حضرت علامه ميان غلام محمد مهيسر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد طارق مهيسر طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2018۔

  1. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    حضرت علامه ميان غلام محمد مهيسر

    تحرير: محمد طارق مهيسر

    سنڌ اها عظيم ۽ شاهوڪار ڌرتي آهي جتي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اللّه جا ولي، بزرگ، اولياء ڪرام ۽ انسانيت سان پيار، محبت، امن ۽ ايڪو جو درس ڏيندڙ صوفياء ڪرام جون مزارون ۽ درگاهون آهن. جڏهن به جتي به نفرت،نفاق يا فساد جي هوا گهلي آهي ته اتي هنن صوفي بزرگن پنهنجي قول، فعل ۽ ڪردار سان هميشه پيار ۽ محبت سان ان ناسور کي ختم ڪري سک ۽ سلامتي جي فضا کي بحال ڪيو آهي. اهڙين ئي صفتن جو مالڪ خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ ڪمالديرو جو عظيم بزرگ ۽ عالم حضرت علامه ميان غلام محمد مهيسر به هو. سندس جنم 1248 ھ/1838 ع تي ٽالپر دور ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺ ۾ ٿيو. علامه ميان غلام محمد مهيسرعالم هئڻ سان گڏ فقيه، مفتي، شريعت و طريقت ۽ اهل دل عارف به هو. اهو ئي سبب آهي جو مختلف عقيدن سان سلهاڙيل توڙي عام ماڻھو اڄ به کيس مختلف لقبن ڏاڏا سائين، ڪمالديري وارا سائين، سرور سائين، ٻڌڙا سائين ۽ فقير ڪمالديري وارن نالن سان سڏن ٿا. قد جو وچولو، بت ۾ سنهو، سفيد سونهاري ۽ گهڻو ڪري ٿلهي ڪپڙي مان ٺهيل ڪپڙا پائيندو هو. ڪوشش ڪندو هو ته علم ۽ فقيري ٻنهي کي لڪائي ڇاڪاڻ ته پري پري کان ماڻهو دعا وٺڻ ايندا هئا ۽ پاڻ دعا سان گڏ مهمان نوازي ۽ خدمت به ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ابا منهنجو ظاهري حال فقيري جو ڏسي خوام خواه پيا مونڏي پنڌ ڪيو ۽ پاڻ کي اجائي تڪليف پيا ڏيو.
    نامور ليکڪ پير علي محمد شاھ راشدي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ لکي ٿو ته علامه عالم هو، پر فقير قسم جو علم جي پکتگئ جو پهريون نشان اهو آهي ته انسان جي طبيعت ۾ نرمي ۽ نوڙت پيدا ٿئي. عالم سڏائي ۽ غرور ڪري ته سمجهيو ته پڙهيو آهي پر ڪڙهيو ڪونهي. علامه صاحب کي ڪير ڏسندو هو ته ائين سمجهندو هو گويا ڪو معمولي هاري قسم جو ڳوٺاڻو آهي.
    نامور اديب، محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حامي پنهنجي ڪتاب ”خيرپور جي ميرن جو علم، ادب ۽ ثقافت ۾ حصو“ ۾ لکي ٿو ته مولوي صاحب پنهنجي زماني جو وڏو عالم ٿي گزريو آهي. وقت جا پير، مخدوم ۽ ٻيا عالم کيس وڏي عزت سان ڏسندا هئا. کاڌو گهڻو ڪري ٺڪر جي ٿانو ۾ کائيندا هئا. سندس ڪچهري ۾ ھميشه اللّه ۽ رسول ص جي ڳالھ هوندي هئي.
    علامه ميان غلام محمد مهيسر رح 10 شعبان 1358 ھ بمطابق 25 سيپتمبر1939 ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري هميشه لاء موڪلائي ويو. هر سال شعبان مهيني جي 9 ۽ 10 تاريخ تي سندس ڳوٺ ڪمالديري ۾ عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس سان گڏ سگهڙ ڪچهري ۽ مولودن جي محفل پڻ ٿيندي آهي جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا اديب، محقق، سگهڙ ۽ نعت خوان مختلف اندازن ۾ حضرت علامه ميان غلام محمد مهيسر رح جي زندگي تي روشني وجهندا آهن. تازو 9 ۽ 10شعبان بمطابق 26 ۽ 27 مئي 2018 تي درگاھ شريف ڪمالديري ۾ حضرت علامه ميان غلام محمد مهيسر رح جو ساليانو 82 هون ٻن ڏينهن وارو عرس مبارڪ ٿي گزريو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو