انسانن کي انسان سمجهيو وڃي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2018۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    مزدورن جي عالمي ڏينهن 2 مئي 2012 تي سنڌ يونائيٽيد ليبر ونگ طرفان تي حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزيم ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيل ڪانفرنس کي مهمان خاص جي حيثيت سان سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي خطاب جو اقتباس)


    انسانن کي انسان سمجهيو وڃي

    محمد ابراهيم جويو

    دنيا جي مزدورن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته Workers of the world united, you have to only to lose your chains, and gain the whole world

    “اي دنيا جا مزدورئو پاڻ ۾ ٻڌي ڪريو، توهان کي فقط پنهنجون زنجيرون ٽوڙڻيون آهن ۽ توهان کي سڄي عالم تي حڪمراني ڪرڻي آهي.” اها ڳالهه آهي سا دنيا لاءِ چئي سگهجي ٿي. پاڪستان لاءِ به چئي سگهجي ٿي ۽ سنڌ لاءِ به چئِي سگهجي ٿي اهو مزدورن جو جيڪو نعرو آهي Worker of the world united اي دنيا جا پورهيتو متحد ٿيو. گڏ ٿيو ۽ توهان فقط پنهنجي غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙيندئو ۽ سڄي حڪمرانيءَ جو حق جيڪو آهي سو ڄڻ حاصل ڪندئو. جڏهن پاڻ کي آزاد ڪندئو، آزادي رڳو سياسي آزادي ڪانهي. آزاديءَ ۾ زندگي جا سڀئي سک، سهنج، سلامتيون، خير، اچيو ٿو وڃي. جيڪڏهن آزاد ٿيڻ سان پنهنجي سنڌ جا ماڻهو خير جي زندگي گذاري سگهن، سلامتيءَ جي زندگي گذاري سگهن. هنن جي تعليم، رسم رواج، انصاف ۽ هڪ ٻئي ۾ محبت قائم ٿي وڃي ته اها جيڪا حاصلات ٿيندي،اها حاصلات تاريخ جو هڪڙو وڏي ۾ وڏو انعام سمجهبو. پورهيت رڳو فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جو ڪونهي پر هاري به پورهيت آهي. جيڪو پگهاردار ملازم آهي سو به پورهيت آهي. اهو سرڪاري هجي يا خانگي ملازم هجي. جيڪو پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري ۽ عزت سان گذارو ڪرڻ گهري ۽ خدمت گذاري ڪن ٿا. انهيءَ لاءِ کين جيڪو عيوضو ملي ٿو سو جيڪڏهن صحيح ملي ته اهو وڏي ۾ وڏو زندگيءَ جو اصول ٿي پوي.

    هن وقت اسان جي سامهون جنهن کي سوشلزم ٿو چئجي ان جي ڄڻ پيروي ڪبي. سوشلزم جي اصول ۽ بنياد تي سوويت يونين قائم هئي ۽ جنهن کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان وڏو ڪردار آهي. پاڪستان ٺهيو ئي ان لاءِ هو ته سوويت يونين کي ختم ڪرايو وڃي. اها ڳالهه ، علامه اقبال، جنهن لاءِ چون ٿا ته خواب لڌو هئائين. ان جي تقرير جو حصو آهي. پاٽنا 1933 يا 1932 ۾ مسلم ليگ جي سالياني جلسي ۾ علا مه اقبال پنهنجو صدارتي خطبو پڙهيو هو. جيڪو انگريزي ۾ لکيل آهي. ان ۾ هن چيو هو، ان کي ڌيان ۾ رکي چيو وڃي ٿو اقبال پاڪستان جو خواب لڌو هو.علامه اقبال ڇا چيو هو؟ “پاڪستان ٺهي ٿو ٻن ڳالهين لاءِ، هڪڙِي ڳالهه اها ته اتر اولهه کان جيڪا ڪاهه ٿيڻي آهي هٿيارن جي يا فڪر جي، انهيءَ کي اسين ختم ڪنداسون. ان کان اسان پاڪستان/ هندستان کي بچائينداسون.” اها ڳالهه ڪهڙي هئي؟ سوويت يونين جو جيڪو هو ته سوشلزم جو انقلاب آيو آهي، سرمائيداري نظام کي ختم ڪري. اهو نظام سڄي دنيا ۾ قائم ٿئي. انگريزن توڙي هتان جي سرمائيدارن ۽ زميندارن ۽ جاگيردارن کي تمام گهڻو خوف ۽ خطرو هو ۽ اڃا به خطرو اٿن ته زميندارن، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن خلاف جيڪو انقلاب ايندو، سوشلزم جو، اهو هتي اسان وٽ نه اچي. ان لاءِ جيڪا حڪومت قائم ڪيو ويٺا آهن پاڪستان ۾ سو هڪڙو پنهنجو فرض سمجهن ٿا ته پاڪستان جي ماڻهن کي ايندڙ انقلاب لاءِ تيار ڪرڻ نه ڏجي. پاڪستان جي ماڻهن کي ايندڙ انقلاب جي لاءِ جيڪا تبديلي اچڻي آهي انهيءَلاءِ انهن کي قابو ڪجي ته جيئن ان ۾ حصو نه وٺن. مطلب هيءُ آهي ته هي جيڪو مزدورن جو ڏينهن آهي ان جي آڌار تي اسين فقط هڪڙي ڳالهه گهرون ٿا ته سنڌ جا مزدور، سنڌ جا پورهيت سڀ آزاد ٿين. رڳو سياسي آزادي نه پر سوشل فرِيڊم، سماجي حق سڀني ماڻهن کي ملن. سماجي حقن جو ملڻ معنيٰ ته پورهئي جو معاوضو ٺيڪ ملي. From according to their ability and to all according their labor.

    اهڙو نظام قائم ڪيو وڃي، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ جيئن ته سڀني ماڻهن کي پورهيو ڪرڻ گهرجي. ڪوبه اهڙو ماڻهو نه هجي جيڪو پورهئي کانسواءِ ويٺو ٻين جي پورهئي کي کائي. پر پنهنجي پورهئي تي گذر سفر ڪري. سڀني ماڻهن کان پنهنجي طاقت آهر پورهيو وٺجي ۽ سڀني ماڻهن کي پنهنجي پورهئي جو پورو پورو عيوضو ملڻ گهرجي. ان پورهئي جي عيوضي جا پهريان حقدار پورهيت ۽ مزدور آهن ڇو ته اهي ئي پورهيو ڪن ٿا. هٿ پورهيو محنت. اڄوڪو ڏينهن هڪڙي ڪوشش ۽ ثبوت طور ياد رکيو ويندو ته سنڌ ۾ تبديلي اچي انهيءَ تبديليءَ ۾ سڀني ماڻهن کي پنهنجي پورهئي جو پورو پورو عيوضو ملي ۽ سڀئي ماڻهو پورهيو ڪن. ڪوبه ماڻهو پورهئي کانسواءِ ويٺي، نه کائي. ان کي چئجي ٿو سوشلزم.

    دنيا ۾ سوشلزم قائم ٿيو هو. سوويت يونين قائم ٿي هئي. ان کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ اڃا سوشلزم آهي ۽ هتي به ايندو پر ان کان اڳ ۾ ماڻهن کي پنهنجي سياسي آزادي به گهرجي. سياسي حق به گهرجن جهالت ختم ٿيڻ گهرجي، تعليم هجڻ گهرجي. بي انصافي ختم ٿيڻ گهرجي ماڻهن جا حق قبول ڪيا وڃن انسانن کي انسان سمجهيو وڃي. حيوان طور انسان کي استعمال نه ڪيو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو