سُڌ سماءُ ـ ـ 03 ـ ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * اختلاف راءِ جو حق، اخلاق اندر سڀني کي ڏيڻ گھرجي پر جيڪي سنڌ جي يڪجھتيءَ جا دشمنن يا انهن جا حامي آهن، تن سان بحث اجايو آهي ـ

    * سنڌ جي تعليم کاتي، گرميءَ جون موڪلون مقرر عام وقت کان اڳ، ڏيارڻ جي سفارش ڪئي، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪولن ۾ موڪلون 14 مئي کان 15 جولاءِ تائين ملنديون ـ

    * وڏو وزير”اندرون سنڌ“ مان چونڊجي هتي حڪمراني ڪري رهيو آهي: ڪي ايم سي جي ميئر وسيم اختر جي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عام جلسي ۾ تقرير ـ

    * گيس ۽ بجليءَ جون ڪمپنيون صوبن جي حوالي ڪرڻ تي ويچار، بيڪار ڪارڪردگيءَ ڪارڻ چُر پر ڪندڙ قرضن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ وفاقي سرڪار ناڪام ـ

    * دبئي جي امير جي ڌيءُ شيخا لطيفا ڪٿي آهي؟ انساني حقن واري عالمي ڪميشن هيومن رائيٽس واچ جو گڏيل عرب امارتن جي اختياريءَ وارن کان سوال؟

    * نوازشريف جو سياسي بار کنيم پر جتيون نه کڻندس، نواز شريف فيصلو ڪري ته پراڻن ساٿين کي گڏ هلڻو آهي يا خوشامدڙين کي ساڻ کڻڻو آهي، پارٽي نه ڇڏيندس ۽ نه ئي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏيندس ـ چوڌري نثار جو فيصلو ۽ پي ٽي آءِ طرفان پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ تي سندن ٿورو مڃيائين ـ

    * ڪراچيءَ ۾ نفرت ۽ خوف جي سياست ڪرڻ جي موڪل نه ڏبي، اسي وارو دور ورجائڻ ڪونه ڏبو: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ـ

    * سنڌ ۾ نئين صوبي ٺاهڻ جي ڳالهه تي تڪليف ڇو ٿي ٿئي؟ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جو ڪراچيءَ ۾ ڪيل عام جلسي ۾ سوال ـ

    * تربيلا ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو ختم، پاڻيءَ جي، سنڌ کي 70 سيڪڙو کوٽ واري رسد جاري

    * جيڪي رٿ ڏين ٿا ٿا ته آئين خلاف جنرل (ر) راحيل شريف 2 ورهين تائين نگران وزيراعظم رهي سي باهه سان کيڏن ٿا ڇاڪاڻ ته نگران وزيراعظم آئين موجب 45 ڏينهن لاءِ هوندو آهي، اهم ڳالهه ته ڪير به ٻن ورهين تائين غيرقانوني وزيراعظم رهندو، سو اقتدار ڇڏڻ جو نالو ڏکيو وٺندو ـ

    * پ پ پ ٻوليءَ جو بل (سال 1972 ۾) آڻي نفرت پيدا ڪئي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳواڻ فاروق ستار(خبر) / جيڪي اهڙي ڪوڙي پرچار ڪن ٿا ته سال 1972 ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ کي ٻه لساني صوبي جو درجو ڏنو هو تن کي اهڙي ڪوڙي پرچار ڪرڻ تي شرم اچڻ گھرجي (تبصرو) ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو