منهنجي طرفان ـ 26 ـ ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * نواز ليگ جا وڌيڪ 3 صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر، سرائيڪي بيلٽ ۾ “صوبي واري محاذ” ۾ شامل ٿي ويا ـ
    * موسمياتي کاتي جي ڊاريڪٽر جنرل غلام رسول ڪراچيءَ ۾ سيمينار ۾ تقرير ڪندي ڄاڻايو ته هن سال سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گھڻو مينهن ڪونه پوندو ـ
    * عالمي مالياتي فنڊ يا ڪنهن ٻئي اداري طرفان جھجھي مالياتي امداد نه ملڻ ڪارڻ، پاڪستان وڏي مالي گھوٽالي وک وڌائي رهيو آهي: هڪ اقتصادي ماهر جي راءِ ـ
    * نااهل خوجا آصف (پرڏيهي وزير)، يو ايَ اي ۾ ڪم نه ڪرڻ باوجود 16 لک رپيا ماهوار پگھار کڻندو هو، 2013 ۾ ٿيل عام چونڊن جي موقعي تي اهڙي آمدني ڊڪليئر نه ڪيائين، سندس جُڙتو اڪائونٽ به پڪڙيو ويو ـ
    * مون ريڊيو پاڪستان سنڌي نيوز ڪراچي، هلال پاڪستان ڪراچي، پي ٽي وي نيوز، پي آءِ ايَ وغيرهه جھڙن ادارن ۾ اهليت جي بنياد تي نوڪريون حاصل ڪري، پوءِ والد صاحب کي نوابشاهه ۾ ٻڌايو ـ منهنجو مرحوم والد محمد بخش سيال، سفارشن کانسواءِ اهليت جي بنياد تي مون کي نوڪرين جي ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ـ جڏهن مونکي ڪراچيءَ ۾ پهريون ريڊيو پاڪستان سنڌي نيوز ۾ نوڪريءَ جو آرڊر مليو ته مون کي سان وٺي ڪراچيءَ آيو هو ڇاڪاڻ ته مان اڳ ڪراچي سکڻي هڪ رات لاءِ گھمڻ آيو هوس: محمد خان سيال ـ
    * پير پڳاري طرفان ڏکڻ پنجاب جي نئين صوبي ٺاهڻ جي پٺڀرائي، گاديءَ جو هنڌ بهاولپور کي بڻائڻ جي رٿ ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو