو باقاعدي ميمبر ناهيان ـ (محمد خان سيال) ـ

    * تلخ سچائي: ڪيترن سنڌين جي عجيب سائيڪالاجي آهي، مخالف ڌُر جو ڪو انسان سچ ڳالهائي ته به ان جي ڀرپور مخالفت ڪندا، مطلب ته سچ کي سچ ناهي مڃڻو، ان کي هر حال ۾ ڪوڙ ثابت ڪرڻو آهي ته جيئن ياري دوستي نڀائي سگھجي (محمد خان سيال) ـ

    * مون ساري دنيا گھمي ڏٺي آهي ۽ نوٽ ڪيو اٿم ته حق ۽ سچ جي پٺڀرائيءَ ڪرڻ، ظلم سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ مسڪينن جي واهر ڪرڻ وارا گھڻو ڪري ڪامريڊ هوندا آهن ـ سنڌ ۾ جيڪي “ڪامريڊ” هئڻ جا دعويدار آهن تن جي ڪارڪردگيءَ تي بي ريا تبصرو ڪريو ته بهتر (محمد خان سيال) ـ

    * سنڌ جو گورنر محمد زبير (وفاق جو نمائندو) (سندس چواڻي: نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان آڇ ملڻ تي، ڏهن منٽن اندر نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو) کان سنڌ جي يونيورسٽين جي سربراهه جا اختيار واپس وٺڻ لاءِ وڏي وزير جي پٺڀرائي ڪريو ڇاڪاڻ ته تڪراري گورنر زبير وفاق ۽ نواز ليگ جو ڇاڙتو آهي ـ سنڌ اسيمبليءَ اهڙي ٺهراءُ منظور ڪري سنڌ جي گورنر کي منظوريءَ لاءِ موڪليو هو جنهن ان تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن ڪري اهڙو بل ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو. ٻيو ڀيرو منظوريءَ کانپوءِ، گورنر کي بل رد ڪرڻ جو هاڻ ڪوبه اختيار ناهي رهيو ـ

    * فيس بوڪ تي ڪنهن دوست رٿ ڏني آهي ته هڪ سال لاءِ نگران سرڪار ٺاهي وڃي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هن سنڌ اندر وزيرن جا نالا پڻ ڏنا آهن. منهنجي چنڊڇاڻ موجب، آئين موجب هڪ سال لاءِ نگران سرڪار نٿي ٺاهي سگھجي پر جيڪڏهن آئين ۾ قانوني طور ڦيرڦار ڪري سال جي ڊگھي عرصي لاءِ نگران سرڪار ٺاهجي ته اها خطرناڪ ثابت ٿيندي ۽ وري وزير بڻجڻ لاءِ، جيڪي نالا ليکڪن ۽ صحافين جا ڏنا ويا آهن تن مان ڪيترا ته ڪينسر کان گھٽ ناهن (محمد خان سيال جو تبصرو) ــ

    * پوپ پال کي مارچ مهيني ۾ روم (اٽلي) ۾ ملاقات ڪري سنڌي اجرڪ پيش ڪندڙ، ڪراچيءَ جي ڊينٽل نوجوان بشير، پادري بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي ـ

    * آئيندي وزيرعظم “آزاد” ٿي سگھي ٿو: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي ڊپ (هو اڳ ۾ جاري ڪيل بيانن ۾ پنهنجو نالو ا يندڙ وزيراعظم طور بار بار وٺندو رهيو آهي) ـ

    * سڀ کان وڌيڪ بجلي لاهور ۾ چوري ٿئي ٿي پر اُتي لوڊشيڊنگ ڪانهي: خورشيد شاهه، سربراهه مخالف ڌر، قومي اسيمبلي ـ

    * سپريم ڪورٽ جي بينچ، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف نواز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين خلاف هڪراءِ فيصلو ڏنو ته اهڙي نااهلي ساري حياتيءَ لاءِ آهي ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو