زال ڪيئن سمجھي تہ سندس مڙس ڪنھن ٻيءَ جي چڪر ۾ آھي

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2018۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    Top-Signs-your-Partner-is-having-Extramarital-Affair-1.jpg
    ھڪ دوست مٿين موضوع سان لاڳاپيل ھڪ لنڪ موڪلي جنھن ۾ عورتن جي ڪم جون ڳالھيون لکيل ھيون سوچيم ھتي سؤلي سنڌيءَ ۾ مخصتر بيان ڪجن متان ڪنھن جي ڪم اچن يا ڪنھن جو ڪم لاھين ;)

    1. اکيون اکين سان نہ ملائڻ
    اکيون انسان اندر جھاتي پائڻ جي دري آھن. جيڪڏھن اوھان سان اوھان جو ھمسفر اکيون نہ ٿو ملائي تہ سمجھو ھو يقينن ڪجھہ غلط ڪري رھيو آھي جنھن کي نہ تہ صحيح ثابت ڪري پيو سگھي نہ وري لڪائي پيو سگھي.

    2. ظاھري ڏيک ويک ۾ اوچتي تبديلي
    جيڪڏھن ظاھري ڏيک ويک ۽ لباس تي اچانڪ توجہ ڏيڻ لڳي ۽ پاڻ کي گھڻو ٺاھڻ لڳي تہ بہ سمجھو تہ دال ۾ ڪارو آھي

    3. اوھان تي گھڻو مھربان
    جيڪڏھن اوھان جو شريڪِ حيات اوھان تي اچانڪ گھڻو مھربان ٿيڻ لڳي ۽ مھانگا تحفا ۽ وڏي خرچ وارن ھوٽلن تي کاڌا کارائي تہ اھا پڻ ھڪ نشاني چئبي

    4. جڏھن ھو اچانڪ ڳولئي نہ لڀي
    جيڪڏھن ااوھان جو ور وچ وچ ۾ اچانڪ غائب ٿيڻ لڳي ۽ ڪنھن طريقي سان بہ ھٿ نہ اچي ۽ ملڻ تي مطمئن ڪندڙ سبب نہ ٻُڌائي تہ اھا ھڪ يقين نشاني آھي تہ ھو ڪنھن ٻيءَ جي گھيري ۾ آھي

    5. جڏھن فون استعمال ڪرڻ جا انداز بدلجن
    جيڪڏھن ھو فون استعمال ڪندي لڪي ٿو ۽ ھلڪي آواز تي بہ ڌيان سان نوٽ ڪندي ڪال کڻي ٿو ۽ ميسيجز جا جواب ڏي ٿو. ھر ھر موبائل مان شيون ڊليٽ ڪري ٿو تہ اھا بہ ھڪ نشاني آھي.

    6. ھو ٻين عورتن جا مثال ڏي ٿو
    جيڪڏھن ھو ٻين عورتن کي مثالي چئي سندن بي جا تعريف ڪندي اوھان تي تنقيد ڪري تہ بہ چئي سگھجي ٿو تہ معاملو گڙ ٻڙ آھي

    7. برتاءُ ۾ تڪڙي تبديلي
    بنا سبب بخيل ٿيڻ ۽ ڪڏھن خوش ٿيڻ مان محسوس ڪري سگھجي ٿو اھو سڀ ڪنھن ٻي طرف کان ٿي رھيو آھي

    8. رازداري وڌڻ
    جيڪڏھن ھو گھڻيون شيون لڪائڻ شروع ڪري پنھنجي روٽين، اچڻ وڃڻ جا ھنڌ ۽ ٻيا ڪم ڪار تہ بہ چئي سگھجي ٿو ھو ڪجھہ غلط ڪري رھيو آھي

    9. اوھان پاران سمجھڻ
    مٿين نشانين مان بھتر اندازو لڳائڻ اوھان جي پنھنجي ڇھين حس تي آھي. ٿي سگھي ٿو اوھان غلط بہ ھجو ۽ غلط انداز لڳائيندا ھجو.

    (ذاتي نوٽ: ھي سڀ نشانين آڌار انداز آھن جن مان ڪا ھڪ نشاني ھجڻ ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ ڪافي تہ ڪڏھن سڀ نشانيون ھوندي بہ اجائي شڪ ھجڻ جو سبب ٿي سگھي ٿو. تنھنڪري آخري نمبر 9 تي ضرور غور ڪجو)

    http://greatlifezone.com/top-signs-your-partner-is-having-extramarital-affair/
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اهي سڀ بشانيون ته عورتن لا آهن جيڪي مردن کي پڪڙي وجهنديون، جئين مون پئي سمجهيو ته ڪا مردن لا مفيد معلومات هوندي ته اهي ٻي ڪنهن جي چڪر ۾ هجن ته پنهنجي شريڪ حيات کي ڪئين ظاهر ڪري سگهي، يا ان جو اظهار ڪئين ڪري ته هو هاڻ ٻي جي چڪر ۾ آهي...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو