سٺي صحت ۽ عمر وڌائڻ جا پنج طريقا

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺي صحت ۽ عمر وڌائڻ جا پنج طريقا

    سنڌيڪار: نديم لوڌي

    ڪير آهي جيڪو بيمار ٿيڻ چاهيندو؟ بيماري ته نه فقط ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي ٿي پر اها توهان جا کيسا به خالي ڪري ڇڏي ٿي. ان سان توهان جي طبيعت ۾ بيزاري رهندي آهي. ڪنهن ڪم تي دل ناهي لڳندي.
    چوڻي آهي ته ”پرهيز علاج کان بهتر آهي“ ڪجهه بيماريون اهڙيون ٿينديون آهن جن کان اسين بچي نٿا سگهون. پوءِ به ڪجهه اهڙيون تدبيرون ڪري سگهون ٿا جن سان ڪجهه بيمارين جو امڪان يا ته گهٽ ٿي سگهي يا پوءِ بلڪل ختم ٿي سگهي ٿو. اچو ته پنج اهڙن طريقن تي غور ويچار ڪريون جن تي عمل ڪرڻ سان توهان پنهنجي صحت کي بهتر بڻائي سگهو ٿا.

    1.هٿ چڱيءَ ريت ڌوئو:
    ڪيترن ئي صحت جي ادارن مطابق هٿ ڌوئڻ اسان ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهون ٿا. عام طور تي زڪام ۽ فلو ان لاءِ ٿيندو آهي جو اسين ميرن هٿن سان پنهنجي نڪ ۽ اکين کي صاف ڪريون ٿا. انهن بيمارين کان بچڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته توهان ڏينهن ۾ گهڻا ڀيرا هٿ ڌوئو. صحت جي حفاظتي اصولن تي عمل ڪندا ته اوهان ڪيترين خطرناڪ بيمارين کان به بچي سگهندا انهن خطرناڪ بيمارين ۾ نمونيا ۽ دستن جون بيماريون شامل آهن. اهڙين بيمارين ڪري هر سال 20 لک ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجن ٿا. جن جي عمر پنجن سالن کان به گهٽ هوندي آهي. هٿ ڌوئڻ واري معمولي عادت وجهڻ سان ايبولا جهڙين خطرناڪ بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. ڪجهه صورتن ۾ هٿ ڌوئڻ تمام ضروري هوندو آهي مثال طور

    ٽوائلٽ استعمال ڪرڻ کانپوءِ،

    ٻارڙن کي پيمپر بدلائڻ يا کين پيشاب يا ليٽرين ڪرائڻ کانپوءِ.
    • ڪنهن ڦٽ تي ملم پٽي ڪرائڻ کان اڳ ۽ ان کان پوءِ.
    • ڪنهن بيمار ماڻهو سان ملاقات کان اڳ ۽ ان کان پوءِ
    • ڀاڄيون يا گوشت وغيره ڪٽڻ، پچائڻ، کائڻ ۽ ٻين کي ڏيڻ کان اڳ
    • ڇڪ اچڻ، کنگهڻ يا نڪ صاف ڪرڻ کانپوءِ
    • ڪنهن جانور کي هٿ هڻڻ کانپوءِ
    • گند ڪچرو ڦٽو ڪرڻ کانپوءِ
    ياد رکو ته هٿ ڌوئڻ جو مطلب اهو ناهي ته اوهان جا هٿ واقعي صاف ٿي ويا آهن. تحقيق سان خبر پوي ٿي ته جيڪي ماڻهو ٽوائليٽ استعمال ڪندا آهن، انهن مان ڪيترائي يا ته هٿ ڌوئندا ئي ناهن ۽ جيڪڏهن ڌوئيندا آهن ته صحيح ناهن ڌوئندا. ته پوءِ هٿ ڌوئڻ جو صحيح طريقو ڪهڙو آهي؟

    • سڀ کان اڳ نل هيٺان هٿ ڏئي انهن کي چڱيءَ ريت آلو ڪريو ۽ پوءِ صابڻ سان هٿ ڌوئو.
    • هٿن کي چڱيءَ طرح مهٽي گج ٺاهيو، نَنهن صاف ڪريو، آڱوٺو صاف ڪريو، هٿن جي پويان ۽ آڱرين جي وچ واري خال کي صاف ڪريو.
    • گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪنڊن تائين هٿ مهٽيندا رهو.
    • صاف پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.
    • ٽشو يا صاف ٽووال سان هٿ خشڪ ڪريو.
    • اهي سمورين ڳالهيون معمولي لڳنديون آهن پر اهي بيمارين کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۽ ماڻهن کي موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچائي سگهن ٿيون.
    2.صاف پاڻي استعمال ڪريو.

    ڪجهه ملڪن ۾ ماڻهن کي صاف پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پوندي آهي. پر جن ملڪن ۾ صاف پاڻي عام جام ملي ٿو اُتي پڻ ٻوڏ، برسات، پاڻي جو پائيپ ڦاٽڻ يا ٻئي ڪنهن مسئلي ڪري صاف پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اهو هنڌ صاف ناهي جتان پاڻي اچي رهيو آهي يا پوءِ پاڻي کي صحيح ريت ذخيرو نه ٿو ڪيو وڃي ته اهڙو پاڻي پيئڻ سان اوهان جي اندر خطرناڪ جراثيم داخل ٿي سگهن ٿا. ان کانسواءِ اوهان کي دست، مدي جو بخار، ڪامڻ يا ٻي خطرناڪ بيماري ٿي سگهي ٿي. هر سال اٽڪل 1 ارب 70 ڪروڙ ماڻهو دست جي بيماري ۾ وٺجي ويندا آهن. ان جو هڪ وڏو ڪارڻ پيئڻ جو غير معياري پاڻي آهي.

    انهيءَ ڪري توهان کي گهٽ ۾ گهٽ پاڻي بوائل ڪري پيئڻ گهرجي. جنهن سان توهان ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهو ٿا. پاڻي کي هميشه صاف ٿانون يا بوتلن ۾ ڍڪي رکڻ گهرجي. پاڻي جي ٿانون يا بوتلن کي کڻڻ لاءِ اڳ ۾ هٿ ڌوئڻ گهرجن. پيئڻ جي پاڻي ۾ پنهنجا هٿ يا آڱريون نه وجهڻ گهرجن، ائين ڪرڻ سان صاف پاڻي به جراثيم وارو ٿي سگهي ٿو.

    3.کائڻ ۾ احتياط ڪريو:

    سٺي صحت لاءِ ضروري آهي ته اوهان متوازن ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ کائو، ان ڳالهه جو خيال رکو ته اوهان تمام گهڻو لوڻ، سڻڀ ۽ کنڊ استعمال نه ڪريو ۽ هڪ ئي وقت ۾ حد کان وڌيڪ کاڌو نه کائو. پنهنجي خوارڪ ۾ ميوو ۽ ڀاڄيون ضرور شامل ڪريو ۽ ڪوشش ڪريوته اوهان هر ڏينهن ساڳئي غذا نه کائو. ڳاڙهي اٽي واري ماني، اڇي اٽي جي ماني کان وڌيڪ ريشي واري هوندي آهي. اهڙي طرح ڳاڙهي اٽي جي ڊبل روٽي، ٻاٽ، ۽ پاستا، ميدي سان ٺهيل شين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ريشي واريون ۽ غدائيت ڏيندڙ هونديون آهن. ان لاءِ انهن کي خريد ڪرڻ مهل انهن تي لکيل معلومات کي غور سان پڙهندا ڪريو ته جيئن اوهان ڏسي سگهو ته اها ڳاڙهي اٽي مان ٺاهيل آهي يا ميدي مان. پروٽين حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو گوشت واپرايو جنهن ۾ گهڻي چرٻي نه هجي. ان ڳالهه جو به خيال رکو ته اوهان حد کان وڌيڪ نه کائو. جيڪڏهن ممڪن هجي ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو مڇي ضرور کائو. ڪجهه ملڪن ۾ ماڻهو پروٽين حاصل ڪرڻ لاءِ گوشت کانسواءِ اهڙيون شيون به استعمال ڪندا آهن جيڪي اناج سان ٺهيل هونديون آهن.

    جيڪڏهن توهان سڻڀ سان ڀرپور ۽ مٺاڻ واريون غدائون تمام گهڻيون استعمال ڪندا آهيون ته توهان ٿولهه جو شڪار ٿي سگهو ٿا. ان لاءِ شربت پيئڻ بدران پاڻي استعمال ڪريو ۽ مٺن کاڌن جي بدران ميوو استعمال ڪريو. گوشت، مکڻ، پنير، ڪيڪ ۽ بسڪوٽ وغيره به گهٽ کائو ڇو ته انهن ۾ سڻڀ تمام وڏي مقدار ۾ هوندو آهي ۽ کاڌو پچائڻ لاءِ گيهه يا چرٻي استعمال ڪرڻ کان بهتر آهي ته توهان ڪوبه سٺو تيل استعمال ڪريو.

    کاڌي ۾ تمام گهڻو لوڻ استعمال ڪرڻ سان بلڊ پريشر وڌي سگهي ٿو، جيڪو تمام خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن توهان ان مرض ۾ وٺجي ويا آهن ته پنهنجي کائڻ ۾ لوڻ جي مقدار گهٽ ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان پيڪيٽ وارو کاڌو استعمال ڪندا آهيو ته ان جي ليبل تي لوڻ جي مقدار ضرور چيڪ ڪندا ڪريو.
    ڀاڄيون گهڻو ڪري ڀاڻ وسيلي پوکيون وينديون آهن انهن کي استعمال ڪرڻ کان اڳ چڱيءَ طرح ڌوئي وٺندا ڪريو.
    رڌيل کاڌي کي اهڙي هنڌ يا پليٽ ۾ نه رکو جتي توهان اڳ ئي بيضا، ڪچو گوشت يا مڇي رکندا آهيو. ان هنڌ يا پليٽ کي چڱيءَ ريت ڌوئي وٺو.
    کاڌو ان وقت تائين رڌيو جيستائين چڱيءَ ريت ڳري نه وڃي. جيڪڏهن توهان کاڌو هڪدم نه ٿا کائو ته ان کي فرج ۾ رکي ڇڏيو.
    جيڪڏهن توهان جي ڪمري جو گرمي پد 22 ڊگري آهي ۽ کاڌو 2 ڪلاڪن تائين ڪمري پيو آهي ته ان کي ڦٽي ڪري ڇڏيو، پر جيڪڏهن گرمي پد 32 ڊگري سينيٽي گريڊ آهي ته پوءِ ان کي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ئي ڦٽي ڪري ڇڏيو.

    4.پابندي سان ورزش ڪريو.

    توهان جي عمر ڀلي ڪيتري به هجي، صحت مند رهڻ لاءِ پابندي سان ورزش ڪرڻ ضروري آهي. اڄڪلهه ڪيترائي ماڻهو ايتري ورزش ناهن ڪندا جيتري سندن لاءِ ضروري آهي. ورزش ڪرڻ ايترو اهم ڇو آهي؟ ورزش ڪرڻ سان…

    ننڍ ايندي آهي.جسم لچڪدار ٿيندو آهي. هڏيون ۽ جوڙ مضبوط رهندا آهن. وزن گهٽ ٿيندو يا مناسب رهندو آهي. ڊپريشن ٿيڻ جو خطرو گهٽ رهندو آهي.ننڍي عمر ۾ مرڻ جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي.

    ورزش نه ڪرڻ ڪري:

    دل جي بيماري ٿي سگهي ٿي، شگر ٿي سگهي ٿي، بلڊ پريشنر وڌي سگهي ٿو. ڪوليسٽرول وڌي سگهي ٿو.

    توهان کي پنهنجي عمر ۽ صحت مطابق ورزش ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ ڪابه نئين ورزش شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڊاڪٽر کان صلاح وٺڻ گهرجي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻارن ۽ نوجوانن کي هر ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ راند روند ڪرڻ گهرجي. بالغن کي هر هفتي ۾ اڍائي ڪلاڪ هلڪي ورزش يا پوءِ سوا ڪلاڪ سخت ورزش ڪرڻ گهرجي.

    اوهان ورزش جي طور تي ڪنهن راند جي پڻ چونڊ ڪري سگهو ٿا. مثال طور باسڪيٽ بال، ڪرڪيٽ يا فٽ بال وغيره. توهان ڊوڙي به سگهو ٿا. تيز تيز هلي به سگهو ٿا يا پوءِ سائيڪل هلائي سگهو ٿا. پر هلڪي ورزش يا سخت ورزش ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هلڪي ورزش اها ٿيندي آهي جنهن سان توهان کي پگهر اچي پر ان وچ ۾ توهان ٻين سان ڳالهه ٻولهه به ڪري سگهو ٿا جڏهن ته سخت ورزش ۾ ايئن ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي.

    1. ننڊ پوري ڪريو:
    عمر وڌڻ سان گڏوگڏ اسانجي ننڊ جي مقدار پڻ بدلجندي رهندي آهي. نئون ڄاول ٻار ڏينهن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ سمهندو آهي، هڪ کان ٽي سالن جو ٻار 14 ڪلاڪ سمهندو آهي ۽ ٽن کان چئن سالن جو ٻار 11 کان 12 ڪلاڪ سمهندو آهي. اسڪول ويندڙ ٻار گهٽ ۾ گهٽ 10 ڪلاڪ، نوجوانن کي تقريبن 9 کان 10 ڪلاڪ ۽ وچين عمر وارن کي 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ جي ضرورت هوندي آهي.

    اسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته ڪيترا ڪلاڪ ٿا سمهون، ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي. ماهرن مطابق ڀرپور ننڊ ڪريو

    ٻارن ۽ نوجوانن جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي، نيون ڳالهيون سکڻ ۽ ياد رکڻ لاءِ ضروري آهي، هارمونز جي توازن کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي، جيڪي اسانجي وزن ۽ جسم ۾ خوراڪ کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي عمل تي گهڻو اثر وجهن ٿا.دل جي صحت لاءِ بيمارين کان بچڻ لاءِ ضروري آهي.

    ننڊ جو پورو نه ٿيڻ ٿولهه، ڊپريشن، دل جي بيماري، شگر ۽ ٻين بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ان سان ظاهر ٿيندو آهي هت ڀرپور ننڊ ڪيتري اهم آهي.

    جيڪڏهن توهان کي محسوس ٿئي ٿو ته توهان جي ننڊ پوري نٿي ٿئي ته توهان ڇا ڪري سگهو ٿا؟

    هر ڏينهن سمهڻ ۽ جاڳڻ جو هڪ وقت مقرر ڪريو. سمهڻ وقت پنهنجي ڪمري ۾ خاموشي ۽ اونداهه ڪريو. ڪمرو ٿڌو يا وڌيڪ گرم نه هجي. بستر تي ليٽڻ کانپوءِ ٽي وي نه ڏسو يا موبائل فون وغيره استعمال نه ڪريو.بستري کي جوڳو بڻايو بڻايو. سمهڻ کان اڳ وڌيڪ کاڌو نه کائو ۽ چانهن، ڪافي يا ڊرڪ نه ڪريو.جيڪڏهن انهن سڀني صلاحن تي عمل ڪرڻ کان پوءِ به اوهان کي رات جو سٺي ننڊ نٿي اچي يا ڏينهن ۾ تمام وڌيڪ ننڊ اچي ٿي يا ننڊ ڪندي ساهه ۾ تڪليف ٿئي ٿي ته پنهنجي ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.

    عوامي آواز سنڊي ميگ تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو